ڀٽ ڌڻيءَ جي روضي کي وڌيڪ نقصان کان بچايو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڀٽ ڌڻيءَ جي روضي کي وڌيڪ نقصان کان بچايو

    1752ع ۾ لطيف سائينءَ وفات ڪئي. 1754ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي، جيڪو ڀٽائي صاحب جو مريد هو، تنهن ڀٽائي صاحب جو شاندار روضو جوڙايو. هي روضو سکر شهر سان تعلق رکندڙ عيدن رازي ڊزائن به ڪيو ته ٺاهيو به. ڀٽائي صاحب جو روزو ايڏو ته شاندار ۽ جاذب نظر آهي جو پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ سٺي مٽيريل سان اوساري ڪيل آهي، جنهن ۾ چيرولي ڀٿر کي بٺين ۾ ساڙي ان جي سفوف مان گارو ٺاهيو ويو آهي. 1994ع ۾ محترمه شهيد بينظير درگاهه جي واڌاري ۽ مرمت لاءِ هڪ پلان ٺاهيو، ان پراجيڪٽ جو نالو رکيو ويو ”ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پلان“. دراصل هي پراجيڪٽ اهو هو، جيڪو 1974ع ۾ ڀٽي صاحب ڏنو پر جنرل ضياءَ جي اچڻ سان ان کي بند ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح درگاهه جي عمارتن جو ڪم رڪجي ويو. 1996-97ع ۾ ان وقت جي ڪمشنر حيدرآباد/ ”پراجيڪٽ ڊائريڪٽر“ نذر حسين مهر جي ڪوشش سان ڪجهه ڪم مڪمل ٿيا، جن ۾ ”ايوان رومي“ يا ”ايوان لطيف“ نمايان آهي. انهيءَ دوران درگاهه شريف جي روضي مبارڪ ۾ هڪ سنهي سير ڏسڻ ۾ آئي ۽ پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته روضي جو مٿيون پلستر لاهي ڏسجي ته اندر روضي جي بناوٽ ڪيئن ٿيل آهي. جڏهن پلستر کي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته اهو مشڪل سان لٿو. مهينو کن ته پلستر لاهڻ ۾ لڳي ويو. حقيقت ۾ روضي جي تعمير کي ڇيڙجي نه ها، ۽ اسان گهڻيون دانهون ڪوڪون ڪيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه هو. پوءِ روضي مٿان نهري ڪاري سمينٽ جو پلستر ڪيو ويو، جنهنڪري روضي جي شاندار گولائي به متاثر ٿي، پلستر به پڪڙ وٺي نه سگهيو. تازين برساتن ۾ اهو سيمنٽ جو پلستر پاڻي پوڻ ڪري ڳرو ٿي پيو. هن وقت سڄي گنبذ کي ڏار پئجي ويا آهن، جيڪي صرف پلستر کي پيا آهن، باقي اندران تمام مضبوط آهي. لڳي ائين ٿو ته هاڻ اهو پلستر نه بيهندو ۽ هڪ ٻن زوردار برساتن ۾ ڪري پوندو. ٻئي طرف 1835ع ڌاري ان وقت جي ٽالپرن حڪمران مير نصير خان درگاهه شريف کي چوديواري به ڏياري ته چار گنبذ به جوڙايا. 3 گنبذ لکي در وٽ آهن (مئن در درگاهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ). انهيءَ جو وڏو گنبذ هنن برساتن ۾ جُهري پيو آهي، سڄو پلستر اچي هيٺ ڪريو آهي. ڀٽائي صاحب جو روضو ڪلهوڙا دور حڪومت جو شاندار تعميراتي شاهڪار آهي، جنهن کي 1994ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ هڪ قانون تحت آثار قديمه ۾ شمار ڪيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته هن مزار جي هڪ سر، هڪ ڪاٺي ڪڍي به وڃي ٿي ته اتي ساڳئي قسم جي سر ۽ ڪاٺي لڳائڻي آهي پر ان قانون تي ذرو به عمل نه ٿي رهيو آهي. ٺيڪيداري نظام هن تاريخي مزار کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي، جيڪو هنن برساتن کان پوءِ ظاهر ٿي پيو آهي. هتي ٿرڊ ڪلاس جي سمينٽ سان ڪم نه هلندو، ملتان کان ڪاريگر گهرايا وڃن يا وري مٽياري شهر ۾ رهندڙ روضن ٺاهڻ جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪجن، تڏهن وڃي هي تاريخي ورثو محفوظ رهندو. تازو ”سنڌ آرڪيالاجي بورڊ“ ٺاهيو ئي انهيءَ مقصد لاءِ ويو آهي، جنهن جو سربراهه مخدوم جميل الزمان آهي، ان کي اڳيان اچڻ گهرجي. اوقاف، ثقافت ۽ اينٽي ڪيوٽي کاتو به هتي اچي مزار کي بچائڻ لاءِ ڪم ڪري. اهو ڪم جلد ٿيڻ گهرجي، نه ته روضي کي تمام گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو.

    ذوالقرنين شاهه/ڀٽ شاهه

    ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي روضي کي وڌيڪ نقصان کان بچايو

    نهايت ڳڻتي واري خبر آهي۔۔۔ پهريان ئي درگاهه قلندر شهباز جي مرمت جو ڪم سالن کان ناقص مٽيريل جي استعمال سبب پورو ناهي ٿي سگهيو ته وري لطيف سرڪار جي روضي جي اها هالت آهي۔

    افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙن نادر عمارتن جي مرمت يا تزئين لاء ڪا اعلى ترين پرڏيهي يا ڏيهي فرم ڳولي ان کي اهو ڪم ڏنو وڃي ۽ ان لاء اها پابندي هجي ته ڪم سئو فيصد صحيح ٿئي۔

    پر هتي ته اسان جا آواز رڍن اڳيان رباب وڄائڻ جي برابر آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو