نثارابڙو
نائب منتظم
اي منهنجا رب! سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون بي واها آهن، تنهنجي دين جي نالي تي لٽيا ويا آهن، تنهنجي نالي تي پنهنجو سڀ ڪجهه لٽايو اٿن، ۽ ان لٽجڻ جي نتيجي ۾ کوڙ ساترين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن .... اي منهنجا رب مٿان وري تنهنجي رحمت به ماروئڙن لاءِ زحمت ٿي پئي اهي، مينهن، طوفان ۽ بارش سنڌ کي تباهيءَ جي ڪناري تي اچي پهچايو آهي ... اي سهڻا رب تون ڪارساز آهين، تون رحيم و غفور آهين، اسانجا سڀ ڏوهه معاف ڪر ۽ سنڌ تان هي آفتون ۽ هي عذاب ٽار .... رحم ڪر يا رب يا ستار ستر ڪر .... اسين گنهگار آهيون پر آهيون ته تنهنجا ئي ٻانها ....اي سنڌ واسيو، الله جي بارگاهه ۾ هٿ کڻي، نور نچوئي دعا پنو ته سنڌ تي رحم ٿئي ...رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ... آمين