جرئتمند اظهار جي سگهه

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 سيپٽمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جرئتمند اظهار جي سگهه
    حميرا علواڻي

    [JUSTIFY] شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي جلسي ۾ تقرير دوران جڏهن ڪنهن اُٿي اهو چيو ته، ”توهان اسان لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“ ته بطور وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي اهو جواب ڏنو ته، ”مون توهان لاءِ ڇا ڪيو، اهو ته تاريخ ٻڌائيندي، پر سڀني کان پهرين اهو ته مون توهان کي اها زبان ڏني، جو اڄ تون ان همت سان وزير اعظم جي اکين ۾ اکيون وجهي اهو پڇي رهيو آهين ته مون توهان کي ڇا ڏنو؟“. حقيقت اها آهي ته ڳالهائڻ جي همت اڄ ڪراچي جي شهرين کي، مخصوص ميڊيا کي ذوالفقار مرزا ڏني آهي. جنهن نموني خاص ڪري اردو ميڊيا ۽ انهن جا نالي وارا اينڪر پنهنجي پنهنجي چينلز تي اهو آواز اٿاري رهيا آهن، جمعي جي ڏينهن متحده اڳواڻ جي چئن ڪلاڪن جي ڊگهي پريس ڪانفرنس کان پوءِ اردو ميڊيا جي مختلف چينلن تي ٽاڪ شوز هلي رهيا آهن، جنهن نموني سان اينڪرز پريس ڪانفرنس تي پنهنجي مهمانن کي کُلي ڳالهائڻ جو موقعو ڏئي رهيا آهن، سچ پچ ته اهو ڏسي حيران ٿي رهي آهي ته اها همت ڪٿان آئي آهي؟ پوءِ ياد آيو ته جنهن شخص دستاويزي ثبوت، برطانيا کي لکيل خطوط ۽ ملڪ خلاف ٿيندڙ سازش کي 27 رمضان تي پاڪستان جي عوام آڏو سامهون آندو، اڄ اها سچائي ڳالهائي رهي آهي ته يرغمال ٿيل ڪراچيءَ جي عوام، ڪراچي جا وڏا وڏا بزنيس مين جيڪي لکين رپيا ماهوار ڀتو ڏيڻ تي مجبور هوندا هئا ۽ چندي جي نالي تي وڃي اهو پارٽي دفترن تي علائقي جي ايم اين ايز، ايم پي ايز يا يونٽ انچارج کي پهچائي ايندا هئا، اڄ اهي سياسي ڀتا مافيا خلاف ڳالهائي رهيا آهن!! اڄ مخصوص ميڊيا جا اينڪر پنهنجي ٻارن ٻچن ۽ پنهنجي حياتي جي پرواهه نه ڪندي کلي ڳالهائي رهيا آهن ۽ پريس ڪانفرنس جي متن، متحد اڳواڻ جي باڊي لئنگويج، حرڪات ۽ سڪنات تي کُلي تنقيد ڪري رهيا آهن!

    يا الاهي يه کيا ماجرا هو گيا؟
    که جنگل کا جنگل هرا هو گيا.

