[JUSTIFY]زنده دلان لاهور، پنهنجي نرالي ۽ انوکي طرز حيات آڌار ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ضرور ڪندا رهندا آهن، جنهن کي ڏسي زبان تي بي اختيار ”واهه جي واهه! جيوندي رهو..!“ جا ٻول جاري ٿي ويندا آهن، حسن، عشق، رومان، بهادري ۽ بيباڪي جا دلفريب منظر ئي هن شهر جو اصل تعارف هجن ٿالاهورين لاءِ اهو پڻ مشهور آهي ته خوشين جا جشن ملهائڻ لاءِ ته اهي ماڻهو موقعي جي تلاش ۾ هوندا آهن، پر ڪاوش 09 سيپٽمبر 2011ع واري اشاعت ۾ لاهور شهر جي هڪ عدالت ۾ ٿيل زوهيب اطهر ۽ عاصمه رياض جي شادي جو احوال پڙهي دماغ دنگ رهجي ويو ته عاصمه رياض پنهنجي ڪلاس فيلو زوهيب اطهر سان عدالت جي احاطي ۾ ئي شادي ڪري ڇڏي حالانڪه گهوٽ کي پوليس مقابلي جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا آيل آهي، هن منفرد نڪاح کانپوءِ توڻي جو کارڪون به ورهايون ويون پر ڇاڪاڻ ته نه ئي ”شگنان دي مهندي“ نه ”مايون“ يعني ”ونواهه“ جي ڪا تقريب ٿي، نه ئي ”اسان چڙيان دا چنبا وي. بابل اسان اُڊ جاڻان!“ جهڙي ڏکاري وداعي جي ڪنهن گيت جي جهونگار ٻڌڻ ۾ آئي اُن ڪري آئون هن خط وسيلي فن ۽ ثقافت جي حوالي سان لاهور جي سڃاڻپ تسليم ڪئي ويندڙ شخصيت ميان يوسف صلاح الدين کي گذارش ڪريان ٿو ته هو عدالت سڳوري کان اجازت وٺي لاهور جا فنڪار خاص ڪري نصيبو لال، سائره نسيم، عارف لوهار وغيره، ساڻ ڪري لاهور جي هن منفرد گهوٽ ڪنوار جي مان ۾ هڪ خوشين جي محفل منعقد ڪري دنيا تي ثابت ڪري ته سر سيد احمد خان حق تي لاهور کي ”زنده دلان جو شهر“ قرار ڏنو هو، بهرحال هن شادي جو احوال پڙهڻ بعد ئي پنجابي ادب جي اها جڳ مشهور ”ٻولي“ سمجهه ۾ آئي جنهن ۾ هڪ ”ماجهي دي جٽي“ وڪيل کي چوي ٿي ته: ”نيلي گهوڙي وي وڪيلا تيري... جي پهلي پيشي يار ڇُٽ جائي“ يعني ”وڪيل صاحب اها منهنجي نيري رنگ واري گهوڙي ائين سمجهه اوهانجي، جيڪر منهنجو يار پهرين شنوائيءَ تي آزاد ٿي اچي“.[/JUSTIFY] ذوالفقار خاڪي/حيدرآباد (ڪاوش)