محترم سنڌي سڄڻو.....جيئي سنڌ کوڙ ڏينھن کان ڪا تخليق خاص وڻي ڪون پئي ۽ نه ئي متاثر ڪري پئي محبوب کي.......منھنجي پسند محترم آزاد آخوند جي تخليق حاضر آھي. اُميد ته دوستن کي به ضرور پسند ايندي. تو کي ڪــــهڙي خبر پـــيار ڇا ٿيندو آ عمــر ســـاري ڪرڻ انتظار ڇا ٿيندو آ ڪوئي ته پڇي عاشـــق جي دل کان مــحبوب مـــنٺار جو ديــدار ڇا ٿيندو آ بڻائي مورتي جي چميو مون هن کي الله ٿو ڄــــاڻي گـناهــــگار ڇا ٿيندو آ طبيب کي ڪهڙي خبر هن مرض جي جدائي جي غـم ۾ بيـــــمار ڇا ٿيندو آ مـــحبــوب جي رســي وڃڻ کان پـوءِ حـبيـب “ نٿو ڄاڻي بيقــرار ڇا ٿيندو آ”
جواب: تو کي ڪــــهڙي خبر پـــيار ڇا ٿيندو آ (آزاد آخوند) مـــحبــوب جي رســي وڃڻ کان پـوءِ حـبيـب “ نٿو ڄاڻي بيقــرار ڇا ٿيندو آ” ادا عاشق سولنگي جي بهترين ڊزائن ۔۔۔ پياري شاعر حبيب آخوند جون سهڻيون، ساديون ۽ وڻندڙ سٽون
جواب: تو کي ڪــــهڙي خبر پـــيار ڇا ٿيندو آ (آزاد آخوند) ادا جنيد پسند ڪرڻ جي مھرباني۔ سائين بلڪل تمام بھترين شاعر آھي آخوند۔۔۔۔سندن جي ھر تخليق ۾ ھڪ حقيقت ھوندي آھي۔ پسند ڪرڻ جي مھرباني
جواب: تو کي ڪــــهڙي خبر پـــيار ڇا ٿيندو آ (آزاد آخوند) جي سائين بلڪل تمام خوبصورت احساس ء خوبصورت ڊزائين ۔
جواب: تو کي ڪــــهڙي خبر پـــيار ڇا ٿيندو آ (آزاد آخوند) ڪوئي ته پڇي عاشـــق جي دل کان مــحبوب مـــنٺار جو ديــدار ڇا ٿيندو آ واه واا واه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام خوبصورت جي يار جو ديدار ٿي وڃي ته سالن جا غم خوشيء ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا لاجواب عاشق جي عاشقانه پسند بهترين
جواب: تو کي ڪــــهڙي خبر پـــيار ڇا ٿيندو آ (آزاد آخوند) ادا رياض پسند ڪري اسان جي حوصلاافزائي ڪرڻ جي مھرباني۔ محترم عرس پريو صاحب۔۔۔۔۔بس محبوب جو ديدار ڇا ٿيو ڄڻ اسان لا عيد ٿي وئي۔ ھر اُھو ڏينھن ڪنھن عيد کان گھٽ نه ھوندو آھي۔۔۔۔۔۔۔۔۔جنھن ڏينھن محبوب جو ديدار ٿئي۔ مھرباني محترم۔