    تبديلي اچي رهي آهي! سوچ، فڪر ۽ سمجهه ۾ تبديلي اچي رهي آهي، عوام جي سياسي شعور، همت ۽ ذهنن ۾ وڏي تبديلي اچي رهي آهي! نه ته ڪير ڪراچي ۾ ائين ڳالهائڻ جي همت نٿي ڪري سگهيو. ڪراچي شهر ۾ دهشت جو هڪ راڪاس ڇانيل هو، جنهن کي ڪنهن اچي ٽوڙيو آهي؟! ڪنهن ماڻهن کي زبان ڏني آهي ته غلط کي غلط چئي سگهن! غلط کي غلط سمجهي ته سڀ رهيا هئا، پر چوڻ تمام گهڻو ڏکيو هو. مان هتي سنڌي ميڊيا کي الڳ ڪري ڏسان ٿي، ڇو ته سنڌ جي تمام اشوز کي هميشه سنڌي ميڊيا اوليت ۽ اهميت ڏني، پر اردو ميڊيا ڌر بڻيل رهي هئي، ڇو ته انهن ميڊيا جي ادارن جون مين آفيسون ڪراچيءَ ۾ هيون، انهن جي هزارين ملازمن جي زندگي داءُ تي لڳل هئي، ولي خان بابر جهڙي نوجوان، بهادر رپورٽر کي فقط ان ڪري گولين جو کاڄ بڻايو ويو، ڇو جو هو سچ لکڻ جي همت رکندو هو، پر سندس قتل ڪيترن رپورٽرن ۽ ميڊيا اينڪرز لاءِ هڪڙو پيغام پڻ هو ته سچ جي قيمت چڪائڻي پوندي. 12 مئي 2005ع ڪنهن کان وسريو ته نه آهي، جو گرو مندر تي موجود هڪ نجي ٽي وي چئنل جي آفيس تي ڪهڙي نموني دهشتگرد چئن ڪلاڪن تائين گوليون هلائيندا رهيا ۽ ساڳيو چينل سڄي فائرنگ کي Live ڏيکاري رهيو هو، جيڪا رڪارڊنگ اڄ به U-Tube تي ڏسي سگهجي ٿي. ميڊيا جي چينلن کي اهو پيغام ڏنو ويو هو ته سچ جي اها قيمت هر ڪنهن چينل کي چڪائڻي پوندي.
    پر اڄ تبديلي اچي رهي آهي، اڄ ميڊيا ۾ پڻ تبديلي اچي رهي آهي. ميڊيا جتي ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ تنقيد ڪئي، آڏي پڇا ڪئي، تکا سوال ڪيا، اُتي اڄ متحده جي فيصل سبزواري، مصطفيٰ ڪمال ۽ الطاف حسين جي پريس ڪانفرنس مٿان پڻ سوال اٿاريا وڃن پيا. ميڊيا پاران اهي سوال اٿاريا وڃن ٿا ته سندن چينلن کي ڌمڪيون ڇو ڏنيون وڃن ٿيون؟ ڇو نجي ٽي وي جي اينڪر نصرت جاويد کي سندس چينل مالڪن Live پروگرام وچ مان بند ڪرائي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو، ڇو جو کين ڌمڪيءَ وارو فون آيو ته پروگرام بند ڪريو، نه ته توهان جي چينل تي ڪم ڪندڙ 600 ملازمن جو خير ڪو نه آهي. (هاڻي ڄاڻايل چئنل نصرت جاويد کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي).

    هن وقت جنهن نموني ملڪ جي سياست ۾ الزام در الزام شروع آهن، ملڪ ٽوڙڻ جا الزام، 12 مئي جا الزام- هڪ ٻئي مٿان رڳو سياسي پارٽيون الزام هڻي رهيون آهن. متحده اڳواڻ ته اي اين پي، جماعت اسلامي سميت ”ن ليگ“ تي پڻ سنگين الزام لڳايا آهن. سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ تي ته پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو آهي، پر ڇا هاڻي هڪ ٻئي تي لڳندڙ الزام، جنهن ۾ خاص ڪري پاڪستان ٽوڙڻ جا سنگين الزام سامهون آيا آهن، جنهن لاءِ ڪجهه خطوط ۽ دستاويز پڻ منظر عام تي آندا ويا آهن، ته انهن تمام دستاويزن، ثبوتن، خطن ۽ رپورٽن جي ڪا انڪوائري ڪرائي ويندي؟ هن وقت عوام سوچڻ تي مجبور آهي ته الزامن ۽ ثبوتن جي حوالي سان ميڊيا ئي ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، يقيناً هن وقت ميڊيا آئيني جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ مختلف پارٽين جي ليڊرن طرفان ڏنل ڪاغذات کي عوام سامهون آڻي رهي آهي، پر انهن جي حقيقت ۽ سچائيءَ جي حوالي سان ڪو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن وقت ته سپريم ڪورٽ کي پڻ انٽيليجنس ادارن طرفان بريفنگس ڏنيون ويون آهن. ڪير ڪيترو ملوث آهي، ڪورٽ سڳوريءَ جي هاڻ سڀ ڪجهه سامهون آهي.

    هن وقت عجيب غير يقينيءَ واري حالت آهي، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ته ماڻهو ماڻهوءَ کان ڊڄي رهيو آهي، انسان انسان کان خوفزده آهي! ڇا تمام پارٽيون پنهنجين صفن ۾ موجود ڏوهارين ۽ ٽارگيٽ ڪلرز کي سامهون آڻي قانون جي حوالي ڪري سگهنديون؟ ڇو جو خاص ڪري ڪراچي جي سياست ۾ دهشت ۽ ڏهڪاءُ جو عنصر ايترو ته وڌي ويو آهي، جو پوليٽيڪل پارٽين ۾ هاڻ هٿياربند ونگز رکڻ جو رواج فروغ وٺي ويو آهي. هاڻ پوليس پڻ سياست زده ٿي وئي آهي ۽ ڏوهارين ۾ هٿ وجهڻ بدران انهن کي تحفظ ڏئي رهي آهي، جيئن چڪرا ڳوٺ واري سانحي جي ايف آءِ آر ۾ ڪامران ماڌوري جو نالو ئي ڪو نه آهي! آئون عوام، ميڊيا، سول سوسائٽي، ڪاروباري طبقي کي اهو چوڻ چاهينديس ته رڳو سچ ڳالهائڻ جي همت ڪرڻ جي ضرورت آهي! اچو ته هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيون، هڪ ٻئي سان سچ ڳالهايون ۽ سچ ڳالهائڻ واري کي اڪيلو نه ڇڏي ڏيون! پاڪستان اسان سڀني جو آهي، سنڌ اسان سڀني جي آهي، ڪراچي اسان سڀني جو شهر آهي. ڪنهن هڪ ڌر جي اتي بادشاهي نه آهي، جو دهشت ۽ ڏهڪاءُ ذريعي اهي سڄي شهر کي وس ۾ ڪن ۽ سڀني وسيلن ۽ اختيارن جا اڪيلا مالڪ هجن!
    اهو پاڪستان جي سياست جو هڪ اهم موڙ آهي، جتي بحران آهي، اتي اهو موقف پڻ آهي ته هاڻ حقيقتن مٿان پردو کنيو وڃي. توڙي جو ڪنهن ڌر جي اها پڻ خواهش آهي ته سڀ ڪجهه ”پردي ۾ رهي“ پر پوءِ اهو سڄو گند جو ڍير اسان جي ايندڙ نسلن مٿان ڪنهن عذاب وانگر ڪرندو! هن سڄي گند کي هاڻ صاف ٿيڻ کپي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته تمام پارٽيون پنهنجي اندر آپريشن ڪلين اپ ڪن ۽ ڪرمنلز، ڪرپٽ، قبضاگير، ڀتاخور ماڻهن کي پنهنجي صفن مان ڪڍي باڪردار، بااخلاق، پڙهيل لکيل، عوام سان محبت ڪندڙ ۽ سندن درد رکندڙن کي پارٽين ۾ اڳيان آڻين.[/JUSTIFY]

    ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جرئتمند اظهار جي سگهه

    بلڪل اها ڳالهه مڃڻ لازمي آهي ته ذوالفقار مرزا جي ڪانفرنس بعد پاڪستان ۾ سياست جي ڪايا پلٽ ٿي وئي آهي، رڳو سياست نه پر ميڊيا جي به ڪايا پلٽ ٿي وئي آهي، اردو ميڊيا جي ڌر هجڻ ته پهرين ان ڳالهه مان به ثابت آهي جو ذوالفقار مرزا جڏهن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته آهي ڪو اهڙو ميڊيا وارو جيڪو ايم ڪيو ايم جي خلاف پيل هي دستاويزات پڙهي ٻڌائي ۽ قرآن تي هٿ رکي يقين ڏياري ته مان هي ثبوت پنهنجي اخبار ۾ ڇاپيندس ته هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ صحافي (ڀلي اردو چينل ۾ ئي ڪم ڪندڙ هو) اٿيو هو ٻيو ڪير نه اٿيو ۽ نه ئي وري ڪنهن اٿڻ جو امڪان ڏيکاريو۔۔​
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: جرئتمند اظهار جي سگهه

    ان نصرت جاويد کي بالڪل نوڪري مان ڪڍيو ويو اها ڳالهه اگر يقين نه اچي ته هي وڊيو ڏسو 10 منٽن کان پوء سندس ئي بياني پاڻ ٻڌو۔ مقصد ته هيتري ميڊيا جي اظهار بعد به اڃا ايم ڪيو ايم پنهنجي ڪئي تي نادم نه آهي ۔ بلڪ اڃا به پنهنجو پاور هلائي حق سچ کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي ۔

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو