• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
نثار ابڙو صاحب جهڙي هر دلعزيز ۽ ڏاهي شخصيت جي سعودي عرب کان ڪراچي آمد کي مدنظر رکندي انتظاميه کي گذارش ٿي ڪجي ته سائين جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي سان گڏ دعوت جو اهتمام ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن سان نوان ۽ پراڻا ميمبر ملاقات جو شرف حاصل ڪري سگهن۔نه رڳو سائين جي تحريرن سان ميمبر مستفيد ٿي سگهن پر انهن جي گفتگو مان به لطف اندازو ٿي سگهن۔هن موقعي کي هٿ سان نه وڃاڻ گهرجي ۽ جلدي ڪرڻ کپي ائين نه ٿئي ته ابڙو صاحب جن سعودي عرب واپس هليا و ڃن ۽ اسان پروگرام ٺاهيندا رهجي وڃون۔هن نماڻي گذارش تي غور ڪرڻ جي درخواست آهي۔
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

ها ادا توهان جي صحيح ڳالهه آهي ته ملاقات ٿيڻ گهرجي۔
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

مهرباني سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب

مون سائين نثار ابڙو صاحب جن سان ان سلسلي ۾ ڳالهه ڪئي آهي ۽ انشاء الله جلد هڪ گڏجاڻي رکبي پر هن وقت سنڌ ۾ آيل بارشن جي تباهي سبب اسان جا گهڻا دوست پريشان آهن ته وري ڪٿي ٽرانسپورٽ جو مسئلو آهي ته ڪٿي وري رهائش جا مسئلا۔ ڪالهه به سچل ڳوٺ ۾ ڪجهه فيمليز آيون آهن جن جي رهائش ۽ کاڌ کوراڪ لاء ڪوششون ڪري رهيا آهيون۔

ادا رشيد سمون به ڳوٺ ويل آهي جيئن ئي هو واپس ٿيو ۽ حالات ڪجهه معمول تي آيا ته سائين نثار ابڙو سان گڏ سنڌ سلامت جي ساٿ جي هڪ ڀرپور گڏجاڻي رکبي جيڪا يادگار هوندي۔
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

لک ٿورا دوست مصطفى ميمڻ جا جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر دعوت جي ياد ڏياري ۔۔۔۔ ادي سليمان سان ڪچهري ٿي ته هُنَ پڻ اها ئي ڳالهه ڪئي ته دعوت جو بندوبست ڪجي پر تازو ميهونڳي هر هڪ گهر کي ۽ ڪيترين اکين کي آلو ڪري وڌي آهي۔ بس ڪجهه ڏينهن ۾ سوڪهڙو ٿي ويندو جنهن لا هٿ مٿي آهن ۔۔۔۔ ته دعوت جو بندوبست ڪري وٺبو ۽ ڪچهرين جو اشتياق پورو ڪري وٺبو ۔۔۔

ٿيڻ ته عيد گڏجاڻي کپندي هئي پر جيئن ته دوستن جي دوري ۽ ڪم ڪاريون ۽ ٻيون گهڻيون مجبوريون سامهون اچيو وڃن ۔۔۔ ادي رشيد جو ننڍو ڀا ۽ سنڌ سلامت جو دوست وحيد سمون هن وقت ڪنهن مرض سبب اسپتالن حوالي آهي ۔۔۔ دعا آهي ته هو جلد صحتياب ٿي وڃي ۽ دوست رشيد ڪراچي پهچي ته دعوت جو بندوبست ٿي وڃي ۔۔۔

لک ٿورا دوستن جا ۔۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

.....................................

بيشڪ،،،، سائين جي مان ۾ ھڪ گڏجاڻي ٿيڻ گھرجي۔
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

سائين نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ گڏجاڻي ضرور ٿيڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين مصطفى ميمڻ صاحب جي مهرباني جو ان انتظاميه کي ياد ڪرايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان بهاني سان سڀ دوست به ملي وٺندا
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

ادا صلاح ته تمام ڀلي آهي انهن بهاني سڀني دوستن جو پان ۾ ملڻ جلڻ به ٿي ويندو
انشا الله اهو ڏينه جلدي ايندو ۔
آمين ۔
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

سائين ان پروگرام کي انشآء الله تعالى جلد عملي جامو پارائي دوستن جي درشن سان گڏ روبرو ڪجهه عملي تجويزون پڻ هرڪنهن دوست کان حاصل ڪري سگهبيون ليڪن سڀ کان اول ته پنهنجي ايڊمين سائين عبدالرشيد جي برادر محترم سائين عبدالوحيد جن لاء دعا آهي ته رب ڪريم شال پنهنجي فضل سان کين جلدي صحت ڪامله عاجله نصيب فرمائي بعد ۾ انشآء الله پروگرام کي حتمي شڪل ڏني ويندي۔
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

دوستو فقير اٿي بيهي ڪري ٻئي هٿ مٿي ڪري بيٺو آهي

اميد ته تمام جلد ان گڏجاڻي جو انتظام ڪيو ويندو

سدائين گڏ
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

سائين جيئن سنگت جي صلاح ھُجي۔۔۔۔۔۔۔۔!!! باقي هاڻي حالات به بهتر آهن جيڪڏهن اھو پروگرام ڪراچي ۾ رکجي ته تمام بهتر ٿيندو
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

سليمان صاحب جي ڳاله صحيح آهي۔ هڪ ته رشيد سمون جي ڀاءُ جي بيماري به پريشان ڪندڙ رهي ٻيو وري برساتن جي ڪري دوستن جو پهچڻ به ٿورو ڏکيو هو۔

هتي اِهو به ٻڌائيندو هلان ته اسان جي محترم دوست سليمان وساڻ جي ڀرپور مدد سان منهنجي ڳوٺ ملڪاڻي شريف جون ڪجه فيمليز سچل ڳوٺ ۾ شفٽ ٿيو آهن جن کي ڪجه بنيادي گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ مصرفوف رهيا آهيون۔

بهرحال اهي ڪم به زندگي جو حصو آهن پر نثار صاحب جهڙن دوستن سان ملڻ به ڪڏنهن ڪڏنهن ئي نصيب ٿيندو آهي۔ تنهڪري ڪوشش ڪبي ته جلد انهي پروگرام کي مئنيج ڪجي۔
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

ڪراچي وارن مان وارن دوستن کي جس هُجي جو هُنن اسان جي پرين پياري دوست دل واري، اسان اکڙين جي تاري، محترم نثار ابڙي صاحب سان ڪچهري ڪرڻ جو پروگرام رٿيو آهي ، ماشاالله هنن دوستن جي اها محبت سائين نثار ابڙو لا دل ۾ سانڊڻ جهڙي آهي، دوستو جڏهن به اهو پروگرام ٿئي ته مون جهوني کي نه وسارجو، گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن پهرين ٻُڌائجو سائين نثار ابڙو سان ڪچهري ڪرڻ جي آس اسان کي به تمام گهڻي آهي۔ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن سنڌ سلامت جي فقير وحيد ڦلپوٽي، سائين رحيم بخش ڏاهري ، ادا عبدالحفيظ لغاري، ادا محمد عرس پريو، محمد محمد سليمان وساڻ،سنڌ سلامت جي عاشق ادا عاشق سولنگي، ادا رياض گلال، ادا غلام مصطفى ميمڻ ، محترم عرفان ديشي، محترم معظم علي، محترم ڏاڏل شينو ۽ ادا عبدالواحد سومرو جا تمام گهڻا قرب جو انهن سنڌ سلامت تان سدائين گهور ٿيندڙ سائين نثار ابڙو مٿان پنهنجا پر خلوص پيار نڇاور ڪيا۔ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سائين نثار ابڙو سان ڪچهري به ٿيندي ته ڪافي سارن سنڌ سلامت جي ساٿين سان ملاقات جو شرف به اسان کي حاصل ٿيندو.
 
انشاءالله ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

ادا صلاح ته سٺي آهي پر هڪ واڌارو هي ڪجي ته بهتر ٿيندو سائين نثار سان ملاقات جي بهاني سنڌ سلامت جي ميمبرن جي هڪ تعارفي گڏجاڻي سنڌ جي هنج حيدرآباد ۾ رکائي وڃي ته اڃان وڌيڪ لاڀ حاصل ٿي سگهندو وڌيڪ جيڪا ججهن جي صلاح۔
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

ابا درويش رهجي ويو۔۔۔۔۔۔۔۔​

Cold_Calling68.jpg
 
درويش کي ڪونه رهائبو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اها خاطري ڪجو۔

جڏهن به پروگرام ٿيو ته دوستن کي ذاتي پيغامن سان گڏ سنڌ سلامت تي به کليل پيغام رکبو۔
 
سائين نثار ابڙا صاحب ضرور دوستن کي ديدار ڪرائجو ۽ انهن کي پهنجي راين کان آگاه به ضرور ڪجو ضرور ملاقاتون هجڻ گهرجن۔۔۔۔ محفلون به هجڻ لازمي آهين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

.....................................

ابا درويش رهجي ويو۔۔۔۔۔۔۔۔​

Cold_Calling68.jpg

ههههههههههههههههههههههه يار درويش پي پي وارن جي لاء دل ۾ نرم گوشو رک ابا نه ته رهجي به ويندين ابا هههههههههههههههههههههههه سچل ڳوٺ وارا پي پي جا عاشق اٿئي ابا ئ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سو پي پي وارن جي واعدن تي ڀروسو به نه ڪجانء۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هههههههههههههه وڌيڪ بابا پاڻ سياڻو ماڻهون آهين ابا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: نثار ابڙو صاحب جن جي مان ۾ هڪ گڏجاڻي ۽ دعوت جي لاء درخوست۔

درويش کي ڪونه رهائبو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اها خاطري ڪجو۔

جڏهن به پروگرام ٿيو ته دوستن کي ذاتي پيغامن سان گڏ سنڌ سلامت تي به کليل پيغام رکبو۔

ادا سليمان لک لائق انشا الله ضرور پير پائبو۔۔
پر سڀئي هڪ ٻئي جي آسري آهيون آرگنائيزر ڪير آهي؟؟؟

.....................................

سائين نثار ابڙا صاحب ضرور دوستن کي ديدار ڪرائجو ۽ انهن کي پهنجي راين کان آگاه به ضرور ڪجو ضرور ملاقاتون هجڻ گهرجن۔۔۔۔ محفلون به هجڻ لازمي آهين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

.....................................

ههههههههههههههههههههههه يار درويش پي پي وارن جي لاء دل ۾ نرم گوشو رک ابا نه ته رهجي به ويندين ابا هههههههههههههههههههههههه سچل ڳوٺ وارا پي پي جا عاشق اٿئي ابا ئ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سو پي پي وارن جي واعدن تي ڀروسو به نه ڪجانء۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هههههههههههههه وڌيڪ بابا پاڻ سياڻو ماڻهون آهين ابا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ابا پ پ وارن جي لا دل ۾ جايون ۔۔۔ پر اڄ پ پ وارن جي پارت (حمايت) الائجي ڇو ٿي آهي۔۔ مٿان ٽوڪ به آهي ته واعدن تي ڀروسو نه ڪجان۔۔
ير ڀلي ڇا به چئجي آصف علي زرداري سندس سياست جي چال کي لاجواب طريقي سان هلائي رهيو آهي۔ جو سڀاڻي جي به خبر ڪونه ٿي پوي۔
ته وزير اعظم اهو ئي هوندو يا تبديل ٿي ويندو يا هوندو ئي ڪونه۔۔۔!!!
ابا علي علي اسان جي سياڻا هجون ها ته وڃي خير ٿيا۔۔ سياڻا ماڻهون ٻه ٽنگا ڦاسندا آهن۔

مهرباني ادا آٿت ۽ مشورو ڏيڻ جي،۔۔۔

دعا ۾ ياد

۔
 
Back
Top