برسات سنڌ کي سئٽزرلينڊ ڇو نٿي ڪري!

'مختلف موضوع' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    هيل مولا جي ڏنل ٻوڏن ۽ مرڪز جي ڏنل لوڏن سنڌ ڌرتيءَ کي ڄڻڪه ڌوڏي وڌو آهي. آفاقي آفتن توڻي وفاقي مصيبتن وطن واسين جون وايون بتال ڪرڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو. واقعي ئي بدقسمتي ڪنهن قوم تي اڪيلي سر اٽيڪ ناهي ڪندي، پر مشڪلاتن جا لشڪر ساڻ ڪري جوڪ در جوق اچي ٽاڪوڙا مچائيندي آهي! اڳين آبڪلاڻيءَ ۾ ٽوڙي بند ٽُٽو ته اڌ سنڌ لوڙهي وڌائين، هيلوڪين سانوڻين ۾ عرش ٽِمي پيو آهي ته سڄي سنڌ ٻوڙي ڇڏي اٿائين! ٻوڏ جي پاڻي کي ته هڪڙي واٽ وٺرائي ويندي آهي. پر آسماني آب جا چارا ڌرتيءَ جا چار ئي پاسا توڻي لاها چاڙها هجن ٿا. ستم ته اهو آهي، جو زميندارن سيلاب وانگر زمين وارن سان بارش جي سلسلي ۾ به ويساهه گهاتيون ڪيون. برساتي ۽ سم نالن جا رخ ڏاڍ مڙسيءَ سان موڙائي گهڻائي ڳوٺڙا هٿرادو نموني ٻوڙايا ويا آهن! شهرن ۾ ميونسپالٽين جي مهربانين ۽ ڪارپوريشنن جي ڪرم نوازين سان بارشي نديون گٽرن جي غلاضتن کي گهلينديون گهرن اندر گهڙي دير تائين ديرا ڄمائي ائين ويٺيون رهيون، جيئن وزارتِ داخلا جي ذره نوازين ۽ نادرا جي نوازشن سان ست ڌارئي راڄن جا غير ڄامڙا اسان جين راڄڌانين جي هنڌن ماڳن تي ورهين کان ڌرڻا هڻي ويهندا رهيا آهن!

    پوئين ٻوڏ جا ستايل سنڌي جڏهن گاديءَ واري هنڌ ۾ اچي گڏ ٿيا هئا ته مِني پاڪستان جا هوڪا هڻندڙ رهاڪن انهن جي جيڪا يادگار مهمان نوازي ڪئي، سا ڏسي اسان جي تاريخي ميزباني روئڻهارڪي ٿي پئي! ٽانڊو کڻڻ لاءِ آيل ڪَٺور دِل پاڙي وارا ماڻهو هاڻي ڪراچيءَ واري ڪِچن جا پڪا بورچي ٿي ٻالم بڻجي ويٺا آهن! ۽ اصلوڪن لوڪن بلڪه مالڪن کي عرب جي اُٺ وانگر ملڪ نيڪاليءَ جون هڪلون پيا ڪن! سنڌ جي دل ۽ بدن اندر شرارتي شخصن جيڪي شعلا ڀڙڪائي ڇڏيا آهن، سي وسائڻ لاءِ شايد قدرت واري برق رفتار برساتن جو بندوبست ڪيو آهي! ڇو ته شهري سرڪار جون فائر برگيڊون باهه لڳائڻ ڄاڻن، ائين جيئن سروس ايمبولينسون لاش ٺڪاڻي پهچائڻ ڄاڻن!!

    ڪنهن کي واڱڻ وائي، ڪنهن کي بصر بادي! بابا! برسات توڻي سيلاب ته مسڪينن لاءِ مصيبت آهن، آفيسرن لاءِ ته سيزن آهن نه! ۽ وس وارا آفيسر ڪنهن جا؟ اهي به اسان جا پنهنجا! قومي ڪمدارن کي اڪثر ڪرپشن جا سونهري موقعا ٿا ملن ته ڀلا حاسد ڇو ٿا سڙن! ملڪ مولا جي ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي ان نيڪيءَ کان روڪي؟ غريبن ته پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙا وهائي ڪڍيا آهن، جو ٻهراڙين ۾ وڃي جهرڪين جي آکيرن جهڙا ڪچا ۽ ڪمزور گهرڙا ٺاهي ويٺا، سو مست مينهوڳيءَ ۾ انهن جون جهوپڙيون جُهرن ٿيون ۽ بادل به بس نٿا ڪن، ته ڀلا قصور ڪنهن جو! بازن کي رب پَرَ ڏي يا نه پر ملبي مٿان ڳجهن جي لامارن کي ڪير روڪي؟ هاڻي جي خيراتي سامان ۽ امدادي مال تي ڪامورا ٽوپيون نراڙ تي رکي پنهنجا گهر ٿا ٺاهين ته غريب غُربي کي اعتراض بدران ڇا گندي مقدر کي ميار ڏيڻ کپي؟ پنهنجيون جهڳيون ته ڊَٿيون اٿن، هاڻ ٻين جون ماڙيون تَري پَٽ ٿيڻ جا پِٽ پاراتا ڇو پيا ڏين!؟

    هِن مهل جڏهن ڪراچيءَ جي ”ٽريجڪ ناٽڪ“ ۾ نقاب پوش بازيگرن کي بي رحم ڪارناما سرانجام ٿيندي ٿو ڏسجي، دارالحڪومتي قضيي جو راز حڪومتي همراز ادارا به پروڙڻ کان لاچار آهن! خود سرڪار بهادر ڏندن تي آڱريون رکيو ويٺي آهي، سياسي دانشورن جا هوش هوا ۾ ڪک پن پيا ڏسجن. سياستدان بدحواسيءَ منجهان هڪ جا ٻيا بيان پيا ڏين! ٻيو ته ڇڏيو مها ڏاهي جو وات به پٽجي ويو آهي! ڪجهه پڇڻ تي اهڙو ٿو ڪُڇي جهڙي ڀِت! گُرو جي کليل مُنهن منجهه بند زبان ڏسي اسان سندس سڀ چيلا پڻ اچرج ۾ پئجي هن جي هٿن پيرن جون تِريون پيا مهٽيون! جنهن باخبر اڪابر کان کڻي پڇ ته ادا! ڇا پيو ٿئي ۽ ڇا ٿيندو؟ ته جواب ٿو ملي ڪو پتو ناهي، خدا کي خبر! آوازِ خلق به خدا جو نقارو آهي. سو ڇو نه خدا بدران سندس صنم (عوام) سان ملي معلومات وٺان ۽ حقيقتون حڪمرانن تائين پهچايان ته متان ڪو تُرت تدارڪ ڪرڻ جي قدرت وارو توفيق عطا ڪري، ائين نه ٿئي جو پوءِ گهڻي دير ٿي وڃي ۽ اهي نه هِتان جا رهن ته هُتان جا رهن! نيٺ سادي پر سمجهداري عوام جي آشياني تي اچي پهتس. ميڊيا جو ماڻهو پنهنجي گهر جي دَر تي ڏسي عوام ڏاڍو سرهو ٿيو، چيائين! حيف هجي سياستدانن کي، اليڪشن جي موسم ۾ ته اسان وٽ اچي جوڪ در جوق جُتيون گسائيندا آهن، پر پوءِ پورا پنج سال خلقِ خدا کي وساري ويهي ٿا رهن! عوام سان ڪيل انجام پاڙين، سو ته ڏيهه ۽ پرڏيهه ڏٺو! پر وطن تي اوکي ويل اچي وڃي ته عوام کي کنگهين به ڪو نه. جڏهن جمهور نگر بڻايو اٿئون، هن ڀاڪ ديس کي، ته پوءِ اهم قومي مسئلن تي ريفرنڊم ڇو نه ٿا ڪرائين؟ شابس هجي اوهان صحافين کي جو سروي خاطر اسان عوام وٽ هليا ٿا اچو!

    عوام کي حڪومت مٿان مَتل ۽ سياستدانن تي تَتل ڏسي اول ته کيس ٿورو ٿڌو ڪيم، پوءِ پڇيومانس هاڻي ڏي حال! چيائين: ابا! حال هيڻا سورَ ٻيڻا! ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين يار؟! ٻڌائڻ ويهبو ته پري وڃي پئبو، ڪراچيءَ سان جيڪا جُٺ ڌارين ڪئي آ، تنهن ۾ پنهنجن جو پڻ هٿ آ، قهر خدا جو! پنهنجا ڀائر سرڪار ۾ ويٺا هجن ۽ ههڙا هاڃا ٿين بُري هن ڀنڀور ۾! ڪنهن کي ڪهڙو مهڻو ڏجي. پنهنجي پياري پيپلز پارٽي کي ئي ڏوراپو ڏبو! جنهن عوام منجهان جنم ته ورتو هو، پر ان جي حڪومت اڄ رڳو پنهنجي لاءِ پئي جيئي! هن سڄي ملڪ سان ڪي نيڪيون ڪيون هجن يا نه. پر سنڌ سونهاريءَ ۽ ان جي راجڌانيءَ کي ته ڏنڀ ڏئي ڇڏيا اٿس، بِنا گُهرج جي اتهادين جي ڳيجهو بڻجي ويٺي. اهو ته پنهنجو پاڻ ڄاڻي پرعوامي مينڊيٽ جو مليا ميٽ ڪرڻ سان گڏ سنڌ اسيمبليءَ جي به توهين پئي ڪري. مفاهمت جو جيڪو راڳ پئي آلاپي، تنهن ۾ نه فهم آهي نه مَتِ! ڄڻ چونڊون پئي وڙهي ڇا، جو چوي پئي ته ڪراچيءَ جو مسئلو سياسي آهي ۽ سياسي حڪمت عملين سان حل ڪبو! اڙي بابا! چريو ڳالهه ڪري، سياڻو ويچار ڪري! ته سمورو قصو غير سياسي آهي. ان جون پاڙون انتظامي اوزارن سان پٽڻ کپن، گهرو وزارت وارو عهدو ملڻ بعد ڪو ئي سياستدان هڪ منظم وڌيڪ ٿي وڃي ٿو. ڏوهارين سان ڪهڙو لحاظ مروت ۽ ڇا جو پيار محبت!؟ خوابن جي خول مان نڪري ئي حقيقت جو هنگلاج حاصل ڪبو آ! سو بُرائي جي بيخ ڪَني لاءِ سرڪار فيل مستي ڀلي نه ڏيکاري. پر ٿورو هاس پاور ته ڪم آڻي نه! واهه جي جمهوريت نوازي آهي اها! جو اڪثريت جي خواهشن کي پوئتي ڦٽو ڪري جوڪ در جوق اقليت جا مطالبا پئي مڃي، مون عوام جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي ۽ کيس ٽوڪيندي چيو ته يار عوام! ڇَتي ڪوريءَ واري ڊيگهه ڇڏ ۽ وتائي فقير واري ويڪر کي وَٺ! يعني ڪراچيءَ بابت بيان رڪارڊ ڪراءِ! چيائين: بس بابا! ڪراچيءَ ويچاريءَ سان ڪجهه ته قوم جي ابن ۽ ملڪ جي بانين جون ڀلايون آهن. آيلن جا اگرا نتيجا اڄ ڄاولن کي ڀوڳڻا پيا آهن.، ڪجهه وري وقت جي حڪومتن جي ڪمزورين ۽ لاغرضين سبب ڪراچي جي اِها حالت اچي ٿي آهي! جيڪي عاجوج ماجوج ڪراچيءَ جون بيروني ڀتيون چَٽي شهر اندر داخل ٿيا. تن جون منڍيون ٿَڏي تي مروڙجن ها، ته جيڪر اڄ ائين ڪنڌ مٿي کڻي نه هلي سگهن ها! قدرتي عذاب چئجي يا قيامت جو پاڪ ڪتاب کڻي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنڊورا باڪس کولي حق پرستن جا پول پڌرا ڪيا آهن، پوءِ به عوام کانسواءِ ڪو ئي اعتبار نٿو ڪري، يا وري اندر ته اُڀارين ٿو پر زبان نٿي اُٿلين! ناحق آ، ٻيو ڇا هي!؟ چيم اڙي چريا عوام! منهن مٿو پِٽڻ ۽ سور سلڻ بدران ڪو علاج به ته تجويز ڪر نه انهيءَعذاب جو!؟ وراڻيائين: وڏا! هٿ جي وڍيءَ جو ويڄ نه ڪو طبيب!

