ڏکي توءِ ڏُڪار، توڙي وسن مينهڙا!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏11 سيپٽمبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]ٿرپارڪر ضلعي اندر ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ هڪڙي چوڻي مشهور آهي ته، ”ٿر ڏُلهي تو بيراج جهلي، جي بيراج ڏُلهي تو ڪوڻ جهلي.“ مطلب ته، ڪن سببن جي ڪري جيڪڏهن ٿر ۽ ٿرين کي اوکي سوکي ڪا تڪليف ٿئي ته بيراج جا ماڻهو انهن جو ڀرجهلو ۽ آسرو ٿين ٿا، پر جي بيراج وارن تي ڪا ڏکي گهڙي اچي ته اُنهن جو هڏ ڏوکي ڪير ٿئي؟ پر هن سال، ٻه مهينا دير سان پوندڙ سانوڻي رت جي برساتن، صورتحال مٿي ڄاڻايل ٿري چوڻيءَ کان به ڳري ڪري ڇڏي آهي، ۽ وڌيڪ سور پيدا ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ ته برساتون ٻه مهينا دير سان پيون، تنهن جي ڪري ٿري ماڻهن اڌ مند گذرڻ بعد ٻنيون پوکيون آهن ۽ گاهه وليون به اڍائي مهينا دير سان ٿيا آهن، تنهن ڪري ٿر ۾ موجود سٺ لک چوپائي مال جو گهڻو تعداد بيراج واري علائقي ۾ رهيو، ۽ واپس ٿر ڏانهن موٽڻ ۾ به مال توڙي ماڻهن کي دير ٿي ويئي. ٻيو وري بدين، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ توڙي سانگهڙ ضلعا، جتي ڏڪار جي ڏينهن ۾ ٿر جو چوپايو مال ۽ مارو پيٽ جي بُک اُجهائڻ لاءِ چار ڇهه مهينا ويندا هئا، اُتي به برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، تنهنڪري حڪومت سنڌ مذڪوره ضلعن کي مڪمل طور ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي صرف 6 ديهن کي آفت زده قرار ڏنو آهي. ويجهڙ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو، بيراج جي ٿر سان لڳندڙ ضلعن جو لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال توڙي متاثر ماڻهو ٿر جي ڀٽن ۽ پٽن تي پهتا آهن. تنهنڪري خدشو ان ڳالهه جو آهي ته ڪٿي ٿر ۾ ٻه مهينا دير سان اُڀريل/ڦُٽل گاهه، وليون ۽ ٻوٽا، جيڪي ٿر جي 60 لک کان به مٿي مقامي چوپائي مال لاءِ به اڻ پورا آهن ۽ مٿان وري بيراج جو آيل مجبور ۽ مهمان چوپايو مال به ٿر ۾ رهيو پيو آهي، تنهنڪري اڀريل گاهه جو اهو ذخيرو مقامي توڙي مهمان ٿي آيل چوپائي مال لاءِ ناڪافي آهي. جيڪو گاهه هڪ ته ڦُٽو ئي ٻه مهينا دير سان آهي ۽ مٿان وري هڪ ڪروڙ کان مٿي چوپايو مال هن وقت ٿر ۾ موجود آهي. نومبر ۽ ڊسمبر کان پهرين ئي اهو گاهه ختم ٿي ويندو ۽ برساتي پاڻيءَ سان ڀريل ترايون به سُڪي وينديون. تنهنڪري حڪومت توڙي غير سرڪاري ادارن کي گهرجي ته ٿرپارڪر جي سموري چوپائي مال توڙي ڀر وارن ضلعن جي جانورن لاءِ فوري طور گاهه جو بندوبست ڪيو وڃي، نه ته ٿر جون دير سان ۽ اڌ سايون ٿيل ڀٽون وقت کان اڳ سُڪي وينديون ۽ مقامي توڙي مهمان چوپايو مال بکن ۾ مرڻ لڳندو.

    پيارو شواڻي/مٺي
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو