انسان ظالم ۽ جانور معصوم، مغرب جو ٻٽو معيار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏11 سيپٽمبر 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY][JUSTIFY][JUSTIFY][JUSTIFY]
    توهان ”معصوم انسان هڪ خونخوار جانور جي هٿان مارجي ويو“ جون خبرون ته بيحد ٻڌيون هونديون، يقينن اهڙيون خبرون روز ملن ٿيون پر مغرب ۾ وري قصو ابتو ٿو ڏسڻ ۾ اچي، اتي ”هڪ معصوم جانور خونخوار انسان جي هٿان زخمي ٿي پيو“ جي خبر به ڇپجي ٿي، ڪيس ٺهي ٿو ۽ اسان کي يقين به ڪرڻو پوي ٿو۔۔ اها آهي مغربي معاشري جي ۽ مغربي ميڊيا جي ڪارستاني، جيڪي ڀلي تيلي کي ٿنڀ ٺاهين يا وري جيئري جاڳندي حقيقي شئي جو انڪار ڪن۔۔۔۔
    جتي هزارين مسلمانن جي قتلِ عام، گرفتاري، گمشدگي ۽ ظلم جي بابت مغربي ميڊيا ڪجهه چوڻ جي زحمت نه ٿو ڪري، اتي وري ”ازدهو بلا يا اجگر نانگ“ جهڙي جانور جن کي عام طور تي موذي سڏيو وڃي ٿو، ان کي زخمي ڪرڻ تي هڪ شخص خلاف مظاهرن، هڙتالن ۽ بيانن جي وٺ وٺان ٿي وڃي ٿي ۽ پوليس ان شخص کي گرفتار ڪري ٿي، ان جي ضمانت ٿيڻ جي خبر ٻڌي وري جانورن جي حقن جون تنظيمون احتجاج ڪن ٿيون جنهن سبب اهو شخص رها نه ٿو ٿي سگهي ٿو۔۔۔
    ان شخص کي ميڊيا ۽ اهي تنظيمون واجب القتل قرار ڏين ٿيون، سرِ عام سزا ڏيڻ جي گهرج ڪن ٿيون۔
    مغربي ميڊيا هن قصي جي منظر ڪشي ڪجهه ايئن ڪري ٿي۔ ”هڪ ظالم خونخوار شخص هڪ معصوم نانگ کي پنهنجي ڏندن سان چڪ پائي شديد زخمي ڪري ڇڏيو۔ نانگ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال جي شديد نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل آهي ۽ اتي ان کي انساني ڏندن جي زهر کان بچڻ جي لاءِ مسلسل ٽريٽمنٽ ڏني پئي وڃي۔ جڏهن ته نانگ کي چڪيندڙ شخص خلاف ڪيس داخل، جانورن جي تنظيمن پاران هن عمل کي جانورن جي حقن جي واضح خلاف ورزي قرار ڏئي ان خلاف احتجاج جاري۔ ماڻهن ۾ ان شخص خلاف غصي جي لهر برقرار “
    هنن ماڻهن کي ڪو وڃي چئي ته اچو ذرا فلسطين، ڪشمير، صوماليا، افغانستان ۽ پاڪستان ۾ مسلمانن سان ڪيل سلوڪ ڏسو پوءِ ڪجهه ان متعلق به لب ڪشائي ڪريو.. ان قصي بعد اسان کي پنهنجي ميڊيائن تي به ڪاوڙ چڙهي ٿي، جيڪي انساني خون کي به هڪ سرسري خبر طور ڇاپين ٿا پر اهي ويچارا به ڇا ڪن، پاڪستان ۾ به روز سوين جي تعداد ۾ ماڻهو مرن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ درجن کن روز دهشتگرديءَ جي ور چڙهن ٿا، ڪي قبيلائي جهيڙن جي ور چڙهي وڃن ٿا (يعني معصوم انسان ڪنهن خونخوار انسان جي هٿان مري ٿو)، ڪي معصوم انسان وري خونخوار جانورن جي ور چڙهي مري پون ٿا
    ان خبر کي توهان هن لنڪ تي پڙهي سگهو ٿا
    http://ummat.com.pk/2011/09/11/news.php?p=story9.gif
    [/JUSTIFY][/JUSTIFY][/JUSTIFY][/JUSTIFY]
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: انسان ظالم ۽ جانور معصوم، مغرب جو ٻٽو معيار

    ادا مست توهان ته عجيب خبر ٻڌائي آهي جانور جي معصوم هجڻ کان علاوه هي ڳالهه به عجيب آهي ته ان شخص نانگ کي چڪ هڻي زخمي ڪيئن ڪيو بهرحال اسان جي ملڪ ۾ ته انصاف جو نالو آهي باقي عمل سو سڀ انتظار ۾ آهيون هاڻي جيڪو ڪجهه رخ تبديل ٿيو آهي اگر ان ۾ ڪا صحيح رهنمائي ٿئي ته ٿي سگهي ٿو ته ڪو اڳتي بهتر نظام سامهو اچي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو