• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جامع مسجد ٺٽو

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
جامع مسجد ٺٽو ( جنهن کي شاهجهاني مسجد به چوندا آهن) کي مغل بادشاھ شاھجهان 1647_49 جي وچين عرصي ۾ ٺهرايو. هن مسجد ۾ 93 قبه آهن۽ مسجد کي اهڙي نموني ڄوڙيو ويو آهي جو امام صاحب جو آواز بغير ڪنهن مواصلاتي آلي جي جي سڄي مسجد ۾ ڳونجي ٿو . جامع مسجد جي بناوٽ ۽ سيڄ هن کي ٻين مسجدن کان نمايان مقام ڏياري ٿي . عمارت جا قبه تعمير جي حسين شاهڪار منجهان آهن پر وقت گذرڻ سان هن کي گهڻو نقصان رسيو آهي .
حوالو ورتل . وڪي پيڊيا




 
جواب: جامع مسجد ٺٽو

بهترين شيئرنگ آهي۔

جامع مسجد ٺٽو سچ ته عمارت سازي جو هڪ عاليشان ۽ بي مثال نمونو آهي۔ مونکي ياد آهي ته اسان جڏهن 2002 ۾ ويا هئاسون ته ماکيء پڻ اتي ڇت ۾ پنهنجو مانارو ٺاهيو هو۔ مغل دور جي حسين ۽ عالشان عمارتن مان هڪ عمارت آهي۔​



24828_1427023913823_1179567033_31315430_3019466_n.jpg


Shah%20Jehan%20Mosque%20in%20Thatta%20-%20Pakistan.jpg


4262354585_46bd9ee579.jpg


P1018675.JPG


101_domes_Shah_Jhan_Mosque_Thatta_Pakistan_31_March_2010.jpg


4132574675_6473493d71.jpg
 
جواب: جامع مسجد ٺٽو

مغل بادشاھ شاھجهان جي عجوبن مان جامع مسجد ٺٽو به هڪ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام سٺي تاريخي معلومات ڏني اٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سليمان وساڻ مسجد جون خوبصورت تصويرون شئي ڪري موضع کي لاجوب ڪري ڇڏيو آهي

بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: جامع مسجد ٺٽو

ماشآء الله تمام خوبصورت مسجد آهي هي مسجد سنڌ جي بهترين مسجدن ۾ شمار ٿئي ٿي سائين افتخار ۽ سائين سليمان جن جي مهرباني جن پاڻ هن مسجد جون تصويرون ۽ وڊيو شيئر ڪري انهن دوستن کي گهر ويٺي ديدار ڪرايو جيڪي هن وقت تائين سنڌ جي هي تاريخي مسجد نه ڏسي سگهيا آهن۔
 
جواب: جامع مسجد ٺٽو

ادي سليمان اوهان جي وڏي مهرباني ، اوهان جون لڳايل تصويرن مضمون کي اڃان به وڌيڪ سهڻو بڻائي ڇڏيو آهي ،
دوست عرس پريو صاحب ۽ ادا رحيم بخش جي پڻ وڏي مهرباني جو مضمون پسند ڪيو اٿن ،
 
Back
Top