[JUSTIFY]چار امير دوست گڏ ويٺا هئا۔۔۔۔ ٽيبل تي پيل موبائلن مان هڪ موبائل وڄي، هڪ ڄڻي کڻي ڳالهائڻ شروع ڪيو، پريان مائيءَ جو آواز هو۔۔۔ عورت: ”هيلو جانُو، مان هينئر مارڪيٽ ۾ آهيان، خريداري ڪري رهي آهيان۔۔ جيولري جي دڪان مان هينئر سون جا زيور وٺان پئي ۽ دڪاندار 50 هزار قيمت پيو ٻڌائي۔۔۔ ڇا وٺي سگهان ٿي ۔۔۔“ مرد : ”ها ڇو نه بلڪل وٺي سگهين ٿي “ عورت: ”اڇا ڀلا ساڙهيون به ڏسي آئي آهيان، زبردست آهن، 20 هزار انهن جي قيمت آهي، ڀلا اهي به وٺي ڇڏيان“ مرد : ” بلڪل، ضرور وٺ....“ عورت: ”اڇا ! اهو سڀ ڪجهه مان تنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ تي پئي وٺان“ مرد : ” ڪا ڳالهه نه آهي، تون دل کولي خريداري ڪر“ اهو ٻڌي دوست چوڻ لڳا! يار تون اسان جي اڳيان ڏيکاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ايترو نقصان پيو ڪرين، ڪريڊٽ ڪارڊ ته اتي ئي ختم ٿي ويندئي، تنهنجي گهر واري جي ساڙهين ۽ زيورن ۾“ هُو بي فڪر ٿي چوڻ لڳو، ” يار ڪريڊٽ ڪارڊ کي کڏ ۾ هڻو، اهو ٻڌايو ته هي فون سيٽ اوهان مان آهي ڪنهن جو؟؟؟؟؟؟؟؟ منهنجو ته ناهي... “ :yahoo::yahoo::yahoo::yahoo::yahoo:[/JUSTIFY]
جواب: هاڻي هن کي ڇا ڇئجي هاهاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واهه يار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ همراهه واهه جو ڪم ڪيو ۔۔۔۔ اصل مٽ ڀڃي ڇڏيائين ۔۔۔۔ هاهاها
جواب: هاڻي هن کي ڇا ڇئجي هاهاهاهاهاها۔۔۔۔ ڀينگ ڪرائي ڇڏيائين يار صفا۔۔۔۔ ڪٿي اھو ڇتو ڪوري ته نه ھُئو پاڻ وارو
جواب: هاڻي هن کي ڇا ڇئجي هاهاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واهه يار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هيئي ته ڪمال ٿي ويو بيگم صاحبا جي ڄڻ ته لاٽري کلي ويئي۔انهئي ڪري وڏا فرمائيندي هليا ويا ته ٻئي جي مال تي دل بي رحم۔ان جو کليل مثال اوهان جو هي لطيفو آهي۔
جواب: هاڻي هن کي ڇا ڇئجي جهڙا پرڪار ڏسيا اٿوَ ته اهي نشانيون پڪ سان علي علي جون پيون لڳن ۔۔۔ ڇو ته گاڏي ۾ هوندي ته موبائيل ڊيش بورڊ تي وري ڪمري ۾ هوندو ته ان کي ڳولڻ لاءِ ٻي موبائيل ته مس ڪال هڻندو آهي۔۔۔