پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ Doctor طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2011۔

  1. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    اسلام عليڪم،
    دوستو اميد آهي ته توهان سڀ خيريت سان هوندو.
    ڇا توهان پنهنجي هارڊ ڊرائيو جا آئيڪان جيڪي سمپل ڪارا ڊٻا ٺهيل هوندا آهن اهي ڏسي بور ٿي پيا آهيو ؟
    اڄ مان توهان سان هڪ ٽپ شيئر ڪندس اها ٽپ آهي پنهنجي هارڊ ڊرائيو تي توهان ڪنهن جي به تصوير لڳائي سگهو ٿا. ته پوءِ اچو ته مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته توهان پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي ڪيئن تصوير لڳائي سگهو ٿا.جڏهن توهان منهنجو سڄو ٻڌايل طريقو ڪري وٺندو ته ان کانپوءِ توهان جي ڊرائيو هيٺين تصوير وانگي نظر ايندي..

    [​IMG]

    سڀ کان پهريان توهان کي جيڪا تصوير پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي لڳائڻي آهي ان کي توهان پينٽ ۾ اوپن ڪيوان کان پوءِ جنهن ڊرائيو ۾ توهان کي تصوير لڳائڻي آهي. اِن هيٺ ڏنل طريقي سان سيو ڪيو يعني نالي کان پوءِ (ico .)جو اظافو ڪرڻو آهي. ۽ بي ايم پي bmp جي ايڪسٽينشن ۾ سيو ڪرڻو آهي.ان عمل لاءِ توهان ٻيو ڪوئي به پروگرام استعمال ڪري سگهو ٿا، پر جيئن ته پينٽ هر ونڊو ۾ پهرين کان موجود هوندو آهي اِن لاءِ مان ان جو طريقو لکيو آهي.وڌيڪ هيٺ تصوير ۾ ڏسو.

    [​IMG]

    تصوير کي .bmp ۾ سيو ڪرڻ کانپوءِ نوٽ پيڊ کوليو ان ۾ توهان کي هيٺ ڏنل تصوير مطابق عمل ڪرڻو آهي۔


    [​IMG]

    (11) تصوير جو نالو آهي جنهن نالي سان توهان آئيڪون سيو ڪيو هيو اهو ئي نالو توهان کي هتي لکڻو آهي


    هاڻي اِن نوٽ پيڊ کي سيو ڪرڻو آهي ۽ جڏهن ان کي توهان سيو ڪيو ته Autorun.inf جي نالي سان سيو ڪيو.۽ ان کي اتي سيو ڪيو جتي توهان پنهنجو آئيڪون سيو ڪيو آهي. ياد رهي ته جيڪو توهان آئيڪون سيو ڪيو هيو ان کي ڪنهن به ڊرائيو ۾ رکڻو آهي نه ڪي ڪنهن ڊرائيو جي فولڊر ۾.


    [​IMG]

    هاڻي توهان My Computer کي اوپن ڪيو Right Clickڪري ڪمپوٽر کي Refreshڪيو جيڪڏهن آئيڪون تبديل نه ٿيو هجي ته پنهنجي ڊرائيو جو نالو چينج ڪرڻو آهي بيشڪ توهان نالو نه به چينج ڪيو بس صرف ان ڊرائيو تي ڪلڪ ڪري پوءِ F2 پريس ڪري ڪجهه به ردوبدل ڪري ڇڏيوس توهان ڏسندو ته توهان جي ڊرائيو تي توهان جو ڏنل آئيڪون ظاهر ٿي پوندو.

    [​IMG]

    ۽ جي ان کان پوءِ به آئيڪون تبديل نه ٿئي ته پنهنجي ڪمپيوٽر کي Restartڪيو انشاءالله هاڻي ته هر صورت ۾ اوهان جي ڊرائيو جو آئيڪون تبديل ٿيڻ کپي. جي اڃان به اوهان جي ڊرائيو جو آئيڪون تبديل نه ٿيو هجي ته پوءِ اوهان منهنجي ٻڌايل ٽپ کي وري پڙهو.۽ جي پوءِ به اوهان جو ڪم نه ٿئي ته پوءِ ......
    .سو دوستو اميد آهي ته توهان کي منهنجي هيءَ شيئرنگ ضرور پسند ايندي.وري ملنداسين هڪ نئين ٽپ سان گڏ الله حافظ....
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    واه سائين واه

    لاجواب ونڊ اهي

    توهان مون کي ڪافي پراڻيون شين جو وري ٻيهر ٿا شوق ڏياريو

    يادگيرو ڏيارڻ لا۽ اوهان جي مهرباني ادا

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    ڊاڪٽر صاحب توهان جي ڄاڻ هميشه ڪارائتي هوندي آھي، تمام بهترين ڪم آ مٺڙا ڏاڍو پسند آيو، اُميد ته اڳتي به ائين ئي اسان جي مدد ڪندا رهندا قُرب
     
  4. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    ادا ڦلپوٽو فقير سائين ۽ ادا عرفان ديشي ڀاَ اوهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو آهي۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    ڊاڪٽر صاحب بهترين شيئرنگ

    مطلب ته هاڻي اسان پنهنجي ڊرائيو کي به رنگ برنگي تصويرون ڏئي سجائي سگهون ٿا۔ زبردست ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    سائين ڊاڪٽر صاحب توهان جي مهرباني جو هڪ نئين ٽپ دوستن کي ٻڌايوَ ليڪن هڪ سوال مون اڳ ۾ اوهان جي خدمت ۾ عرض ڪيو هو ان جو ڪو جواب نه مليو ته جيڪڏهن پارٽيشن ntfs سسٽم ۾ هجن ته انهن کي ڊاس ۾ ڪيئن ظاهر ڪجهي اگر ان متعلق معلومات هجي ته ٻڌائيندا اگر نه آهي ته به جواب ڏيڻ ۾ حرج نه آهي۔ جو سڀ معلومات هجڻ ممڪن ته نه آهي ليڪن اوهان کي اسان کان وڌيڪ معلومات آهي ان ڪري عرض ڪيو اٿم اميد ته جواب ڏيڻ جي عنايت ڪندا۔
     
  7. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو


    ادا ڇا توهان Window 98 استعمال ڪري رهيا آهيو؟ جي ان کان علاوه ڪوئي ونڊو استعمال ڪري رهيا آهيو ته مهرباني ڪري اهو مونکي بڌائيندا۔۔
    توهان جيڪو مسئلو بيان ڪري رهيا آهيو اهو ايترو وڏو مسئلو نه آهي صرف توهان ايترو ٻڌايو ته ونڊو ڪهڙو استعمال ڪري رهيا آهيو۔۔۔وڌيڪ توهان هيٺ ڏنل سافٽويئر انسٽال ڪري استعمال ڪري ڏسو توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔ان سافٽوئير کي انسٽال ڪرڻ کانپوِ ان ۾ هڪ MANUal نالي سان ٽيڪسٽ فائل هوندي ان کي ضرور پڙهندا۔۔

    هتي ڪلڪ ڪري سافٽوئير ڊائونلوڊ ڪيو
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    سائين ڊاڪٽر صاحب جواب ڏيڻ جي مهرباني اوهان پڇيو آهي ته ونڊو ڪهڙو استعمال ڪيو ٿا ؟ ان لاء عرض ته ونڊو ته ايڪس پي ئي آهي ليڪن ان جو گوسٽ اميج هلائڻ جي ضرورت لاء ڊاس ۾ وڃڻ جي ضرورت پوي ته پوء ڊاس ۾ ntfs سسٽم وارا پارٽيشن نظر ئي ڪونه ٿا اچن انلآء ڪو آسان حل هجي ته عنايت ڪندا۔
     
  9. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    ادا مان توهان سان پهرين هڪ سافٽوئير ان توهان جي مسئلي ۾ شيئر ڪري چڪو آهيان
    ۽ هاڻي هي ٻه سافٽويئر شيئر ڪري رهيو آهيان انهن کي به استعمال ڪري ڏسو۔۔۔
    پر مان سوچيان پيو ته توهان کي ڪا اهڙي ٽپ ٻڌايان جن ۾ توهان کي ڪنهن سافٽوئير جي ضرورت نه پوي سو ادا ٿورو انتظار ڪندا


    هتان سافٽويئر انسٽال ڪيو



    هتان سافٽويئر انسٽال ڪيو

    باقي ادا DOS جي باري ۾ جيڪڏهن توهان فل انفارميشن چاهيوٿا ته هن هيٺ ڏنل سائيٽ جو ضرور وزٽ ڪيو۔۔
    Doctor DOS Betamax
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    سائين ڊاڪٽر صاحب اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان وقت ڪڍي ڪجهه سافٽويئر مهيا ڪيا اميد ته جيڪڏهن اڃا ڪا آسان طريقو معلوم ٿئي ته اهو پڻ اسان کي سيکاريندا ۽ هنن سافٽوئيرن متعلق به ڪجهه تفصيل ٻڌائيندا ته اهي سي ڊي تي رائيٽ ڪري پوِء بوٽ ڪرائبو يا يو ايس بي ذريعي ڪم ٿيندو انهن کي ان زپ ڪرڻو پوندو يا نه اگر ٿورو تفصيل ٻڌائيندا ته مهرباني۔
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    واهه ادا واهه
    لاجواب ٽپ آهي ۔
     
  12. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    تمام ڏکيو ڪم آھي
     
  13. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    ڀا توهان ٽرائي ڪري ڏسو جتي سمجه ۾ نه اچي ته پڇي وٺو۔۔۔۔ ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي جو توهان کي اها ڏکي ٿي لڳي۔۔۔

    .....................................

    ڀا رياض اوهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو۔۔
     
  14. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    بهترين ٽپ ادا مهرباني
     
  15. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    تمام بهترين ونڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙيون ڪوششون جاري رکندا اچو۔
     
  16. اشفاق احمداڻي

    اشفاق احمداڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2012
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    ڌنڌو:
    آئي ٽي پروفيشنل
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    دوستو، مون کان هارد درائيو تي تصوير ڪون ٿي لگي۔ مهرباني ڪري منهنجي رهنمائي ڪندا۔
     
  17. برڪت علي سخيراڻي

    برڪت علي سخيراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 نومبر 2011
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: پنهنجي هارڊ ڊسڪ جي ڊرائيو تي تصوير لڳايو

    سائين هي جيڪي تصويرن جي ذريعي ٻڌايو آهي ٻيو ته سڀ سمجهه ۾ اچي ٿو پر جيڪو رن پروگرام ۾ وڃي لکيو آهي اهو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ڇا لکيو آهي اوهان سو مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو