جواب: اڄ جا اسڪول واقعي ايئن آهن۔۔۔۔
ادا فارسيء چوڻي آهي ته اڪثر را حڪم الڪل ته اڪثريت کي ڪل جو حڪم لڳائبو آهي ائين نه آهي ته سڀ اسڪول اهڙا آهن جيڪڏهن اها حقيقت تسليم ڪجي ته توهان اسان سڀني ڪنهن نه ڪنهن اسڪول جي تعليم حاصل ڪئي هوندي پوء ته اسان به ڪجهه نه لکي سگهون نه پڙهي سگهون اسان جي هتي هيترو ڪجهه لکون ٿا يا پڙهون ٿا ان مان ٿابت آهي ته اسڪولن ۾ پڙهائي آهي لڪين ڪجهه اسڪول آهن جتي واقعي پڙهائي نه آهي اسان ڪنهن هڪ واقعي کي ڪل سمجهي تمام مٿي کڻي ٿا اچون حقيقت اها آهي ته اصل پوري ملڪ ۾ نظام درست ٿيندو ته تعليمي نظام به درست ٿيندو مٿان آفيسر درست ٿيندا ته هيٺيون عملو به درست ٿي ويندو هي تنقيد نه ليڪن حقيقت آهي هي ته لطيفو آهي ليڪن اهڙا لطيفا منفي اثر پيدا ڪري سگهن ٿا ان ڪري مذهبي يا تعليمي يا ڪنهن قوميت تي مبني لطيفن کي ميڊيا تي نه آڻجي ته بهتر آهي وڌيڪ هر ڪو راز جو راڻو آهي۔