برسات سبب سنڌ ۾ تاريخي تباهي ۽ تاريخي بي حسيءَ!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]گذريل 20 ڏينهن کان سڄي سنڌ برسات جي پاڻي، سم نالن شاخن، واهن، ڪئنالن ۽ ڍنڍن کي پيل گهارن جي ڪري سڄي جل ٿل ٿي ويئي آهي. سنڌ جو ڪو به پاسو ۽ ڪنڊ اهڙي نه بچي آهي جيڪا برسات ۽ ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻي متاثر نه ٿي هجي، سنڌ جا روڊ رستا، گهٽيون، فصل، گهر ميدان سڀ پاڻيءَ جي هيٺ اچي ويا آهن. سڄي سنڌ ۾ بچاءَ بند، ريلوي لائين جا ٽريڪ، واهن، ڪئنالن جا ڪنارا ئي اهڙا هنڌ آهن جتي برسات متاثرن پناهه ورتي آهي، سنڌ ۾ 99 سيڪڙو ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. روڊ رستا ۽ اچ وڃ جا ذريعا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، روڊن رستن، کي ڪٽ اچڻ، پليون لڙهي وڃڻ جي ڪري روڊ رستا ناڪاره بڻجي ويا آهن ريسڪيو ٽيمون محدود ۽ گهٽ هئڻ جي ڪري اهي ماڻهن کي ٻڏي ۽ تباهه ٿي ويل گهرن مان ڪڍي نه سگهيا آهن ۽ متاثر ماڻهو پنهنجي ڊهي پيل گهرن جي ملبي تي يا پڪن گهرن جي ڇتين تي پناهه ورتي آهي. اهڙن متاثرن جي آسپاس هڪ سئو ڪلوميٽرن تائين جڏهن پاڻي موجود آهي ته آخرڪار اهي ڪيڏانهن ويندا؟ هر پاسي ٻوڏ جو پاڻي سندن رستو روڪي بيٺل آهي ٻوڏ متاثر پنهنجي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي زندگي بچائڻ لاءِ انتهائي پريشاني ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ فوج جي ريسڪيو ٽيمن جا رستا ڏسي رهيا آهن. کاڌ خوراڪ کٽي وڃڻ، صاف پاڻي نه هئڻ جي ڪري لکين ڦاٿل ماڻهن جي زندگي داءَ تي لڳل آهي ڪيترا اهڙا به لاڏائو ماڻهو آهن ۽ اهي اهڙن هنڌن تي ڦاٿل آهن جتي نه ڳوٺ آهن نه شهر ۽ نه امدادي ٽيمون. ڪروڙين متاثر ماڻهو جن وٽ هڪ ويلي جيترو اٽو ۽ چانور به نه آهن ۽ نه ٻارڙن جي لاءِ کاڌو آهي ۽ نه جانورن جي لاءِ چارو آهي سنڌ جا ماڻهو تاريخ جي انتهائي بدترين دور مان گذري رهيا آهن ته سڄيءَ سنڌ جا ماڻهو هڪ ئي وقت سڀ جا سڀ متاثر آهن سڀني ماڻهن کي هڪجهڙي تڪليف آهي سڀني ماڻهن وٽ کاڌ خوراڪ جي هڪ جهڙي کوٽ آهي جن ماڻهن جو سڀ ڪجهه برسات ۽ ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويو آهي ۽ اهي امدادي ڪئمپن ۾ حڪومت جي آسري تي ويٺا آهن ته ٻيا اهڙا به ماڻهو شهرن ۾ موجود آهن جن جا گهر ته پڪا آهن پر گنديون ناليون ۽ نالا ابتا وهڻ جي ڪري انهن جي گهر ۾ گٽرن جو پاڻي گوڏي جيترو بيٺل آهي. واٽر سپلاءِ جو پاڻي اچڻ بند ٿي ويو آهي. بجليءَ جا ٿنڀا ۽ پول ڪرڻ سبب اٽي پيهڻ ۽ ڇڙهائي جا ڪارخانا بند ٿي ويا آهن، دوڪانن ۽ مارڪيٽن مان اٽو ۽ چانور اڻلڀ ٿي ويا آهن، سايون ڀاڄيون ۽ کير ناپيد ٿي ويو آهي. روڊ رستا تباهه ٿي وڃڻ جي ڪري ننڍن وڏن شهرن تائين رسد پهچڻ بند ٿي ويئي آهي. دوائون کٽي ويون آهن اسپتالون ۽ اسڪول ٻوڏ متاثرن سان ڀرجي ويا آهن. تعليمي سلسلو بند ٿي ويو آهي سڄي سنڌ جي سڀني کاتن جو انتظام منجمند ٿي رهجي ويو آهي. روزانو 40 کان 50 ماڻهو مري رهيا آهن جن جي لاءِ ڪفن حاصل ڏکيو ٿي پيو آهي قبرستانن ۾ پاڻي ڀرجڻ جي ڪري ماڻهو پورڻ مسئلو بڻجي ويو آهي. ماڻهو دفنائڻ لاءِ به ٻيڙين تي 50،50 ميل پري وڃي مٿانهين جاين تي ميت دفنائي رهيا آهن، لکين ماڻهو مليريا، تيزبخاري، گيسٽرو، ڊائريا، جهڙين موتمار بيمارين جي ور چڙهيل آهن انهن سڀني ماڻهن کي هڪ ئي وقت دوائون ۽ ڊاڪٽر مهيا ڪرڻ سنڌ حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي. جيستائين ٻيا صوبا سنڌ ۾ هزارين ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون، نرسون ۽ ٻيو طبي عملو نه موڪليندا ته سنڌ جا ماڻهو تڙپي تڙپي لاوارثن بڻجي مري ويندا ڏاڍو ڏکيو وقت سنڌ جي ماڻهن جي مٿان گذري رهيو آهي جيڪو ڪنهن قيامت کان گهٽ نه آهي.

    جيستائين وفاقي حڪومت، فوج سنڌ ۾ ريسڪيو آپريشن جنگي بنيادن تي نه ٿي ڪري ۽ فوجي ڊاڪٽرن جون رضاڪاراڻي نموني خدمتون انجام نه ٿا ڏين يا عالمي برادري ڊاڪٽرن، دوائن، کاڌ خوراڪ، صاف پاڻي، ڪمبلن جو بندوبست ترت بنيادن تي نه ٿي ڪري ته پوءِ لکين ٻوڏ متاثرن کي تڙپي تڙپي مرڻ کان ڪير به بچائي نه ٿو سگهي.

    هن وقت تائين فوج جي طرفان ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ وارو آپريشن بهتر نموني نه ٿي سگهڻ پڻ اچرج جوڳو ۽ سواليه نشان ٿي ويو آهي؟. سڄي سنڌ تباهيءَ جي آخري ڪنڌيءَ تي اچي پهتي آهي تنهن جي باوجود اڃا تائين فوج جا ادارا متاثر ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ اڃا تائين پنهنجا فرض پورا ڇو نه ڪري رهيا آهن؟ آخر اڃا تائين ڪنهن جو انتظار ڪيو ٿو وڃي ۽ اڃا وڌيڪ ڪيتري تباهيءَ جو انتظار ڪيو ويندو؟. انتهائي سخت حالتن ۾ اين جي اوز ۽ عالمي ادارن کي ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ڪرڻ ۽ کين موت جي منهن ۾ ڌڪڻ ڇا ٿو ظاهر ڪري!، ڇا حڪمران سنڌين جي نسلي ڪشي ڪرائڻ جو انتظار ڪن پيا؟ جڏهن سنڌين جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو ڪروڙين ماڻهن جي زندگين کي خطرو لاڳو ٿي ويو انهيءَ کان پوءِ گڏيل قومن کي امداد جي اپيل ڪئي وئي آهي. ڇا يو اين او کي اپيل ڪرڻ ۾ دير ڪوتاهي نه آهي؟ اسين سمجهون ٿا ته جيستائين عالمي برادريءَ جي امداد پهچندي تيستائين هزارين ماڻهو آخري هڏڪيءَ کي پهچي چڪا هوندا!!.

    سنڌ جي ماڻهن جا لاش سم نالن، ڪئنالن ۾ وهندي ڏٺا ويا آهن ۽ روز به روز ماڻهن جي لڙهڻ، ڀتيون ڪرڻ ۽ گيسٽرو ۽ ڊائريا وگهي ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو انتهائي تيزي سان جاري آهي ٻوڏ متاثرن جا پنهنجي تباهي ۽ پنهنجي پيارن جي مرڻ تي روئي روئي سندن ڳوڙها سڪي ويا آهن. هاڻي سندن سڏڪا به ساٿ ڇڏي ويا آهن.

    سنڌ جو عوام عالمي برادري ۽ پاڪستان جي حڪمرانن کان پڇڻ چاهي ٿو ته ڇا سنڌ جي ماڻهن کي تباهي کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ رٿابندي نه ڪرڻ ڇا قومي ڏوهه نه آهي؟ ماڻهو انسان نه آهن؟ يا سنڌ هن ڌرتيءَ جي گولي جو حصو نه آهي؟ انسانيت جي نالي تي ۽ دهشت گرديءَ ختم ڪرائڻ جي نالي تي ته سڄي عالمي دنيا، نيٽو، ايساف ۽ گڏيل قومون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي وڃن ٿا پر سنڌ جي انسانن جون زندگيون بچائڻ ڇا سندن ايجنڊا ۾ شامل نه آهي؟.سنڌ جي ماڻهن هر وقت عالمي برادريءَ جو ساٿ ڏنو نيٽو، ايساف ۽ آمريڪا کي پنهنجا بندرگاهه، بغير ڪسٽم جي ڪليئرنس، روڊ رستا ۽ جنگي سامان پيٽرول کاڌ خوراڪ جي رسد لاءِ راهه ڏني آهي ته پوءِ ڇا سنڌ جا ماڻهو ايتري جا به حقدار نه آهن؟ ته انهن کي کاڌ خوراڪ، ڪمبل دوائون ڏنيون وڃن؟.

    افسوس انهيءَ تي به ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ کي پهتل کربين ڊالرن جي نقصان لاءِ وزيراعظم ٻين صوبن کي صرف ٻن ٻن ڪروڙن جي امداد جي اپيل ڪئي آهي جڏهن ته وفاق طرفان ڪنهن به امداد جو اعلان نه ڪيو ويو آهي آخر ڇو؟.

    ٻين صوبن ۽ شهرن جي لاءِ ته اربين رپين جا اسپيشل پئڪيج آهن پر سنڌين جي شديد ترين تباهيءَ کي ڏسڻ جي باوجود به آخر اهڙي سرد مهري ۽ بي حسيءَ جو مظاهرو ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ آخر سنڌ جي عوام ڏانهن وفاق جا ڪهڙا پراڻا پلاند آهن جيڪي ورتا پيا وڃن؟. بينظير انڪم سپورٽ، زڪوات کاتو، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ، بيت المال جا اڳواڻ ڪاٿي غائب ٿي ويا آهن؟.

    پاڪستان جي سياسي پارٽيون، قومپرست، مذهبي پارٽيون ۽ انهن جا ڪارڪن ڪيڏانهن غائب ٿي ويا آهن؟ اهي متاثرن جي امداد لاءِ ٻاهر ڇو نه ٿا نڪرن. پيپلزپارٽيءَ جا ڪارڪن ۽ چونڊيل نمائندا ڪاٿي آهن؟.

    اهي پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي واهر ڇو نه ٿا ڪن. سنڌ ڪارڊ جي مالڪي ڪندڙ آخر برسات متاثر سنڌين جي مالڪي ڇو نه ٿا ڪن؟. سنڌ ۾ آيل تباهي جي امداد سنڌ حڪومت جي وس ۽ اهڙن متاثر ماڻهن جي بحالي وفاقي حڪومت جي وس کان ٻاهر آهي. انهيءَ ڪري هاڻي عالمي برادري ۽ گڏيل قومن تي ذميواري اچي ٿي ته سنڌ ۾ آيل هن صديءَ جي وڏي تباهي ۽ برباديءَ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي ڪن ۽ سنڌ جون حياتيون بچائين ۽ سندن بحالي لاءِ قدم اڳتي وڌائين.
    [/JUSTIFY]

    )عوامي آواز)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو