ابو واصف
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستؤ!
ڪافي دوست سان مائڪروسافٽ ورڊ ۾ ڊيٽا جي ڪرپٽ ٿيڻ وارو مسئلو درپيش هوندو. ڪجهه وقت کان هي حقير انهي مسئلي سبب مونجهاري جو شڪار هو، جنهن جو ذڪر پڻ اوهان دوستن سان شيئر ڪيو هوم. ڪافي دوستن حل به ٻُڌايا ۽ رائين رشيد صاحب ته ڪي سافٽ ويئر پڻ ڏنا، پر انهن پڻ ڪم نه ڪيو. ڪافي غور ويچار کان پوءِ هڪ حل سُجهيو، جنهن جي ذريعي مائڪروسافٽ ورڊ جي ڪرپٽ ٿيل ڊيٽا کي واپس رڪور ڪري سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ان طريقي سان مڪمل ڊيٽا ته واپس نه پئي ٿئي، پر تقريبًا ٽئين حصي کان مٿي ڊيٽا رڪور ٿي آهي. سوچيم ته اهو طريقو دوست سان شيئر ڪريان ته مانَ اهي لاڀُ پرائين.
سڀ کان پهريائين مائڪروسافٽ ورڊ کوليو ۽ ان جي Tool مينيو ۾ اچي Option ۾ ايندا. تفصيل لاءِ شاٽ ڏِسندا:
[/CENTER][/IMG]
ان کان پوءِ اوهان General جي ٽيب کي ڪلڪ ڪري اُتان Confirm Conversion at open جي ڊائلاگ کي چيڪ باڪس ذريعي ڪلڪ ڪندا. وضاحت هن شاٽ ۾ ڏسندا.
[/CENTER][/IMG]
هاڻي اوهان اهو فولڊر کوليندا، جنهن ۾ اوهان جا ڪرپٽ فائل موجود هجن. ان کان پوءِ Files of type مان Recover Text from Any File کي سليڪٽ ڪري فائل کي کوليندا. اوهان ڏسندا ته هاڻي اوهان جو فائل تقريبا رڪور ٿي چڪو هوندو. هن شاٽ ۾ وضاحت ڏسو۔