اڄڪلهه ڇوڪريون، ڇوڪرا توڙي مرد پنهنجو رنگ گورو ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا لوشن، ڪريم ۽ صابڻ وغيره استعمال ڪن ٿا، جيڪي اڪثر طور بي اثر ثابت ٿين ٿا، جيڪڏهن فائدو به ٿئي ٿو تڏهن به اهو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ هجي ٿو ۽ پوءِ چمڙي جو رنگ واپس پنهنجي جاءِ تي اچي وڃي ٿو، ماڻهو جو رنگ ڪارو ڇو ٿو ٿيڻ لڳي؟ اهو سوال اهم آهي، ڊگهي ميڊيڪل ريسرچ کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿي آهي ته چمڙي جي گهرائي ۾ واقع جيو گهرڙا ميلان نالي هڪ مادو تيار ڪن ٿا، اهو مادو اصل ۾ قدرت طرفان هڪ حفاظتي تدبير آهي ۽ اهو چمڙي کي سج جي شعاعن کان تحفظ فراهم ڪري ٿو، جڏهن به سج جا تيز شعاع چمڙي تي پون ٿا ته ميلانن جي تياري ۾اضافو ٿئي ٿو ۽ ان کانپوءِ چمڙي جي گهرائي مان نڪري اهي مٿين سطح تي اچي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته ميلانن مادي جو رنگ ڪارو ٿي وڃي ٿو تنهنڪري رنگ به ڪارو ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته گوري چمڙي ۾ ميلانن جي هيٺان کان مٿي منتقلي رڪجي وڃي ٿي ته پوءِ اها چمڙي ڪاري نٿي ٿئي، جيڪا چمڙي حساس هوندي آهي ان ۾ اها تبديلي جلد ايندي آهي ۽ اهڙا ماڻهو اُس ۾ وڌيڪ رهندا آهن ته سندن رنگ ڪارو ٿي ويندو آهي، ڪاري رنگ جي تدارڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت ان ڳالهه کي آهي ته مختلف طريقن سان ميلانن جي تياري ۾ گهٽتائي آندي وڃي، اها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي آهي ته ڪجهه ماڻهن جي چمڙي پيدائشي طور ڪاري يا سانوري هوندي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن جي چمڙي وري موسم جي لحاظ سان رنگ تبديل ڪندي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن جو رنگ وري صفا گورو هوندو آهي ۽ اهو اُس ۾ به تبديل نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي چمڙي اندر ميلانن جي تياري تمام گهٽ ٿئي ٿي پر اهڙن ماڻهن کي چمڙي جو مرض ٿيڻ جو خطرو ضرور هوندو آهي، سن اسڪرين وارين دوائن جي استعمال وقت انهن ڳالهين جو خاص خيال رکيو وڃي ته اهي سج جي شعاعن کي موثر طور روڪي سگهن ۽ اهي دوائون چمڙي ۾ پاڻي جي گهٽتائي پيدا نه ڪن، قدرتي دوائن ۾ صندل ۽ ماکي جو ذڪر ضرور ايندو آهي.