تمام خوبصورت احساسات
ڪوڙ سمجهجان جي ڪو چوي
تو سان محبت جو اقرار آهي
ڇو ڊڄون ڪيو پيار آهي
هر گهڙي مثل موت گذري
جا گهڙي تو کان ڌار آهي
ڪنهن گهريو پيار بدلي پيار
پيار بدلي پيار واپار آهي
جي رکين رقيبن کي خوش
اهو سهڻل تو کي اختيار آهي
ڪوڙ سمجهجان جي ڪو چوي
روئندو ڏاڏل زار و قطار آهي