شاهه جي شعر ۾ سنڌ جا سخي حاڪم ڪلياڻ آڏواڻي [JUSTIFY]شاهه جي سورمن جو سرموڙ، راءِ ڏياچ آهي – روءِ زمين جي اِتهاس ۽ ساهتيه ۾ سندس قربانيءَ جهڙو مثال نٿو ملي. حقيقي توڙي مجازي، وطني توڙي سياسي عشق جي راه ۾، سوَن نه، بلڪ هزارن، پنهنجا سر قربان ڪيا آهن، پر اَهڙو ڪو مثال ڪونه سُجهي، جو ڪنهن سخيءَ، پنهنجن هٿن سان، ”ڪرٽ ڪپار ۾“ هڻي، راڳ مٿان سر قربان ڪيو هجي. نه رڳو راڳ جي عشق ۾، پر هڪ ”ويرين وچان“ آيل سواليءَ جي سڏ پوري ڪرڻ لاءِ! جهڙو آهي راءِ ڏياچ ”سخين جو شهنشاه“، تهڙو آهي ٻيجل ”مڱڻهارن جو سر تاج“. راءِ ڏياج، ڏيڻ جو ”ڏاتار“، هي مڱڻهار، وٺڻ جو ”ڏڏ“. بي انتها سخاوت کي ڪامل بيغرضي ۽ لاطعيءَ جو مشاهدو مليو آهي. جڳه ۾ ڏيڻ وڏو ڏک آهي، پر وٺن لاءِ هر ڪو هڪيو حاضر آهي. هتي، ماڻڪن جو مينهن ٿو وسي ته مڱڻهار هٿ سان ٿو ڇهي! ٻيجل به هڪ شاهاڻو چارڻ آهي، جنهن رُپي ۽ سون کي دليون جانيون رد ڪري ڇڏيو آهي، نه رڳو رُپي، سون ۽ ماڻڪن کي ترڪ ڪيو اَٿس، پر دنيا جي ٻين مڙني سخين جا در، ٻَن ڏيئي، ”سورٺ ور“ وٽ، رڳو سندس شان سُڻي آيو آهي. شاندار سخيءَ جو شاندار سواليءَ سان مکا ميلو ٿيو آهي، روح، روح کي ڇڪيو آهي، ڏاتار ۽ مڱڻهار ”هردوئي هيڪ“ ٿيا آهن. جيڪي وصفون هڪ اَعليٰ طبع مڱڻهار ۾ هئڻ گهرجن، تن کان وڌيڪ گڻ، ٻيجل ۾ موجود آهن. راڳ جي وَس ته ساري ڪائنات آهي، پر ٻيجل راءِ ڏياچ کي رڳو راڳ وسيلي هٿ نٿو ڪري: هي جاجڪ، شاهه کي ريجهائڻ جا سڀ طريقا ڄاڻي. اُستتيءَ جي وسيلي هر ڪو ريجهي ٿو پوي، باقي به جو ٻيجل، ”واڄو ولاتي“ ۽ ”ساز سِري“ کڻي، اُن تي واکاڻ جون وايون ٿو ڳائي، سو راءِ ڏياچ هڪدم پگهر جي پاڻي ٿي ٿو پوي. پنهنجي راڳ ۾، تاثير پيدا ڪرڻ لاءِ، حق جي درگاهه ۾ ٿو ٻاڏائي: ”سٻاجها سائين، راءِ ريجهائين راڳ سين“ – پوءِ راءِ جي اُستتي اُچاري، سندس حضور ۾ تَه سينَ ٿو هڻي: ”تو در آيس راڄيا! ههڙو وٺي حال، اونائيج عليل جو، سٻاجها سوال، تو در آيس راڄيا! ٻيا در ڪري دور، سائل ٿو سين هڻي، هر دم آن حضور، ٻٽو نه مڱي مور – اَمن ڏئو اُن کي.“ راڳ جو ڪامل اُستاد هوندي به، راجا کي ڪيئن نه ٿو پنهنجي راڳ ٻڌڻ لاءِ ليلائي:- ”ڪَهان جو ڪُماچ سين، سو سُڻ سٻاجهي ڪَن.“ راءِ به اَڳيان گهڻيئي لب ٿو آڇيس، پر مڱڻهار، مڙني امتحانن مان پار پئي پنهنجي اصلوڪي طلب دهرائيندو ٿو اَچي: ”هاٿيءَ ڪارڻ هيڪڙي، آءٌ ڪا تند هڻان؟ جا مٿي تو مڻيا، تنهن سر جو آهيان سيڪڙو.“ راجا کيس آزمائڻ لاءِ وسان گهٽائي نٿو، پر مڱڻهار، جنهن هٿان، آزمائشون اَڳئي مات ٿيون پيئون آهن، سو ته اُنهن کي ليکي به نٿو، هو پنهنجي حجت کان ذرو به پٺتي نٿو هٽي: ”سا سمجهي سورٺ ور! ويندس ڪين وري، پويان پير ڀري، تو لاءِ آئيو آهيان.“ سخيءَ جي هر دي ۾ ”بحر جود“ جوش ۽ جنبش ۾ ٿو اَچي، ۽ هو فقير کي اُمنگ وچان، پنهنجي محل ۾ ٿو سڏائ، سواليءَ جي صدا کي، سخيءَ جي صدا ٿي اونائي:- گهوريان لک لطيف چي، تنهنجي قدمن تان قربان، مٿو هِي، مزمان! هَلي آءُ ته هِت ڏينءِ.“ راءِ تي، وجد جي حالت، ايتري قدر ته طاري ٿي ٿئي، جو هو ٻيجل جي، هڪ عجيب نموني آجيان ٿو ڪري: ”تنهن جهوئي ناهه ڪي، جو تو، چارڻ! ڪيو پنڌ. اي شڪر الحمد، جن ءِ مٿو گهريو، مڱڻا!“ راءِ ڏياج جو دان اَهڙو آهي، جو هميشه سوالين لاءِ، سند جو ڪم ٿو ڏئي. اَهڙو ”نانهه جهڙو دان“ ڏيندي، به هو لڄ ٿو مري، ۽ ٻيجل کي هيءَ التجا ٿو ڪري، ته ”ههڙي خسيس دان تي مرڪج نه، پر تسج.“ ”تنهن ۾ تُسج تون، جيڪي پَويئي پَٽ ۾.“ هڪ سر ڇا، پر ڪروڙين سِر قربان ڪرڻ به، هن ڪامل سخيءَ لاءِ، هڪ تُڇ بازي هئي: ”مٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هو وَن ڪَپار، ته واريو واريو وڍيان، سِسيءَ کي سؤ وار، ته پڻ تند توار، مُوهان مٿائون مڱڻا!“ ڪيڏو نه داد ”جي ڪروڙين سِر هجنم ۽ اُنهن مان هر هڪ کي سئو وار وڍيان، ته به تنهنجي تند جو مُلهه اُنهن مڙني کان مٿي!“ اها سر جي سخاوت، راءِ ڏياچ ئي ڪري ٿو سگهي. ”سورٺ ور“ جي ڀيٽ ۾، ٻيا سڀ عاشق، .سُڌڙيا“ پيا لڳن. هن راڳ جي عاشق ”ڪرٽ ڪپار ۾“ وجهي، شاهه صاحب جي سچي عاشقيءَ وارو آدرش پورو ڪيو. اصل عاشق پانهنجي، سِسي نه سانڍين، لاهيو سِر لطيف چي، ساهه سَلاڙيو ڏين، ڪُلتئون ڪاٽين، پڇن پوءِ پريتڻون.“ (سُر ڪلياڻ) سچو سخي به هڪ اَهرو فقير آهي، جنهن جي مهما ڪامل عارف به ٿا ڳائين – سخين جي سخاوت، هڪ اَبدي گل آهي، جنهن جي سرهاڻ، ”جڳان جڳ“ ڦهليل ٿي رهي. سخين جي صدقي، شاهه مديحه شعر به چيو آهي.”سر پرڀاتي“ ۾، سپڙ سخي، لس ٻيلي جي سخي حاڪم ۽ ”سر بلاول“ ۾، مشهور سخي ڄام (سنڌ جي سمي حاڪم، جادم جکري، جي دل کولي واکاڻ ڳائي اَٿس – ايراني شاعر، ڪنهن انعام جي تمنا رکي، خسيس بادشاهن کي به پنهنجي قصيدن ۾ وٺي عرشين چاڙهيندا هئا. شاهه، جن حاڪمن جي ساراهه ڪئي آهي، سي تن ڏينهن ۾، جهان ۾ ئي ڪين هئا. شاهه، اهو مديحه شعر، انهيءَ لاءِ چيو آهي ته، دنيا ۾ سخين جي سخاوت، اَمر رهي، ۽ حاڪم، سخاوت کي پنهنجي خوءِ ڪن تحقيق، ڪنهن سخيءَ جو ديدار ئي هڪ پاڪ زيارت آهي، ۽ سندس مهما ڳائڻ، هڪ ”عجيب عبادت“. راءِ ڏياچ هڪ ڪامل راڳائيءَ کي، پنهنجو سر دان ۾ ڏنو، هوڏانهن، سپڙ سخيءَ وري هڪ ڏڏ مڱڻهار کي، هڪ سؤتازي گهوڙا اِنعام طور ڏيئي ڇڏيا. راءِ ڏياچ پنهنجو سر لڄيندي لاٿو، ڇو ته ٻيجل جي تند کي، ”سؤ هزارن سرن“ ۽ ”ڪوڙين ڪپارن“ کان مٿي ٿي سنمجهيائين، سپڙ سخيءَ به ڏڏ مڱڻهار سان وڏائي وڙڪيا، سندس بي – سُرائي بابت ته ڪُجهه نه ڇيائين، بلڪ ساڻس ڏک ڪڍيائين ته ”اي جاجڪ! ٻين درن تي وڃڻ بدران، جو هن کان اَڳ، منهنجي در تي نه آئين، تڏهين ته هيترا سارا ڏکيا ڏينهن ڏٺا اَٿيئي.“ ڏاتار ڏک ڪيا، پاڻا مٿي مڱڻي.- مون در ڇڏيو، مڱڻا! مڱين ڪوه ٻيا؟ تڏهن تو پيا، وچان ولها ڏينهڙا.“ (سر پرڀاتي) ڄام سمي جي سخاوت کي، هن ريت ٿو داد ڏئي: ”جس جو لائق، هڪ ڄام سمو آهي: ٻيا مڙيئي حاڪم، ”انيراءِ“ (جنهن راءِ ڏياچ جو، ٻيجل دواران، سر وڍايو هو) مثل آهن. جنهن هنڌ، هي سخي سردار جُڙي راس ٿيو هو، تنهن هنڌ، ٻيو ڪوبه اَهڙو انسان نه جُڙيو، ڇو ته اُتي مٽي هئي ئي اوتري – هن سخي حاڪم کي ڏسڻ سان، ٻيو ڪوبه راجا، دل تي نٿو اَچي، ڇو ته جتي مٺي پاڻيءَ جو چشمو هوندو آهي، تتي ٻين کوهن کڻڻ جو ڇا سؤد!“ ”جکرو جس کَرو، ٻيا سڀ انيرا- جئائين جڙيو جکرو – تيئائين نه ٻيا، مٽي تنهن ماڳا، اصل هئي ايتري. ڏٺي جادم جکري، چِت نه ٻئا چڙهن، ته ڪي کوه کڄن، جهُ سَرُ لڀي سَڀَرو؟“ شل سخين جي سخاوت هميشه قائم رهي! سخين کان سواءِ، دنيا ۾ اَنڌڪار آهي. سخي، هن دنيا جي رُڃ ڀوميءَ ۾، مٺي ۽ ٿڌي کوههَ مثل آهن، جنهن مان رڻ اُڪرندڙ، پاڻيءَ چڪو پي، پنهنجو جيءُ ٺارين ٿا. شل اُهي اَمر رهن.. ”اَلا جنگه جين، جنين اَجهي گهاريان، شال مَ سُڪي ويئري، جِئان ڀي پين.“ شاهه، جادم جکري جي واکاڻ ڪندي، وجد ۾ اَچي ٿو وڃي، ۽ مبالغي ۾ اَچي ٿو ڇٽڪي: ”هن حاڪم سان ٻيا سوين سردار به نه پاڙيان – اي سخي! تنهنجي سخا، مينهن مثل آهي. تنهنجي ”جهڙ“ يعني سخاوت، اَرڙهن هزار حاتمن کي جهپي ڇڏيو آهي.“ ”پانڊسين نه پاڙيان، سوين ٻيا سؤار، اهي مثل مينهن جي، سخي تنهنجي سار، حاتم هڙوه هزار، جُهڙ تنهنجي جهپيا.“ (سُر بلاول)[/JUSTIFY] عوامي آواز سنڊي ميگزين جي ٿورن سان