ٻڏندڙ ماڻهو، جيئن مون ڏٺا! دودو چانڊيو [JUSTIFY]بدين شهر جي ڊي سي او چوڪ تي جنهن وقت خاتون ايس ايڇ او هٿ ۾ ڏنڊو کڻي ٻوڏ متاثر ماڻهن مٿان هٿ ٿڌا ڪري رهي هئي ته ان وقت 80 سالن جو پيرسن مصري چانڊيو صرف ان ڪري ڍاڍيون ڏئي روئي رهيو هو ته هن جي ٻچن رات کان ڪجهه نه کاڌو هو. مصري چانڊئي جون دانهون هتان جي آفيسرن کي نه وڻيون، آخرڪار هي پوڙهو گهڻو روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ جي ڏوهه ۾ لاڪ اپ حوالي ٿيو. ان منظر ۽ ڪهاڻي منهنجي بدين ۾ آجيان ڪئي، حالانڪه جاتي چوڪ کان وٺي ڪاري گونگڙي، راهوڪيءَ کان وٺي بادل چانديو ڳوٺ تائين برسات جي تباهي جا منظر آئون ڏسندو آيس، ۽ اهو سوچيندو آيو هئس ته بدين ۾ ڊي سي او آفيس آڏو ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪا وڏي ڪيمپ هوندي، جيڪي ماڻهو ٻڏي، ڏلجي، تباهه ٿي هتي پهچندا هوندا ۽ کين ٿڌو پاڻي پياري، ماني کارائي ڪنهن ٽرانسپورٽ ذريعي پرسڪون رهائش لاءِ اماڻيو ويندو. پر جڏهن مون ڊي سي او چوڪ تي ڏنڊا بردار پوليس ڏٺي ته آئون صورتحال سمجهي ويس. ڪي ٽي اين لاءِ رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ بدين ويندي هي پهريون منظر نه هو، جنهن منهنجي دل کي ڌوڏي ڇڏيو، پر هر وک، هر هنڌ، هر منظر دل کي رت جا ڳوڙها روئڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هو. اسان بدين مان ٽندو باگو روڊ ذريعي پنگريو شهر طرف سفر ڪيو، هي سرسبز کيت، ٻنيون ٻارا، وسندڙ ويڙها، هر طرف پاڻيءَ جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو. توڙي جو رستي ۾ منهنجي ننڍڙي ڌيءُ ۽ منهنجي ماءُ سميت منهنجا ٻيا مٽ مائٽ پاڻي ۾ ڦاٿل هئا، پر مون انهن سان ملڻ کان پهرين پنگريو کان هيٺ آيل تباهي ڏسڻ ٿي چاهي. سمن سرڪار جو اهو علائقو ڏسڻ ٿا چاهيو، جتي لاڙ جا ماڻهو هر سال نچي، ڪڏي، کيڏي کلي پنهنجا سمورا ڏک سور وساري ايندا آهن. مون پنگريو ۾ قادر پنهور، اعجاز ڪنڀار ۽ ٻين کوڙ دوستن جا گهر ڏسڻ ٿي چاهيا، جيڪي ڪڏهن ڪچهرين جو مرڪز هئا، سي هاڻي لهرن جي ور چڙهيل هئا. مون ملڪاڻي شريف، خيرپور گمبو، محرابي جو شهر ٺار ڄنگار ۽ پٽ پراڻ جون ڪنڌيون ڪرم ڪلوئي جو ڳوٺ ۽ هاڪڙو ڍورو ڏسڻ ٿي چاهيو، پر آئون جڏهن پنگريو شهر پهتس ته شهر ۾ ٽي کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل نظر آيو، جنهن ڪري اڳتي وڃڻ انتهائي مشڪل لڳي رهيو هو، پوءِ به اسان همت ڪري شهر ۾ داخل ٿياسين. ڇا ته ڀوائتا منظر هئا، شهر جا سکيا ستابا ماڻهو ٻار ٻچا وٺي بازار جي دڪانن ۽ هوٽلن ۾ پناهه وٺي ويٺل هئا. اهي دوست ۽ يار، جيڪي اسان جي آجيان لاءِ اسٽاپن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪندا هئا، انهن دوستن منهن تي هٿ ڏئي چهرا پئي لڪايا ته متان اسان سندن اها بي وسي ڏسي نه وٺون. هنن ماڻهن محفوظ هنڌن ڏانهن نڪرڻ تي چاهيو، پر رستا ٻڏل هئا، سرڪار سندن ٽرانسپورٽ جو ڪو بندوبست نه ڪيو هو، ان ڪري ٻچا ٻار وٺي شهر جي دڪانن ۾ ويٺل هئا. سڄو پنگريو شهر پاڻي جي لپيٽ ۾ هو، ڪاروبار بند هو. اسان شهر جا منظر فلمبند ڪرڻ بعد نيوي جي هڪ ٻيڙي ۾ چڙهي سمن سرڪار طرف ان روڊ طرف سفر شروع ڪيو، جنهن روڊ تي ڪڏهن گاڏيون هلنديون هيون ۽ هاڻي ان روڊ تي ٻيڙيون هلي رهيون هيون. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ايڏي تڪليف محسوس نه ڪئي هوندي، جيڏي هن سفر ۾ برداشت ڪري رهيو هئس، ڇو ته هي منهنجو اباڻو علائقو هو، هن علائقي جي هر ماڻهو مون ڏانهن ان اميد سان ئي ڏٺو ته آئون سندن مدد ڪري سگهندس، پر آئون سواءِ رپورٽنگ جي، ٻئي ڪا به سندن مدد نه پئي ڪري سگهيس. اڃا به اها تڪليف ان ڪري وڌي رهي هئي، جو ٻيڙي ۾ سوار ٿي اسان جنهن طرف وڃي رهيا هئاسين، ان طرف هر ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل هو. هر ماڻهو جي زندگي خطري ۾ هئي، هر ماڻهو جا ٻار ٻچا ٻڏي رهيا هئا. آئون بي وس هئس، انهن کي وات جيڏي پاڻي ۾ زنده رهڻ لاءِ جتن ڪندو ڏسي سندن ڪا مدد نه پئي ڪري سگهيس. زندگي ۾ تمام ٿورا اهڙا موقعا مليا هوندا، جڏهن رپورٽنگ ڪندي آئون رُنو هوندس، پر هن ڀيري منهنجي اکين به پنهنجا بند ڀڃي ڇڏيا هئا. اسان سمن سرڪار جي ان علائقي تائين مشڪل سان پهتاسين، جتي ڪڏهن ميلا لڳندا هئا. ”ميلا سنڌين جا ميلا، ميلا لاڙين جا ميلا...!“ بيت گيت ڳائبا هئا، رقص ٿيندو هو، راڳ جون محفلون ٿينديون هيون. يارن دوستن کي مٺايون کارائبيون هيون، ٻارن کي رانديڪا وٺي ڏبا هئا. عورتون چوڙيون، سڳيون، مساڳ وٺنديون هيون. انهن پٽن تي پاڻي مٿان ٻارن جون جتيون تري رهيون هيون، ٿانوَ ٺڪر تري رهيا هئا. وڻن کي جهلي پري پري کان ماڻهو وات جيڏي پاڻي مان روڊ تي نڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا هئا. سڀ ارمان، سڀ خوشيون، سڀ سڪون، سڀ سک، زندگي جي سموري جمع پونجي پاڻي مٿان تري رهي هئي. تيز بارش سبب اسان کي نيوي آفيسر ٻڌايو ته اڳتي ٻيڙي نه پئي هلي سگهي، پاڻ کي واپس موٽڻو پوندو. مطلب ان کان اڳتي اڃا به خطرناڪ منظر هئا، جيڪي اسان ڏسي نه سگهياسين. اسان پنگريو طرف واپس موٽي پير بودلي طرف روانا ٿيا سين. اڳيان ان ايل بي او ڊي جو زيرو پوائنٽ به هو، جنهن ايل بي او ڊي هن علائقي کي ٻوڙيو هو، رستي ۾ هر طرف تباهي ئي تباهي هئي، سمورا ڳوٺ وسنديون سڀ ٻڏل هئا. مون زيرو پوائنٽ وٽ پهچي چئوطرف نگاهه ڪئي، مون کي ميلن تائين ڪا زمين جي اهڙي ٽڪري نظر نه آئي، جتي پاڻي نه هجي، جتان موٽي آئون بدين آيس، جتي منهنجي ملاقات ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ۽ ڊي سي او ڪاظم جتوئي سان ٿي. ڊاڪٽر فهميده مرزا ٻڌايو ته ”توهان هڪ طرفي رپورٽنگ پيا ڪريو، اسان ميدان ۾ آهيون، ماڻهن جي مدد ۾ مصروف آهيون.“ مون چيو ”مون کي هن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پ پ سميت ڪابه پارٽي نطر نه آئي ۽ نه ئي وري سول گورنمينٽ نظر آئي، بهرحال وڌيڪ علائقن ۾ وڃي سول گورنمينٽ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. جتان موٽي مون اداري کي خبرون اماڻيون. رات جي 11 وڳي اوچتو شادي لارج ۽ کوسڪي کي خالي ڪرائڻ جي وارننگ جاري ڪئي وئي، ڊي ڊي او ٽنڊو باگو فون ڪري ٽيليفون تي اعلان ڪرايا. آئون شادي لارج طرف روانو ٿيس، روڊ، رستا ٻڏل هئا. نندو مان صديق ڀرڳڙيءَ کي ساڻ کڻي جڏهن شادي لارج پهتاسين ته اتي انتهائي افراتفري وارو ماحول هو. اسان سمجهيو وارننگ جاري ڪرڻ بعد بدين جي ضلعي انتظاميه فوري طور اتي پهتل هوندي. ماڻهن کي کڻڻ لاءِ گاڏيون هونديون، پ پ، فنڪشنل ليگ، نواز ليگ سوڌو سياسي پارٽين، قومپرستن جماعتن جا ڪارڪنن رضاڪار اتي پهتل هوندا، ماڻهن کي گهرن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل هوندا. پر جڏهن اسان اتي پهتاسين ته ڪير به موجود نه هو. شهري پريشان هئا ته هو محفوظ هنڌن ڏانهن نڪرن ته ڪيئن نڪرن، وڃن ته ڪيڏانهن وڃن. 11 وڳي جي وارننگ جاري ٿي، رات جو 3 وڳي ڊي سي او بدين ڪاظم جتوئي شادي لارج پهتو. جنهن بعد ڪجهه ٽريڪٽر ٽراليون ۽ ٽرڪون آيون. وارننگ ٽائيم ختم ٿيڻ، يعني 6 وڳي تائين شادي لارج ۽ کوسڪي مان هڪ سنگل خاندان به ضلعي انتظاميه منتقل نه ڪرائي سگهي. نه رڳو ان رات، پر چئن ڏينهن تائين آئون شادي لارج ۽ کوسڪي جا چڪر هڻندو رهيس، صرف ٽرڪون اماڻيون ويون، ٽريڪٽر ٽراليون اماڻيون ويون، پر انهن ۾ تيل نه هو. ڏيکاءَ تحت شهر خالي ڪرائڻ جا اعلان ته ڪيا ويا، پر زميني حقيقتون ڪجهه ٻيون هيون. شادي لارج ۾ مون کي عبدالخالق ڀٽي ۽ سڪندر ڀرڳڙي اطلاع ڏنو ته شادي لارج ۽ ڪلوئي جي وچ ۾ ڪيئي ميلن تائين 10 کان 12 فوٽ پاڻي بيٺل آهي. ان علائقي ۾ هڪ مذهبي تنظيم جي سرگرمين کانسواءِ سنڌ سرڪار توڙي ضلعي حڪومت نظر نه ٿي اچي. آئون، صديق ڀرڳڙي، سيف الله جوڻيجو، عبدالخالق ڀٽي ۽ ڪي ٽي اين جو ڪئمرامين نهال جڏهن شادي لارج کان هيٺ پتڻ تي پهتاسين ته اتي صرف هڪ ٻيڙي بيٺل هئي. اها ٻيڙي به ڪا سرڪاري نه پر هڪڙي مذهبي تنظيم جي هئي، جنهن جي انچارج ٻڌايو ته صرف هو ئي گذريل هڪ مهيني کان هتي ريسڪيو ڪري رهيا آهن، ٻڏل ماڻهن کي ڪڍي رهيا آهن. هتي سرڪار سوڌو ڪير به ناهي پهتو. اسان ٻيڙي ۾ سوار ٿي نيوي چڪ کان هيٺ روانا ٿياسين، جتي ٻنيون، فصل، ڳوٺ هئا. اتي 12 کان 15 فوٽ پاڻي بيهي رهيو هو. گهر جا سمورا ٿانوَ ٺڪر پاڻيءَ ۾ تري رهيا هئا. ڪتا ۽ ڪڪڙ گهرن جي ڇتن تي هئا. ڪن ٿانون ۾ ته پڪل کاڌو به پيل هو، فقط انسان زندگيون بچائي اتان نڪتا هئا. ڪيترائي ڪلاڪ ٻيڙي ۾ سفر ڪرڻ بعد اسان جڏهن ڪلوئي شهر ويجهو پهتاسين ته سامهون ڀٽون لکين ماڻهن سان ڀريل نظر آيون. ميرپور خاص جي جهڏي تعلقي، نئون ڪوٽ، بدين جي گولاڙچي، ٽنڊو باگو، پنگريو، کوسڪي ڪڍڻ، شادي لارج، نندو ۽ ٻين علائقن مان لکين ماڻهو سرڪار تي ڀاڙڻ بدران پنهنجا سر بچائي ان طرف ويا، ڏيپلو کان وٺي ڪلوئي ۽ نئون ڪوٽ تائين ٿر جي ڪس ۾ ڀٽن تي ماڻهو ويٺل آهن، جن وٽ هن وقت تائين ڪابه انتظاميه نه پهتي آهي. ڪلوئي شهر جو سمورن علائقن کان رابطو ڪٽيل هو. ڪلوئي لاءِ مٺي، نئون ڪوٽ، ڏيپلو ۽ بدين مان سامان جي رسد بند هئي، جنهن ڪري ماڻهو وڌيڪ پريشان هئا. انهن لکين ماڻهن جي نه بدين انتظاميه پرگهور لڌي آهي، ۽ نه وري ٿر جي انتظاميه هنن وٽ پهتي هئي. شادي لارج مان ڪجهه سماجي تنظيمون کاڌو پچائي رات جو ٻيڙين ۾ کڻي اچي هن علائقي ۾ ورهائينديون آهن. جنهن ڏينهن اسان پئي پتڻ پار ڪيو، ان رات ٻيڙي وارو رستو ڀلجي ويو، ڇاڪاڻ ته رات جو تيز برسات هئي. ان ۾ ٻيڙي هلي نه پئي سگهي. ان ڪري ان سڄي رات وسندڙ مينهن ۾ هزارين خاندانن کي کاڌو ملي نه سگهيو. سڄي رات اُهي عورتون، ٻار، پيرسن وسندڙ برسات ۾ بکن ۾ پاهه ٿيندا رهيا. فجر جو ٻيڙي وارو ڪلوئي ويجهو پهتو، جنهن بعد انهن تائين کاڌو پهچي سگهيو. صورتحال ايڏي ته خطرناڪ ۽ ڀوائتي هئي، جو علائقي جي، جو اسان ٻيڙين ۾ سوار ٿي شادي لارج کان نيوي چڪ واري علائقي مان ٿيندا ڪلوئي ته پهتاسين، پر تيز برسات جي ڪري اسان کي سڄي رات ان پاڻي ۾ گذارڻي پئي. ڪلوئي ۾ محمد خان لُنڊ اسان جو انتظار ڪندو رهيو. عجيب خوف وارو منظر هو. اسان ان خطرناڪ منظر مان نڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کي لطيفا ٻڌائي رات گذاري ۽ صبح جو شادي لارج پهتاسين. جتي 12 ڪلاڪن کان ٽيڪسي وارو اسان جو انتظار ڪندو رهيو. هن قصي لکڻ جو مقصد هن تباهه حال ضلعي ۾ انتظاميه ڄڻ نظر ئي نه پئي اچي. هن خطرناڪ تباهي لاڙ کي جيڪو تباهه ڪيو آهي، ان جا اثر ڪيئي سال رهندا. ڀلي انتظاميه ڪهڙيون به دعوائون ڪري، اربين رپيه خرچ ڪرڻ جون به دعوائون ڪري، پر سر زمين تي ڪاري وارا ڪک آهن. سموري زراعت تباهه ٿي آهي، چوپايو مال مري ويو آهي. سمورو مواصلاتي نظام متاثر ٿيو آهي. هاڻي ته زمين جي ايتري ٽڪري ناهي بچي، جو لاش دفنائي سگهجي. اهڙي خطرناڪ صورتحال سرڪار جي پت پڌري ڪري ڇڏي آهي. عبدالستار ايڌي سوڌو سماجي خدمتگار ادارن جي پت به پڌري ٿي آهي. [/JUSTIFY]
جواب: ٻڏندڙ ماڻهو، جيئن مون ڏٺا! (دودو چانڊيو جي رپورٽ) سنڌ ٻڏندي رهي ۔۔۔ اک وسندي ره تمام ڪارائتو ليک لکيو آھي۔ ان کي پڙھڻ کان پو انتظاميه تي صرف افسوس ئي ڪري سًگھجي ٿو
جواب: ٻڏندڙ ماڻهو، جيئن مون ڏٺا! (دودو چانڊيو جي رپورٽ) سنڌ ٻڏندي رهي ۔۔۔ اک وسندي ره موجوده برساتن جا رڳو مٿي ٻڌايل نه پر ڪيترائي هولناڪ ۽ خوفائتا منظر ٿي گذريا آهن ۔۔ جن مان ڪجهه ته منهنجي نظرن پڻ ڏٺا ۔۔ وڏڙن جي ڳالهين مان اندازو ٿو ٿئي ته هن سال جي چوماسي برساتن جيتري بارش اڳ ڪڏهن نه پئي۔۔۔ ڏٺو وڃي ته هي اها ساڳي بارش هئي جيڪا پنجاب ۾ پنهنجا تيز وسڪارا ڏيندي لڳ ڀڳ 15 کان 20 ڏينهن کان پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿي هئي۔۔۔ افسوس جو سنڌ انتظاميه سڌ هجڻ باوجود پنجاب انتظاميه وانگر ڪي اپاء نه ورتا ۽ موجوده برساتن کي قدرتي آفت سمجهي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهيا ۔۔۔ جي گهڻا نه سهي ڪجهه تڪڙا اپاء ئي وٺجن ها ته تڪليفن ۾ گهٽتائي اچي سگهجي ها۔۔۔ پر لڳي ٿو اسان وقت گذرڻ سان بي حس ۽ بي پرواهه ٿي رهيا آهيون ۽ سمجهڻ لڳا آهيون ته هي قدرتي آفتون اسان تي اچڻيون آهن ۽ انهن جي برداشت ۽ سهڻ جي همت پنهنجي وس کان مٿي آهي۔۔۔
جواب: ٻڏندڙ ماڻهو، جيئن مون ڏٺا! (دودو چانڊيو جي رپورٽ) سنڌ ٻڏندي رهي ۔۔۔ اک وسندي ره موجوده بارشن جي تباهي ته ڪنهن کان لڪيل نه آهي پر حڪومت ۾ ويٺل ڪامورا صرف فضائي معائنه ۽ اعلان ڪرڻ ۾ پورا آهن دودو چانڊيي صاحب جو اکين ڏٺو احوال سنگت سامهون آهي پر پو۽ به حڪومت اصل نه مڃيندي وس وارن کي اپيل آهي ته جيترو به ٿئي سگهي ان غريب ماروئڙن جي مدد ڪئي وڃي ته کين آٿٿ ۽ سهارو ڏنو وڃي ٿئي سگهي ٿو ته ڪنهن جي آٿٿ ۽ مدد سان ڪنهن جي زندگي بچي پئي انهن مرحلن مان ، مان به گذري چڪو آهيان قيامت وارا منظر هئا وڌيڪ لکڻ جي طاقت ناهي ڇو جو اکين ۾ ايترو ته پاڻي ڀرجي ويو آهي جو ڪجهه ڏسڻ کان قاصر آهيان ...................
جواب: ٻڏندڙ ماڻهو، جيئن مون ڏٺا! (دودو چانڊيو جي رپورٽ) سنڌ ٻڏندي رهي ۔۔۔ اک وسندي ره ۽ پوءِ پنهنجو وزيرِاعظم چئي ٿو ته ڪو به پاڪستاني سڏائڻ لاءِ تيار ناهي ڪو سرائڪي ته ڪو سنڌي ٿو سڌائي۔ جڏنهن پاڪستان جو مطلب پنجاب هوندو ته نتيجو ته اهو ئي ايندو نه!