ورچوئل ڊرائيو ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ Doctor طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2011۔

  1. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    اسلام عليڪم دوستو،
    هاڻ جيڪا مان توهان سان ٽپ شيئر ڪرڻ وارو آهيان ان جو نالو آهي ورچوئل ڊرائيو.جيڪا بلڪل توهان جي ڊرائيو جهڙي نظر ايندي.
    فرض ڪيو ته توهان جي D ڊرائيو ۾ Doctor جي نالي سان هڪ فولڊر پيو آهي جنهن ۾ توهان جا سافٽويئر ۽ ڪجهه اهم فائلون پيل آهن ۽ توهان ان جي هڪ ورچوئل ڊرائيو ٺاهڻ چاهيو ٿا؟ ورچوئل ڊرائيو.. سا به بنا ڪنهن سافٽويئر جي ته پوءِ منهنجي هن ٻڌايل طريقي تي عمل ڪيو.
    سڀ کان پهريان رَن ۾ cmd ٽائپ ڪري هيٺ ڏنل پاتهه لکو.
    subst i: d:\Doctor
    [​IMG]

    :i آئي ان ورچوئل ڊرائيو جو drive letter آهي ۽:d توهان جي اها ڊرائيو آهي جنهن ۾ توهان جو اهو فولڊر پيل آهي جنهن جي توهان ورچوئل ڊرائيو ٺاهڻ چاهيو ٿا.ان لاءِ جنهن فولڊر جي توهان ورچوئل ڊرائيو ٺاهڻ چاهيو ٿا ته پاتهه ۾ به ان ڊرائيو جو نالو لکندا جنهن جي توهان ورچوئل ڊرائيو ٺاهڻ چاهيو ٿا.
    ان کان پوءِ هڪ batch فائل ٺاهڻي آهي ان ٺاهڻ جو طريقو اهو آهي ته اها ئي ڪمانڊ جيڪا توهان cmd ۾ لکي آهي اها نوٽ پيڊ تي لکڻي آهي. جيڪا مان وري هيٺ لکي رهيو آهيان.
    subst i: d:\Doctor مان جتي ڊاڪٽر لکيو آهي اتي توهان پنهنجي ان فولڊر جو نالو لکندا جنهن جي توهان ورچوئل ڊرائيو ٺاهڻ چاهيو ٿا.
    [​IMG]

    اها ڪمانڊ نوٽ پيڊ تي لکي جڏهن سيو ڪيو ته اڳيان ڪجهه به نالو ڏئي پوءِ ڊاٽ بيٽ (bat.)لکندا۽ ان کي ڊيسڪٽاپ تي سيو ڪيو هاڻي توهان ان سيو ٿيل فائل کي مائوس سان پڪڙي اسٽارٽ اپ جو فولڊر جيڪو اسٽارٽ مينيو ۾ پروگرام فائل ۾ هوندو آهي ان تائين کڻي اچوس.

    [​IMG]

    هاڻي توهان مائي ڪمپيوٽر کولي ڏسندو ته هڪ ڊرائيو جو اظآفو ٿيل هوندو جيڪا آئي ڊرائيو جي نالي سان هوندي.
    [​IMG]

    هاڻي ان ڊرائيو کي کولي ڏسندو ته جيڪي به فائلون توهان جي اوريجنل فولڊر ۾ هيون اهي ئي فائلون توهان جي ان ورچوئل ڊرائيو ۾ به شو ٿي رهيون هونديون. ۽ جيڪي به فائلون توهان ان ورچوئل ڊرائيو ۾ رکندو اهي ئي فائلون توهان جي ان اوريجنل فولڊر ۾ به شو ٿي رهيون هونديون. سو دوستو جيڪڏهن توهان جي هارڊ ڊسڪ ننڍي اسپيس جي آهي ۽ توهان ائين ورچوئل ڊرائيو ٺاهي پنهنجن دوستن کي حيران ڪري سگهو ٿا. انهي طرح سان توهان ڪئي ڊرائيو ٺاهي سگهو ٿا. سو دوستو توهان کي ڪيئن لڳي منهنجي هيءَ ٽپ ضرور ٻڌائيندا وري ملنداسين هڪ نئين ٽپ سان گڏ تيستائين پنهنجي دوست ڊاڪٽر کي اجازت ڏيندا الله حافظ.....


     
  2. ڊاڪٽر آزاد منگي

    ڊاڪٽر آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Veterinarian
    ماڳ:
    Thariri Mohabat District Dadu
    جواب: ورچوئل ڊرائيو ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي

    ادا تمام زبردست ٽپ آهي پر هڪ مسئلو ٿئي ٿو اهو هي ته سب ايس ٽي ڪمانڊ تي سي ايم ڊي هي ڪمانڊ نه ٿو کڻي ڪو حل ٻڌايو
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ورچوئل ڊرائيو ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي

    ڊاڪٽر صاحب اوهان جي مهرباني بهترين ٽپ ٻڌائڻ جي ليڪن ڇا اها ورچوئل ڊرائيو ان ۾ جيڪا ڊيٽا اسين رکنداسين اهو ڪنهن ٻي جاء تي سيو ٿيندو جو اسان جي هارڊ ڊسڪ تي لوڊ نه پوندو.
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ورچوئل ڊرائيو ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي

    ادا ٽپ ته سٺي آهي پر انهي سب ڊرائيو جو فائدو ڇا آهي؟ ۽ جي ڊسڪ ننڍي آهي ته ٻه ٻه جڳهن تي سيو ٿيندڙ ڊيٽا ته اڃان به وڌيڪ جڳهه ولهاريندي۔!
     
  5. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ورچوئل ڊرائيو ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي

    ڊاڪٽر صاحب تمام بھترين ٽپ زبردست
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ورچوئل ڊرائيو ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي

    ادا ڊاڪٽر صاحب

    توهان جي وڏي مهرباني جو توهان فورم تي اهڙي لاجواب شئينرنگ ڪئي

    توهان جي ان شيئرنگ جي فورم تي پڻ سخت ضرورت هئي

    اميد ته اهڙي شيئرنگ جاري رکندا

    سدائين گڏ
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ورچوئل ڊرائيو ٺاهيو بنا ڪنهن سافٽويئر جي

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. رياض احمد سومرو

    رياض احمد سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 مارچ 2013
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا توهان جي وڏي ۾ وڏي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو