بارشن جي تباهه ڪارين سان گڏ ڊينگي جون تباهه ڪاريون ۽ ان کان بچاء

'صحت سرير جي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ جيڪا هن وقت برسات جي تباهه ڪارين جي ور چڙهيل آهي اتي بارش جي تباهي سان گڏ ڊينگي بخار ۽ ڊينگي وائرس جي حملي جو پڻ گهڻو خطرو وڌي ويو آهي۔ ڊينگي هن وقت پنجاب ۾ گهڻو نقصان ڪيو آهي ۽ لاتعداد ڪيس سامهون آيا آهن جن ۾ ڪيترن ئي انساني جانين جو ضيان پڻ ٿي چڪو آهي۔

    ڊينگي وائرس جو مڇر ٻين کان مختلف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته عام طور تي مڇر گندي پاڻي ۽ گندگي جي ڪري ٿيندا آهن پر هي مادي مڇر ايڊيز اجيپٽا صاف پاڻي گهرن ۾ موجود نادين، مٽن ۽ گلن جي چڪين توڙي، گهرن جي فرشن تي بيٺل صاف پاڻي تي ٿين ٿا، جڏهن ته ٻين مڇرن وانگر هي 24 ڪلاڪ نه ٿا هجن، انهن جو خاص وقت مقرر آهي، ان ڪري اهي مڇر صبح جو سج اڀرڻ ۽ شام جو سج لهڻ وقت ظاهر ٿين ٿا، هاڻي ٿئي اهو ٿو جڏهن اهو مڇر ماڻهو کي کائي ٿو ته هن ماڻهو کي بخار اچڻ شروع ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ مٿي ۾ سور، اکين جي مٿين حصي ۾ سور، الٽيون، چڪر ۽ ڪمزوري توڙي مختلف هنڌن تان رت اچي ٿو، جنهن ڪري انساني جسم ۾ رت جي اڇن جزن (پليٽيلٽس) جي کوٽ ٿي وڃي ٿي، عام طور تي ڪنهن به صحتمند ماڻهو جي جسم ۾ ڏيڍ لک کان 4 لک رت جا اڇا جزا هوندا آهن پر جڏهن ڪنهن مريض ۾ مٿيون نشانيون ظاهر ٿين ته ڊاڪٽر سندس رت جي ڪمپليٽ پڪچر (بلڊ سي پي) ڪرائيندا آهن، جيڪڏهن ان مريض ۾ اڇن جزن جو تعداد 50 هزار کان به گهٽ آهي ته پوءِ ان جو ڊينگو ريپڊ ٽيسٽ ڪرايو ويندو آهي، جيڪو پازيٽو اچڻ جي صورت ۾ ان مريض جو علاج شروع ڪيو ويندو آهي، اهڙي مريض کي رت چاڙهڻ سان فائدو بلڪل ناهي، جيڪڏهن اهڙي مريض کي رت چاڙهيو ويو ته هن مريض جي جسم ۾ اڇا جزا ورهائجي ويندا، ان ڪري اهڙي مريض کي صرف اڇا جزا چاڙهيا ويندا آهن۔

    ان ئي سلسلي ۾ فيسبوڪ سان گڏ فون تي پڻ مختلف ميسيجز مليا آهن ته ڪيئن ڊينگي کان بچاء ڪجي۔[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي مائڪروبايولوجسٽ ڊاڪٽر نعيم علي پنهنجي تحقيق مان ثابت ڪيو آهي ته صوف جي رس ۾ ليمي جي رس جا چند قطرا ملائي پيارڻ سان ڊينگي جي مريض ۾ پليٽيليٽس جي تعداد ۾ اضافو ٿئي ٿو جيڪو گهڻو فائديمند رهي ٿو۔[/JUSTIFY]

    هڪ ٻئي دوست ميسيج موڪليو آهي ته

    [JUSTIFY]فينائل جون ٽڪيون کولي ڪمري ۾ رکڻ سان ڊينگي وارو مڇر ڀڄي وڃي ٿو ۽ ان طرح ماڻهو محفوظ رهي ٿو ۽ سڪون واري ننڊ پڻ ڪري ٿو۔[/JUSTIFY]


    حواله:
    شيعه دوست ڊاٽ ڪام
    دوستن پاران موڪليل ميسيج
    عوامي آواز ڊاٽ ڪام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو