• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حسن ڪيو آهي حيران

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
حسن ڪيو آهي حيران

حسن ڪيو آهي حيران
هندو رهيس نه مسلمان

زخم کائي جو مون ڏٺو
تير منهنجو، منهنجو ڪمان

هڪ ادا تان جان فدا
ڀنورو آهي چاڪِ غريبان

بلبل هن جا ڳيچ ڳائي
مور جي سونهن پشيمان

جڏهن کان نيهن لڳو
تڏهن کان مصيبتون مهربان

اگڻ ناهي عجيب لائق
جو ڏاڏل ڪري مهمان
 
جواب: حسن ڪيو آهي حيران

جڏهن کان نيهن لڳو
تڏهن کان مصيبتون مهربان


ڏاڏل شينو صاحب اسلام عليڪم۔توهان بهترين الفاظن تي مشتمل خوبصورت احساسن جي شاعري هن فورم جي ڪينئوس تي اجاگر ڪئي آهي۔ان لاء توهان جون وڏيون مهربانيون۔
 
جواب: حسن ڪيو آهي حيران

جڏهن کان نيهن لڳو
تڏهن کان مصيبتون مهربان


ڏاڏل شينو صاحب اسلام عليڪم۔توهان بهترين الفاظن تي مشتمل خوبصورت احساسن جي شاعري هن فورم جي ڪينئوس تي اجاگر ڪئي آهي۔ان لاء توهان جون وڏيون مهربانيون۔

سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔وسلام
 
Back
Top