    عوام جي مايوسي ڏسي واپس وريس سياڻن جي آستاني تي، ڏٺم ته هائو ٻيلي! مها ڏاهو هوش ۾ اچي چڪو آ، چيومانس، ڏاڏا! بارش ۽ دهشت تي ڳالهاءِ ۽ گريبيءَ ۾ چيني ٻوليءَ تي ٻوڙهار! چيائين، پُٽ اڃا مٿو موڳو لڳو پيو آ، پوءِ به ٻه چار اکر ٻُڌ، ٻارنهن چوڏهن ٿي پون، ته پرواهه نه ڪجانءِ ڏس...! جڳ ڌڻي بارانِ رحمت پيو موڪلي، پر واڳ ڌڻي ان کي وبال ۽ زحمت بڻائي رهيا آهن!! باقي ڪراچيءَ جو مسئلو حسابي آهي. ڪتابي هجي ها ته حڪومت ڪڏهوڪو حُل ڪري وٺي ها! سائبيريا جا موسمي پکي جيئن سنڌي سمنڊ تي اچي لهندا آهن. تيئن ڪوهه ڪاف جون جِنڙيون ڪراچيءَ جي هڪ مخصوص مخلوق کي اچي چنبڙيون آهن، جيڪي ڇِتن ڪُتن جيان پنهنجن گوڏن کي چڪ پيون پيائين ۽ معصوم انسانن جون ڪوس پيون ڪن. مالڪ ته مهربان آ، ٻاڏائڻ سان بندن مٿان ڪهل ڪري برسات بند ڪري ڇڏيندو. پر اها ڪت خلق ايلاز منٿن سان جند نه ڇڏيندي. ان لاءِ مون وٽ ٻه ٽي ٽوٽڪا آهن. هڪ ته پنڊتن ڀوپن توڻي عاملن ڪاملن کان جادو ڦيڻا ۽ دُعا ڌاڳا ڪرايا وڃن. ٻيو الغوزي نوازن کان وَڄت ڪرائي جِنن ورتل پاڳلن کي پيالا پيارڻ کپن. سياسي مفاهمت بجاءِ سماجي مفاهمت کي يقيني بنائڻ خاطر ساڄن کاٻن علائقن ۾ جهيڙيندڙ ڌرين طرف معروف قوال پارٽيون ۽ صوفي فنڪارن جون ٽيمون موڪلجن، جيڪي تاڙين توڙي يڪتارن چپڙين جي کڙڪن سان هڪ ته جِنات جي ٽولن ۾ ٽاهه وجهي کين هتان ڊوڙائي ڪڍندا ۽ ٻيو ته امن ۽ انسانيت جا صوفياڻا ڪلام ڳائي بد روحن جي دلين اندر رحم ۽ همدردي جا جذبا اجاگر ڪري سگهندا. ۽ ٽيون پاڪستان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪميشن ”ناسا“ معرفت هالي ووڊ جي هارر ۽ سائنس فِڪشن فلمن جي تجربيڪار ڊائريڪٽرن جون خدمتون حاصل ڪري، چوٿين ترڪيب جو ذڪر هڪ سرڪاري تقريب ۾ ڪنهن طاقتور ڪاموري منهنجي ڪَنَ ۾ ڪيو ته پرواهه نه ڪريو ۽ بيچين نه ٿيو، هاڻ پاڻ کي چين بچائڻ پيو اچي! ڇو ته آمريڪي ياري خواريءَ جو ڪارڻ بڻي ته چِين سان پاتل پراڻن پيچن کي ولايتي پالش سان چمڪائڻ شروع ڪيو اٿئون. ابتدا سنڌ اندر چيني ٻولي لاڳو ۽ لازمي ڪرڻ سان ٿئي پئي! جِن ڀُوت سنڌي نٿا سمجهن پر چيني ايندي اٿن. آمريڪا ته سنڌ ٻوڙائي ۽ ماڻهو مارايا. پر هاڻي چين هتي پهچي جديد حربن ذريعي سنڌ تاريندو ۽ ماڻهو بچائيندو. ان سان جلد ئي ٻين معاهدن تي به صدرِ پاڪستان دستخط ڪندو ۽ پوءِ چين اچي سنڌ جي در تي دستڪ ڏيندو! ان سان ٻٽا فائدا ٿيندا، پهريون: سنڌين کي علم پرائڻ چين ته وڃڻو پوندو ۽ ٻيون (الف) برساتن سان شڪايتن جو ازالو ٿيندو، ڇو ته بارشون آبشارن جي شڪلين ۾ چيني انجنيئرن جي ٺاهيل ڊيمن ۾ وڃي ڪرنديون، پوءِ ڇا جون تباهيون؟ بس صفايون ئي صفايون (ب) بدمعاش دهشتگردن جو خفيه صفايو! هاڻي نه آپريشن نه ڪوآپريشن، پر پادريشن! نانگ به چِٿبا، هٿيار به بچندا، سو اچو ته چيني سکون، جي چاهيو ٿا ته سنڌ سوئٽزرلينڊ ٿي پوي.

    was_03322852328@hotmail.com
    وزير علي سرڪي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو