خُدارا ڊاڪٽر ذوالفقار جي هن ڏيئي جي روشنيءَ کي اُجهامڻ نه ڏيو

'راءِ شماري' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌين جي گجگوڙ ، هميشه کان دهشتگردن، بدمعاشن ۽ سنڏ دُشمنن لاءِ موت جو سڏ (صور) هوندي آهي. سنڌ جي گجگندڙ هن دلير پُٽ ڪافي ماڻهن جا هيئنڙا ڪمزور ڪري ڇڏيا آهن تڏنهن ته هر ماڻهوءَ جون اکيون هن دلير گجگندڙ شينهن تي کُتل هُيون کُتل آهن، پر هرڪو اهو سوال ڪندو هو ته اهو شخص پنهنجي بيانن تي قائم رهندو به يا نه؟ . اسان کي سوڇڻ گهُرجي ته شينهن ڪيڏو ڇو نه طاقتور هُجي پر پابندين ۾ هو ڪُجه به نه ڪري سگهندو آهي، توهان کي اهڙا شينهن راڻي باغن جي پڃرن ۾ به قيد نظر ايندا هوندا جيڪا اُتان ئي پنهنجي بيوس ۽ چُبهجندڙ اکين سان اوهان کي گهوري رهيا هوندا آهن ۽ جي اُنهن پنهنجون رسيون ڇڏايون ته ڪو به ميدان تي بيٺل نظر نه ايندو.

    ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به هڪ اهڙو پابندين ۾ جڪڙيل ۽ گجگوڙ ڪندڙ شينهن هو ۽ پابندين ۾ هو، ان لاءِ اهو پڃرو ڪُرسي نه پر وفاداري ، دوستي ۽ ذاتي واسطا هُئا جن جي وضاحت شير سنڌ پنهنجي وزارتي ڪانفرنسن ۾ ڪندو آيو پر اڄ اُن اهي پابنديو ٽوڙي ڇڏيون آهن ۽ سنڌ دُشمنن لاءِ موت جو سڏ ڏيندو وتي ۽ ان کان باخبر هوندي به ته سنس انت به شهيد ذوافقار علي ڀُٽو، .شهيد مُرتضي ڀُٽو ، شهيد شاه نواز ڀُٽو ۽ آخر ۾ شهيد راڻي بينظير ڀُٽو جهڙو بڻايو ويندو

    قومن کي هڪ سچي ۽ بيباڪ ليڊرن لاءِ وڏو انتظار ڪرڻو پوندو آهي سنڌ ڌرتيءَ به اهڙن ئي بيباڪ ليڊرن کي جنم ڏنو جنهن کي اسان پنهنجي بيوقوفين، ڪوتاهين، مُفادن، امن صفتيءَ ۽ خاموشيءَ ۽ مُفاهمتي پاليسيءَ جي ڪري قوم جو ڀلو وڃائندا رهيا آهيون جنهنجا چٽا مثال تاريخن مان ڳولي ڪڏي سگهجن ٿا. حيرت ته ان ڳاله جي آهي ته سڀ ڪُجه هوندي به ڪو عقلمند ۽ ڏاهو شخص اها سوچ نٿو رکي ته انهن گهر جي ڀيدين ۾ لازمي الاهي ڀتا خور غدار به لڪل هوندا آهن ، مير جعفر، مير صادق به هوندا جيڪي قومن جي تقدير کي اُبتو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ قومون پوءِ صدين کان پئي ڀوڳنديون اينديون آهن.

    سنڌي عوام به 1947 کان مُسلسل زيادتيون ۽ عذاب سهندي ڀُٽو خاندان جا بيباڪ ليڊر به ميدان تي آيا جن کي ظالمن نه سهندي انهن مير جعفرن سان ملي ڪري شهيد ڪري ڇڏيو ۽ اڄ به اهڙا ڪئين وڏيرن جي رُوپ ۾ ميدانن تي لٿل آهن، جيڪي هر ڊڪٽيٽر جي دئور ۾ به آسمانن تي چڙهيل هُئا ۽ اُنهن ڊڪٽيٽرن مان فائدو حاصل ڪندڙ به. اڄ اهي به پي پي جي جهنڊي ۾ لپٽجي ۽ مظلوم بڻجي سنڌي عوام جي ووٽ سان اسيمبلين ۾ ويٺل آهن پر اسيمبلين ۾ اڪثريت ۾ هوندي به اقلتين هٿان يرغمال بڻيل آهن ۽ مُفاهمتي پاليسين جو درس ڏيندي جي ڇٽيءَ ۾ ويڙهجي سنڌي عوام جي خواهشن جي مُخالف ڪم پيا ڪن، انهن جي ئي ڪري ايڏو مينڊئينٽ ۽ وزارتون هوندي به سنڌي عوام نوڪرين ۽ ادارن ۾ ميرٽ تحت هوندي به ترقين کان پري، تعليم کان محروم آهي. ۽ هنن خود غرص وڏيرن جون اڄ به چارئي آڱريون گيه ۾ آهن جيئن ڊڪٽيٽرن جي دئور ۾ هُيون.

    مُحترمه جي شهادت کان پوءِ سنڌ حقيقي ليڊر شپ کان بلڪل محروم رهجي وئي هُئي ، ڪُجه ڪليم ڪندڙن پاڻ کي مُفاهمتي پاليسين جو تابع بڻائي سنڌي عوام کي حقن کان محروم ڪيو ۽ وري انهيءَ ئي اونداهيءَ مان هڪ ڇڻنگ اُڀري آهي جنهن کي فوڪون ڏئي باه جو مڇ مچائڻ جي اشد ضرورت، اُن ڪري خُدارا ڊاڪٽر ذوالفقار جي هن روشنيءَ کي اُجهامڻ نه ڏيو ۽ ملي ڪري سڀ سنڌي گڏجي هن روشنيءَ جي ڏيئي سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو مُستقبل سنوارڻ ۾ مدد ڪريو.
     
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: خُدارا ڊاڪٽر ذوالفقار جي هن ڏيئي جي روشنيءَ کي اُجهامڻ نه ڏيو

    پنهنجي اختيار جي دائري ۾ اسان ڏوهه کي ايترو ڊگهو رسو ڏئي ڇڏيندا آهيون جو هو وزندار ٿيندو رهندو آهي پو جڏهن اسان ان کي واپس ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته پنهنجي زور جي بنياد تي اسان کي به کڏ ۾ڪيرائي وجهندو آهي،،، جيسيتائين ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٺڀرائي ڪرڻ جي ڳاله آهي ته اهو تڏهن ئي واضع ٿي چڪو هيو ته هي ماڻهون عارضي طور تي جذباتي آهن پو هر ڪو پنهنجي رستي۔۔ شرم جي انتها آهي ته ڪجهه نام نهاد مسلمان قرآن شريف کي به ڪوڙو چوڻ لڳا۔ ڪن چيو ته (نعوذ بالله) نقلي آهي، ته ڪنهن چيو هي ڪنهن پراڻي ڪتاب تي قرآن جو جلد چاڙهايو ويو آهي۔ افسوس سد افسوس۔ پر عوام جو ڪهڙو ڏوهه؟؟؟۔ عام ماڻهون سندس گهر ۾ اٽي جي پورت جي لا مزدوري تي وڃي يا ذوالفقار مرزا جي بيانن جي لا جلوس ۾ وڃي۔۔۔ بيشڪ الله تعالي حق چوڻ وارن سان گڏ هوندو آهي۔ پر جڏهن ان حق جي ح ۽ ق يا ان جي زيرن زبرن کي ڪوڙو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اتي بي وسي جي انتها محسوس ٿيندي آهي ۽ ٻين کي حوصلو ڏيندڙ جا به حوصله پست ٿي پوندا آهن۔۔۔
    الله تعالي اسانکي ۽ اسان جي قوم کي حقيقي سچ جي حمايت ۽ پوئيواري ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔۔۔

    ونڊ ڪرڻ جي مهرباني..





    .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو