پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ Doctor طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2011۔

  1. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    سنڌ سلامت جا پيارا پيارا دوستو اسلام عليڪم،
    دوستو اڪثر اسان پنهنجي دوستن ، يان وري مِٽ مائٽن سان فائل شيئر ڪندا رهندا آهيون. ۽ جڏهن اسان فائلس شيئر ڪندا آهيون ته اسان اها فائل پهرين ڪنهن سائيٽ تي اپلوڊ ڪندا آهيون ان کانپوءِ انهن کي اسان ان فائل جو لنڪ ڏيندا آهيون ته هن لنڪ تان توهان فائل ڊائونلوڊ ڪيو....
    ته اِن صورت ۾ تمام گهڻو ٽائيم ظايع ٿيندو آهي.. يان وري ڪجهه ايڊوانس يوزر FTP سافٽويئرز جو سهارو وٺندا آهن. پر اهي FTP جا سافٽويئرز اهڙي طرح جو ڪم نه ڪندا آهن جيڪو اسان چاهيون ٿا.
    پر دوستو اهوئي ڪم جي اسان جي ونڊو ايڪس پي ڪري ته واهه واهه ٿي ويندي .
    دوستو جي FTP ونڊو ايڪس پي ۾ ئي موجود هجي ۽ اهو سڀني کان بهترين ڪم ڪري ته پوءِ ٻين مَهانگن سافٽويئرز جي اسان کي ڪهڙي ضرورت آهي. ايڪس پي ۾ صرف ان کي ايڪٽيويٽ ڪرڻو هوندو آهي. جيڪو تمام آسان آهي... سو اڄ مان انهيءَ جو ٽيوٽوريل توهان لاءِ کڻي آيو آهيان. پوءِ دوستو تيار ٿي وڃو...
    نوٽ.. هي ٽيوٽوريل صرف ونڊو ايڪس پي کي ئي استعمال ڪرڻ وارن جي لاءِ آهي..
    سڀ کان پهرين ونڊو ايڪس پي جي CD سي ڊي روم ڊرائيو ۾ وجهو.
    پوءِ ڪنٽرول پينل ۾ وڃي Add Remove ۾ اچي ليفٽ سائيڊ ۾ Add/Remove Window Components ۾ اچو.

    [​IMG]

    هتي توهان Internet Information Services جنهن کي اسان مختصر IIS چوندا آهيون... ان تي ڊبل ڪلڪ ڪيو.

    [​IMG]

    هتي توهان File Transfer Protocol يعني FTP کي چيڪ لڳائي ڇڏيو.. يعني اتي ٽِڪ مارڪ جو نشان هڻو. ۽ پوءِ OK ڪري ڇڏيو.

    [​IMG]

    ان کانپوءِ NEXT تي ڪلڪ ڪيو. ڪجهه دير ۾ توهان جي سسٽم ۾ FTP جو هي سسٽم انسٽال ٿي ويندو..
    هاڻي توهان وري ٻيهر ڪنٽرول پينل ۾ اچو ۽ ان کي Switch To Classic View ڪيو.

    [​IMG]

    هاڻي توهان Administrative Tools ۾ اچو.

    [​IMG]

    پوءِ توهان Internet Information Services ۾ اچو.
    هاڻي هيٺ ڏنل تصوير جي طرح Default FTP Site تي رائيٽ ڪلڪ ڪري Properties ۾ اچو.

    [​IMG]

    هاڻي توهان هيٺ ڏنل تصوير جي طرح هي چيڪ لڳايو.Allow only anonymous connections ان تي چيڪ لڳائڻ ضروري آهي.

    [​IMG]

    دوستو هاڻي توهان کي جيڪي فائلس ٻين سان پنهنجي ڪمپيوٽر مان شيئر ڪرڻيون آهن.... چاهي اهي ڪهڙيون به هجن ۽ ڪيتري به سائيز ۾ هجن انهن کي توهان C:\inetpub\ftpoot ۾ ڪاپي ڪيو.. ۽ جنهن سان توهان کي شيئر ڪرڻيون آهن انهن کي توهان لنڪ ڏيو...
    توهان جو لنڪ توهان جي Ip Address تي هوندو..
    توهان جو لنڪ ڪجهه هن طرح سان هوندو...
    ftp://203.128.5.6
    Ip Address توهان www.whatismyip.com تي وڃي آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهو ٿا.

    [​IMG]

    ته دوستو هي هيو اسان جو اڄ جو ٽيوٽوريل تمام هي آسان.. ۽ تمام امپارٽينٽ..
    ان جي توهان کي ڪنهن به وقت ضرورت پئجي سگهي ٿي. توهان پنهنجي دوستن ۽ فيملي ميمبرن سان ڊائريڪٽ پنهنجي ئي ڪمپيوٽر مان ڪجهه به شيئر ڪري سگهو ٿا. چاهي فائل جي سائيز 40GB تائين هجي.
    جي توهان چاهيو ٿا ته ڪوئي ٻيو توهان جي ڪمپيوٽر تي فائلون اپلوڊ ڪري ته اهو به ٿي سگهي ٿو.هيٺ ڏنل تصوير مطابق ڏنل چيڪ مارڪ جو نشان هڻي ڇڏيو.

    [​IMG]

    پوءِ دوستو وري ٻيهر ملنداسين هڪ نئي شيئرنگ سان تيستائين مان کي اجازت ڏيندا اوهان جي دوست ڊاڪٽر کي الله حافظ....
     
  2. عبدالحڪيم راڄڙ

    عبدالحڪيم راڄڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    238
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Sachal Goth, Karachi
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

    سائين تمام بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔انشا الله ٽرائي ڪري ڏسندا سين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔بهترين۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

    سائين تمام بهترين ٽيوٽوريل آهي اسان جي معلومات ۾ هر روز اضافو ٿي رهيو آهي اوهان جي وڏي مهرباني ۔رب اوهان کي صحت و عافيت سان وڏي ڄمار بخشي۔​
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

    سائين تمام بهترين ڪوشش آهي

    لاجواب ونڊ آهي الله پاڪ توهان کي اڄان وڌيڪ علم عطا ڪري پر سائين صرف هڪ سوال ڪرڻو آهي ته جيڪڏهن مون جو سسٽم آف هجي ته ڇا ڪو به يوزر جنهن کي مان لنڪ ڏيان ته اهو مون جو سسٽم آف هجي به ڊائونلوڊ ڪري سگهي ٿو

    تمام بهترين ٽٽوريل آهي

    الله پاڪ اوهان کي خوش ڪري

    سدائين گڏ
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

    ھڻ ايتري خفي کان پو فائيل ٽرانسفر ٿيندو ايتري خفي کان بھتر آھي ان ماڻھو کي ھارڊڪاپي ڏئي اچجي۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

    ڊاڪٽر صاحب تمام بھترين۔۔۔۔۔۽ نئين شي سمجھائڻ جي مھرباني۔
     
  7. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

    ادا توهان جي مهرباني۔۔۔۔ بلڪل ٽرائي ڪري ڏسو۔۔۔

    .....................................

    ادا رحيم بخش توهان جي مهرباني جو مننهجي شيئرنگ کي پسند ڪيو۔۔۔

    .....................................

    فقير سائين ٻنهي کي آن لائن رهڻو پوندو۔۔۔ ظاهري ڳالهه آهي ته جي توهان جو نيٽ ڊسڪنيڪٽ ٿي وڃي يان وري اوهان ڪمپيوٽر بند ڪري ٻيهر کوليندو ته توهان جي آپي ايڊريس چينج ٿي ويندي۔۔ توها کي ٻيهر اڳئين کي پنهنجي آئي پي ايڊريس جي لنڪ ڏيڻي پوندي۔۔

    .....................................

    پهرين ڳالهه ته دوست ان ۾ خفو ته ڪوئي به نه آهي صرف FTP کي ايڪٽو ڪرڻو آهي ڇو جو جڏهن اسان ونڊو انسٽال ڪندا آهيون ته ڊيفالٽ ۾ اهو FTP جو سسٽم انسٽال نه ٿيندو آهي۔۔
    ٻي ڳالهه ته جي توهان وڏي سائيز واري فائل کي ڪنهن به سائيٽ تي اپلوڊ ڪندو ته ان ۾ ڪافي ٽائيم لڳندو آهي وري جڏهن توهان ڪنهن ٻئي کي ان اپلوڊ ٿيل فائل جو لنڪ ڏيندو ان کان پوِ جڏهن اهو اڳيون ماڻهو جڏهن ان فائل کي ڊائونلوڊ ڪندو ته ان ۾ ڪافي ٽائيم لڳندو آهي According to your Net Speed ۔۔
    ٽين ڳالهه ته توهان اهو فرمايو ته ان ماڻهوَ کي هارڊ ڪاپي ڏئي اچجي۔۔۔۔؟هاهاهاهاهاهاهاه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    توهان ويٺا آهيو ڀٽ شاهه ۾ ۽ اڳيون ماڻهو ويٺو آهي ڪراچيَ ۾۔۔۔۔۔ يان هڪ ويٺو آهي آمريڪا ۾ ۽ ٻيو ويٺو آهي پاڪستان ۾ ته پوِ وڃو ڏئي اچو ان کي هارڊ ڪاپي۔۔۔۔۔سو دوست هر ڪنهن جي پنهنجي ،،، پنهنجي سوچ آهي۔۔۔باقي ڪنهن کي ڪيئن آسان لڳي ۽ وري ڪنهن کي ڪيئن آسان لڳي۔۔۔ بحرحال مان هڪ ٽپ شيئر ڪئي توهان دوستن سان تاڪي دوستن کي اهو معلوم هجي ته ائين به فائلس کي هڪ ٻئي سان شيئر ڪرڻ جو طريقو هوندو آهي۔ هونئن ته گهڻا ئي طريقا هوندا آهن جيڪو مان پنهنجي ٽيوٽوريل ۾ اڳ ئي ٻڌائي چڪو آهيان۔۔۔
    سو دوست Please Don't Mind جي منهنجي ڪا ڳالهه بري لڳي هجي ته۔۔۔۔۔

    ادا عاشق اوهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو آهي۔۔۔۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

    [​IMG]

    السلام عليڪم ادا

    هيستائين ته پهچي ويو آهيان پر جيڪو هي آپشن آهي
    [​IMG]

    اهو به پيو ظاهر ٿئي ان باري ۾ ٿورو تفصيلي سمجهايو يا خبر نه آهي ڪو مون وٽ ايرر آهي
    هالانڪه ونڊوز جي سي ڊي مان ڊرائيورس به کڻايا آهن

    مهرباني سدايئن گڏ
     
  9. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

    سائين تمام زبردست ونڊ ڪيو آ مھرباني لک قرب ڊاڪٽر صاحب ، عبدالواحد صاحب :police:
     
  10. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

    ڀا حيدر بخش توهان جي مهرباني
     
  11. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

    تمام سٺي ونڊ ڪئي اهي ادا ڊاڪتر
     
  12. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر تان جيڪو چاهيو ان کي شيئر ڪيو۔۔

    سڀني دوستن جي مهرباني جن منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو آهي۔۔۔
     
هن صفحي کي مشهور ڪريو