• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوني ليپ ٽاپ جا ڊرائيور گهرجن ٿا۔۔۔۔۔۔

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي مون حقير طرف کان سلام قبول پون۔۔۔۔

دوستو مون وٽ سوني جو ليپ ٽاپ آهي جنهن جو ماڊل نمبر هي آهي۔۔۔sony vaio pcg-71312l جنهن ۾ مون تازوئي ونڊوز 7 انسٽال ڪئي آهي پر افسوس جو مون وٽ نيٽ جي سهولت مهيا ڪونهي۔۔۔۔۔ هن وقت به مان دوست جي آفيس مان هي تحرير لکي رهيو آهيان۔۔۔

دوستو مهرباني ڪري مونکي گهربل ماڊل نمبر جا ڊرائيوز يا ڊارئيورز جي لنڪ سنڌ سلامت تي ارسال ڪندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي۔۔۔۔۔
 
جواب: سوني ليپ ٽاپ جا ڊرائيور گهرجن ٿا۔۔۔۔۔۔

محترم زاھد صاحب وعليڪم السلام۔
محترم ٿورو انتظار ڪندا جيستائين اوھان جي تحرير تي ڪنھن جادوگر جي نظر پوي۔
 
جواب: سوني ليپ ٽاپ جا ڊرائيور گهرجن ٿا۔۔۔۔۔۔

ادا عاشق ياعلي مدد!

ادا مونکي تمام اشد ضرورت آهي۔۔۔ مهرباني ڪري دوستن کي پي ايم ڪري ٻڌايو ته منهنجي هن عرض تي نظر ثاني ڪن۔۔۔۔
 
جواب: سوني ليپ ٽاپ جا ڊرائيور گهرجن ٿا۔۔۔۔۔۔

مٺا زاهد توهان جي ٻڌايل ماڊل جي سيريز سان گڏ هميشه اضافي ميڊيا پڻ ساڻ ملندي آهي جنهن ۾ ليپ ٽاپ جا ڊرائيورس موجود هوندا آهن ۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان کان اها ميڊيا گُم ٿي وئي آهي ته مشين کي ونڊوز 7 تي اپگريڊ ڪرڻ جون هدايتون هن پني تان معلوم ڪري سگهجن ٿيون۔۔۔

باقي جيتوڻيڪ درست ماڊل جا ڊرائيور حاصل ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته سوني جا سمورا ليپ ٽاپ پنهنجو ماڊل نمبر مختلف طرز تي ڏيکاريندا آهن۔۔ توهان دراصل پنهنجي سوني ليپٽاپ جو سيريز نمبر موڪليو آهي جنهن سان درست ڊرائيور حاصل ڪرڻ ڏکيو عمل آهي۔۔ درست ماڊل معلوم ڪرڻ جا هيٺيان طريقا آهن۔۔۔
طريقو نمبر 1:
ليپٽاپ جي هيٺان ڪنفيگر آرڊر جي چٽ تان ماڊل نمبر هٿ ڪرڻ

cto_sticker.jpg

طريقو نمبر2:
Start بٽڻ تي ڪلڪ ڪري All Programs. ۽ پوءِ VAIO Care جتي هيٺين سائيڊ تي ماڊل لکيل هوندو آهي۔۔

vaio_care_fade.jpg

طريقو نمبر 3:
Start بٽڻ تي ڪلڪ ڪري (My) Computer ۽ پوءِ سي ڊرائيو مان ونڃي ونڊوز فولڊر کوليو ۽ پوءِ Model.txt نالي فائيل کي ڳولي کوليو ۽ ماڊل نمبر معلوم ڪري وٺو۔۔۔

model_txt.jpg

طريقو نمبر 4:
درست ماڊل کي ايل سي ڊي جي اسڪرين فريمز تان ڏسي معلوم ڪري وٺو۔۔۔

nb-image.gif

اهڙي طرح جڏهن درست ماڊل نمبر معلوم ٿي وڃي ته هتي ڪلڪ ڪري ماڊل نمبر ڏيو ۽ مڪمل ڊرائيورس حاصل ڪري وٺو۔۔۔
 
جواب: سوني ليپ ٽاپ جا ڊرائيور گهرجن ٿا۔۔۔۔۔۔

اميد ته سائين زاهد پياري جو ڪم ٿي ويو هوندو مون وٽ به سوني ليپ ٽاپ آهي پر ايڪس پي ونڊو ۾ سڀ ڊرائيور آٽو ٿي وڃن ٿا باقي ونڊو سيون جا ٿي سگهي ٿو ته نه ٿيندا هجن بهرحال سائين عبدالرشيد جن جي طريقي سان قوي اميد آهي ته سائين زاهد جو ڪم ٿي ويندو۔
 
Back
Top