
موئن جي دڙو جي تهذيب تقريبن 5 هزار سال پراڻي آهي۔۔۔۔ موئن جو دڙو جا آثار سنڌ جي تاريخي ۽ سياسي ماڳ لاڙڪاڻو کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي آهن۔۔۔۔ هنن آثارن جي کوٽائي 1922 ۾ شروع ٿي جنهن جي نگراني ان وقت جي آثارِ قديمه محڪمي جي اڳواڻ سر جان مارشل پاڻ ڪئي ۔۔۔۔ موئن جو دڙو جي کوٽائي دوران مختلف دور جون عمارتون مليون ۽ انهن عمارتن مان ان دور جا مٽي جا سڪا، رانديڪا، سنگ مرمر جون ڇٽيون، پتلا ۽ مُهرون مليون۔۔۔ انهن مُهرن تي ڪجهه جانورن جون شڪليون بڻيل هيون۔۔۔ موئن جو دڙو جي کوٽائي مان معلوم ٿو ٿئي ته هتي 3 هزار سال پهريان جيڪي ماڻهون آباد هئا سي تمام گهڻا مهذب هئا۔۔۔ جنهن سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي ڌرتي تي هڪ تهذيب يافته قوم آباد هئي۔۔۔۔۔
موئن جو دڙو جي تهذيب آريا تهذيب کان به اڳ جي آهي ۔۔۔ سنڌ جي تهذيب جو مطالعو ڪرڻ لاءِ جڏهن موئن جو دڙو جي کوٽائي کان پوءِ مليل سامان کي ڏٺو ويو ته خبر پئي ته قديم سنڌ جا ماڻهون ڏاندن ۽ سانڊن جي پوڄا ڪندا هئا۔۔۔
سنڌ جي وادي جي تهذيب جو پوري ڏکڻ ايشيا تي اثر هو ۽ اها تهذيب ئي پوري ڏکڻ ايشيا ۾ پکڙي۔۔۔۔۔
موئن جي دڙي جو 5 هزار سال اڳ جو تصوراتي عڪس هن وڊيو مان ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=SdGbamPgf8o
حڪومت جي بي حسي جي ڪري اسان جو هي قيمتي سرمايو ڏينهنو ڏينهن خاتمي جي طرف وڌي رهيو آهي جنهن جي هڪ جهلڪ هن وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿي۔۔۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=S7RaOA_xFGY