سنڌ جون قومپرست ڌريون ڪٿي آهن؟ [JUSTIFY]سنڌ جا ماڻهو ٻڏن پيا، گهر ڊهي ويا آهن، ماڻهو روڊن رستن تي امداد جي آسري ۾ ويٺا آهن، ماڻهن جي ان ابتر حالت جي ذميوار سنڌ انتظاميا آهي، جنهن جي نا اهليءَ جي ڪري عالمي ادارن کي ترت واهر جي اپيل نه ٿي سگهي ۽ ماڻهو هن حالت تائين وڃي پهتا آهن. باقي رهيون سنڌ جون هڏ ڏوکي قومپرست پارٽيون، اهي ويچاريون به ڇا ڪن! سرڪار کي ”ٽف ٽائيم“ ڏيڻو آهي، سخت احتجاج ڪرڻا آهن. هن وقت اهي پاڻ مدد نه پيون ڪن، پر حڪومت خلاف مظاهرا ڪيا پيا وڃن ته حڪومت ٻوڏ متاثرن جي واهر نه پئي ڪري. جڏهن سڄي سنڌ تباهه ٿي رهي آهي، ماڻهو مري رهيا آهن، سنڌ جي معيشت مڪمل طرح تباهه ٿي ويئي آهي، ۽ اسان جون قومپرست پارٽيون پنهنجي سموري سگهه واهر ڪرڻ لاءِ صرف ڪرڻ بدران ٻڏل ۽ تباهه ٿيل سنڌ تي به سياست ڪري رهيون آهن. سنڌ جون قومپرست پارٽيون، جيڪي سنڌ جون حقيقي هڏ ڏوکي هجڻ جون دعويدار آهن، اهي جي پنهنجن ڪارڪنن کي متحرڪ ڪن، امدادي ڪئمپون لڳرائين، امداد گڏ ڪري متاثر ماڻهن تائين پهچائين، يا وري ماڻهن کي، جيڪي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل آهن، اتان ڪڍي کين حيدرآباد يا ڪراچيءَ تائين پهچائين، ته هن وقت اها ئي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقيقي خدمت آهي پر ڇا ڪجي؟ انهن وٽ ته احتجاجن کانسواءِ وقت ئي ڪونهي. اها ڪهڙي سياست آهي؟ اها ڪهڙي قومپرستي آهي؟ هي سياست جي نالي ۾ ڇا پيو ٿئي؟ اسان ڀلي عالمي ادارن کي امداد جون اپيلون ڪريون، احتجاج ڪريون، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته قوم کي هن ڏکي گهڙيءَ مان ڪڍڻ لاءِ اسان پاڻ ڇا پيا ڪريون؟ ڊاڪٽر شرميلا آغا/لانڍي (ڪراچي)[/JUSTIFY] ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل