قلب ۾ ڪافر منهن ۾ مسلمان

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ڏس پنهنجي دردن جي داستان
قلب ۾ ڪافر منهن ۾ مسلمان

دل ۾ دکن نياءِ دون جا دود
جوارح جسم تي حاڪم شيطان

دل جي سوز کان تون کالي
وڏي واقعي ڪرين قرئتِ قرآن

ملاوٽ مشهور ملڪن ۾
توحيد جي تابع جا پڙهين فرمان

هر خواهش پٺيان هزار خواهشون
هر خواهش تي ڏين ٿو جان

خلوت ۾ ويهي ڪو خيال ڪر
هزار حسرتون پالين تو هڪ جان

پنهنجي ڪتاب پاڻ پڙهي ڏس ڏاڏل
احتساب لاءِ الائي ڪيترا عنوان


 
Back
Top