• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽ رکندڙ دنيا جا 10 ملڪ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
هوائي جهاز دنيا جي انهن ايجادن مان آهي جنهن ناممڪن سفر کي ڪلاڪن ۾ ۾ تبديل ڪري دنيا جي هر حصي تائين پهچڻ ۾ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي۔ هوائي جهاز جي ٽرفڪ لاء ضروري آهي ته ايئرپورٽ هجن ۽ مناسب ۽ خبرداري سان ڪم ڪندڙ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول هجي۔ توهان جي معومات لاء هيٺ انهن ڏهن ملڪن جو ذڪر ڪجي ٿو جتي سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽس آهن:

1۔ آمريڪا : 15095 ايئرپورٽس

xf26hw.jpg
[/img]

2۔ برازيل : 4000 ايئرپورٽس

ibofhoxdqjoecw.jpg

3۔ ميڪسيڪو : 1744 ايئرپورٽس

ibdspwfppeqqfa.jpg

4۔ ڪئناڊا : 1388 ايئرپورٽس

i43rxy7tdmc6v.jpg

5۔ روس : 1216 ايئرپورٽس

iwidzpm88oce8.jpg

6۔ ارجنٽينا : 1130 ايئرپورٽس

idotom4xmbyrc.jpg

7۔ ڪولمبيا : 992 ايئرپورٽس

ihllg5m8wyvlz.jpg

8۔ بوليويا : 952 ايئرپورٽس

inpoqhuqrtsvd.jpg

9۔ پيراگوئي : 798 ايئرپورٽس

iwfcuegiusugu.jpg

10۔ انڊونيشيا : 683 ايئرپورٽس

iptfkm2vvedlx.jpg
 
جواب: سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽ رکندڙ دنيا جا 10 ملڪ

زبردست هڪ سٺي ونڊ آهي ادا سليمان صاحب
 
جواب: سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽ رکندڙ دنيا جا 10 ملڪ

سائين سليمان وساڻ صاحب تمام بهترين معلوماتي ونڊ آهي پر انهن ۾ پاڪستان جو ذڪر نه آهي

پاڪستان ۾ ڪيترا ايئر پورٽس آهن انهن جي باري ۾ ڪا معلومات هجي ته اها به سنگت سان ونڊ ڪجو

تمام بهترين ونڊ آهي

جاري رکجو

سدائين گڏ
 
فقير سائين مان مٿي عرض ڪيو هو ته هي انهن ڏهن ملڪن جي لسٽ آهي جيڪي سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽس رکن ٿا۔

اوهان جي ڄاڻ لاء عرض آهي ته پاڪستان ۾ سول ۽ ملٽري ايئر فيلڊس کي ملائي 139 ايئرپورٽ آهن پر ڪي چند ئي آپريشنل آهن۔ جڏهن ته ٻيا يا ته بند آهن يا اتي ڪمرشل فلائيٽس نه ٿيون اچن صرف ملٽري ٽريفڪ جي ڪم ٿا اچن۔ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو ايئرپورٽ آهي جتي هڪ ئي وقت 30 جهاز لهڻ جي سهولت آهي ۽ ان کي 16 پيسينجر گيٽس آهن۔
 
جواب: سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽ رکندڙ دنيا جا 10 ملڪ

سائين آپريشنل هجن به ڪيئن۔ اڪثر ايئر پورٽس جي لوڪيشن ئي آهڙي آهي جو اويلي ٽائيم جهاز وڃي انهي ايئر پورٽ تي لاهي ته گهر پهچڻ ئي مسئلو۔ جنهن ۾ موئن جو دڙو، سيوهڻ سرِفهرست آهن۔

ڪجه ڏينهن پهرين دوست عبدالرسول ڪولاچي (سنڌسلامت ميمبر) پنهنجي آفيس طرفان باءِ ايئر لاڙڪاڻو کان ڪراچي آيو۔ واپسي تي فڪر هئس ته جهاز رات جو 8 بجي ايئر پورٽ تي لاهيندو۔ مري ويس۔ لاڙڪاڻو ڪيئن پهچندس۔ ڪا ٽئڪسي به نه ملندي۔
 
جواب: سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽ رکندڙ دنيا جا 10 ملڪ

سائين تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان مهرباني ايڏي بهترين انفارميشن ڏيڻ جي۔۔۔
 
جواب: سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽ رکندڙ دنيا جا 10 ملڪ

سائين آپريشنل هجن به ڪيئن۔ اڪثر ايئر پورٽس جي لوڪيشن ئي آهڙي آهي جو اويلي ٽائيم جهاز وڃي انهي ايئر پورٽ تي لاهي ته گهر پهچڻ ئي مسئلو۔ جنهن ۾ موئن جو دڙو، سيوهڻ سرِفهرست آهن۔

ڪجه ڏينهن پهرين دوست عبدالرسول ڪولاچي (سنڌسلامت ميمبر) پنهنجي آفيس طرفان باءِ ايئر لاڙڪاڻو کان ڪراچي آيو۔ واپسي تي فڪر هئس ته جهاز رات جو 8 بجي ايئر پورٽ تي لاهيندو۔ مري ويس۔ لاڙڪاڻو ڪيئن پهچندس۔ ڪا ٽئڪسي به نه ملندي۔

اوهان بلڪل صحيح فرمايو آهي ۔۔۔۔

اسان وٽ سواء ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي باقي سڀ ايئرپورٽ گهڻو ڪري نقصان ۾ پيا هلن۔ ان جو هڪ سبب انٽرنيشنل فلائيٽس جو اتي نه وڃڻ آهي۔ باقي لوڪل فلائيٽس جي ته سڀني کي خبر آهي ته ڪڏهن پر خراب ته وري ڪڏهن ڦيٿا خراب، ڪڏهن ڪڏهن ته جي بارش پئي ته پاڻي به سڌو اندر ڄڻ ڪراچي جي مني بس ۾ پيا سفر ڪيو۔

ايئرپورٽس جو شهرن کان پري هجڻ به مسئلو آهي خاص ڪري موهن جو دڙو ۽ سکر ايئرپورٽس ته ڄڻ رات جو جنگل لڳندا آهن۔
 
جواب: سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽ رکندڙ دنيا جا 10 ملڪ

ادا سليمان وساڻ صاحب اوهان جي مهرباني جو اهڙي معلوماتي ونڊ اسان سان شيئر ڪئي ۔
 
جواب: سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽ رکندڙ دنيا جا 10 ملڪ

سائين بهترين معلومات آهي ۽ عجب ان ڳالهه جو آهي ته آمريڪا ۾ جيترا هوائي اڏا آهن ايترا ٻئي ڪنهن ملڪ وٽ به نه آهن ڪافي ملڪ گڏجي به ان جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن ۔
 
Back
Top