برسات جي رات ۾! حفيظ ڪنڀر [JUSTIFY]هڪ: ٻاهر بارش پئي پئي اڃان ڇا؟ مون وارو ڊرائيور ڪوارٽر ۾ ويٺو آهي يا ڀڄي ويو؟ ٻيو: بارش ملڪ ٻوڙي ڇڏيو آهي پر هي بنگلو محفوظ آهي، ان جي ڪوارٽر ۾ تنهنجو ڊرائيور به محفوظ آهي...هاڻ گلاس خالي ڪر ته ٺاهي ڏيانءِ ڀلا!! اهو مصالحا تِڪو ته ٿورو اوريان سوري ڏي. ٽيون: چون ٿا ته لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن.!! تو وارو فارم ته بچي ويو نه!؟ ٻيو: اها بندوتي شاخ هئي، جنهن بچايو. پاڻي ان ۾ روانو ڪيو، پوءِ هيٺ وارن جي قسمت هيٺ وارن سان...!! بادام ايڏانهن ڪيڏانهن کڻي رکيا اٿئي...! هن جو به گلاس ٺاهه نه!! استاد اڳي به ٺڳي ڪندو آهي....آهستي پيئندو آهي...ها! سو...!! خبر ڏي ننگر پارڪر جي ٽوئر جي؟ هڪ: ڳالهيون نه ڀڃ-اصل يورپ وسري ويندو..!! رڳو روڊ تي لڏي آيل بکي خلق ٿي تنگ ڪيو گاڏي بيهارڻ مهل...خلق به ڪا خلق آهي ڇا!؟ ماڪڙ وانگر الائي ڪٿان نڪري روڊن تي اچي ويئي آهي...ڇوري کي سڏ ڪر ته برف کڻي اچي!! چوٿون: ڳالهه هيءَ آهي ته برسات آهي رحمت!! پنهنجي لاءِ ٻوڏ ۽ برسات معنيٰ سُڪار...! اڳين سال درياءَ جي ساڄي پاسي ٻوڏ پنهنجي لاءِ سُڪار کڻي آئي هئي....رحيمداد! تون ته انهي پئسن مان عمرو به ڪري آيو آهين نه؟ هن صاحب ته گذريل ٻوڏ مان هي بنگلو ٺهرايو، جنهن ۾ ويٺا آهيون. ٽيون: اوهان ڀائرن جي دعائن سان!!-يار! بند ڪر انهيءَ موبائل تي ڪچهري جو سڄو مزو ڦٽيو ٿو وڃي! ٻڌ! تولاءِ جيڪو مصلو تحفي طور آندو هو، اهو پيو آهي يا ڪنهن کي ڏئي ڇڏيئي؟ چوٿون: ڇو ابا! ٻي ڪنهن کي ڇو ڏيندس! تنهنجي ڀاڄائي ان تي نفل پڙهي مون کي دعائون ڏيندي آهي.... ٻيو: دعائون ڀاڄائي جون لڳيون آهن توکي، تڏهن ته ٻوڏ آئي آهي. دعائون توکي واهه جون لڳيون آهن...!! ها! ها! هه....هه! هه.....!! ملائي تاڙي!! ٽيون: ڇو ڀلا! ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي!؟ هي برساتون رڳو هن جي قسمت ڪونه کولينديون پر....سڀني کي ونڊ ملندو...تو واري ٺهرايل روڊ جو ته وري ٽينڊر ٿيندو..!! ٻيو: صبر ڪر صبر! رهجي تون به ڪونه ويندي....اجهو ٿو مال اچي، سڄي ورهاست تنهنجي حوالي ٿيڻي آهي....!! هي بوتل ڪنهن پهچائي اٿئي استاد!! پئڪنگ واهه جي اٿس....!! تون ڀلا ڇو چپ ڪريو ويٺوآهين....ڇا پيو سوچين. هڪ: اهو سوچيان پيو ته درياءَ جو ساڄو ڪپ ٻڏي يا کاٻو ڪپ ٻڏي پنهنجون پنج ئي گيهه ۾ آهن. بلڪه پنج هڪڙي ڪپ تان گيهه ۾، پنج ٻي ڪپ تان گيهه ۾....اهي ٿيون ڏهه ئي گيهه ۾...ملاءِ تاڙي. چوٿون: ٻي ڳالهه ٻڌو! اڳئين ڀيري ٻوڏ ۾ جيتري رڙ ۽ دانهن ٻڌڻ ۾ ٿي آئي، ايتري هنيئر نٿي ٻڌڻ ۾ اچي....اهو به شڪر آهي جو ميڊيا ايتري گهوڙا گهوڙا نٿي ڪري. اردو ۽ انگريزي ميڊيا کي ساڃاهه آهي، جو ماٺ ڪريو ويٺي آهي. باقي سنڌي ميڊيا مڙئي ويٺي ڪجهه ڪري ته ان کي ڪير ٿو پڇي؟ ٽيون: اڙي! اهو شڪر ڪريو، جو ماڻهن کي مينهن اهڙو ٿڌو ڪري ڇڏيو آهي، جو وات ئي بند اٿن. رڙ ڪرڻ جي طاقت ڪونه رهي اٿن....نه ته ميان! پاڻ کي ڏاڍو خوار ڪري ڇڏين ها! برساتن ۾ ائين بنگلن ۾ ويهي...هي ولائيتن جا مزا وٺي، ڪڪڙن جون رانون کائي سگهون ها ڇا؟.....گلاس اوريان ڪر!! ٻيو: چئبو ته هنن بارشن مان هڪ گاڏي ۽ هڪ بنگلو تيار ٿئي ئي ٿئي...!! هڪ: ڪجهه صحافي کيسي ۾....ڪجهه سياسي کيسي ۾ته پوءِ بنگلا ئي بنگلا، ڪارون ئي ڪارون...تاڙي...ٽائم گهڻو ٿيو آهي. چوٿون: ڇڏ ٽائم کي...!! توکي وري ڪهڙو برسات ۾ٻڏندڙن جي خبر وٺڻ لاءِ وڃڻو آهي.....تو مٿي فون ڪري ڇڏيو آهي ته آئون ايمرجنسي ڊيوٽي تي آهيان...۽ مٿي وارا به هاڻ يا ننڊ جي ڊيوٽي تي هوندا، يا پاڻ وانگر جاڳڻ جي ڊيوٽي تي هوندا. باقي جن جي قسمت ننڊ ڦٽائي آهي، انهن کي ڄاڳڻ ڏي. ٽيون: قسمت وري ڪنهن جي ننڊ ڦٽائي هوندي هن خوبصورت برسات ۾؟.... يار! هي پستا ته ڏاڍا لذيذ آهن...واهه جو داڻو آهي! چوٿون: ننڊ ڦٽل هوندي انهن جي جيڪي گهر ڇڏي اچي روڊن تي ۽ شاخ جي ڪپرن تي ويٺا آهن...!! اڙي انهن کان ڪير اهو پڇي ئي نٿو ته ڦرئي کانپوءِ رڙيون ڇو ٿا ڪريون....؟ ڦرجي ته ويا آهيو...هاڻ وڃي کلي آسمان ۽ لکي زمين تي مزا وٺو....ڀڳا بيٺا آهن پريس ڪلبن اڳيان... ٻيو: اهي پريس ڪلب وارا به استاد اٿئي...پاڻ لاٽ صاحب ٿيو ويٺا هوندا آهن ڪلبن ۾...۽ متاثرين اچيو مظاهرو ڪريو...نعرا هڻيو هليا وڃن....جيڪو ڪم صحافين جو آهي، اهو متاثرين پيا ڪن. ٽيون: اصل متاثرين ته اهي صحافي آهن نه....!! ويچارا اهي جيڪڏهن فيلڊ ۾ ڪاهي پون ته پنهنجو ڄُنڊو هڪڙو نه بچي....چڱو ٿيو جو هنن اهو ماحول ٺاهيو آهي جو کين تڪليف نه اچي، وري به متاثرين اچي هنن کي مظاهرن جي شڪل ۾ پريس ڪلبن اڳيان خبر ڏئي وڃن...ٻڌ! تو وارو اهو صحافي دوست ڪٿي آهي، جنهن کي گوريلو گوريلو چوندا آهن؟ هڪ: اهو اڄڪلهه ٻڏل سنڌ جي غم ۾ هوندو....هاڻ ته اهو غم پاڻ وانگر غلطان ڪري رهيو هوندو....ڇڏينس انهيءَ کي ڪالهه ئي ته مال وٺي ويو آهي.... ٻيو: هون!! يار هڪ ڳالهه ٻڌايان...!! سچ اهو آهي ته لکين ماڻهو آهن، جيڪي تباهه ٿي ويا آهن، سم نالن مان لاش پيا نڪرن. ماڻهو بکن ۾ پاهه پيا ٿين.... ٽيون: ڏيو منهن! تنهنجو ته چوٿين گلاس کانپوءِ سدائين اهو ضمير صاحب جاڳي پوندو آهي. ڇڏ ڙي بابا! اهي بکن تي هريل ماڻهو آهن....ڏکن جا ڏاڍا آهن...سم نالن ۾ لاش پيا لڙهن ته ڇاهي...ڪفن دفن جي هڻ وٺ کان بچي ويا پونيئر...سيزن ڏس ڪهڙي اچي وئي آهي ڪمائي جي. ڇڏ انهن ڳالهين کي، ڇو ٿو مزو ڦٽائين برسات جي رات جو، هي منهنجو گلاس ٺاهه...!![/JUSTIFY] روزانه ڪاوش تان ورتل