ٻوڏ متاثر خوش ۽ مطمئن آهن، ڦاٿل لکين ماڻهن جي هر صورت ۾ مدد ڪئي ويندي: قائم علي شاهه

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]مٺي /نئون ڪوٽ/عمرڪوٽ/بدين (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ برسات متاثر هر ڪٽنب کي 20 هزار رجسٽريشن کان پوءِ ڏنا ويندا ۽ اهو ٽوڪن متاثرن سان همدردي جو اظهار آهي ۽ پاڻي گهٽ ٿي وڃن بعد ربيع جي فصل جي پوکائي لاءِ سنڌ حڪومت ٻج ۽ ڀاڻ مفت فراهم ڪندي. نئون ڪوٽ قلعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ سوا مهيني کان جاري برسات وڏي پئماني تي فصل ۽ هزارين گهر تباهه ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري اسان جي ڪوشش آهي ته ڪئمپن ۾ رهندڙ ماڻهن جي امداد ڪريون. روڊ رستا پڻ بحال ٿي ويا آهن ۽ امدادي ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته افسوس آهي ته قدرتي آفتن سڄي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسان جو فرض آهي ته عوام جي واهر هن ڏکئي گهڙي ۾ ڪريون، هن چيو ته سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت هاڻي روزانه متاثرن لاءِ هڪ لک خاندانن جو راشن ۽ خيما فراهم ڪندي، ڦرلٽ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ جي برسات متاثر عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه برسات دوران فوت ٿي ويل 15 ڄڻن جي وارثن کي 2-2 لک رپين جا چيڪ ڏڻ ڏنا، وڏي وزير سان اطلاعات کاتي جو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، قمر الزمان قائره، راجا پرويز اشرف، مير منور ٽالپر، ربينا قائم خاني، نواب يوسف ٽالپر، بحالي وارو وزير مظفر شجراع، ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ڊي سي او مخدوم شڪيل الزمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.هن چيو ته برسات جي متاثرن کي رليف ڪئمپن ۾ اچي آباد ٿيڻ کپي ته جيئن سندن صحيح رجسٽريشن ٿي سگهي، هن چيو ته متاثرن جي ٻيهر بحالي لاءِ وطن ڪارڊ جي ذريعي ويهه ويهه هزار رپيا امداد متاثر خاندانن کي ڏني ويندي. بدين ۾ قائم ڪئمپ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ضلعي بدين ۾ متاثرن کي ضرورت واريون شيون مليون آهن، متاثر خوش ۽ مطمئن آهن، ايليمينٽري ڪاليج جي متاثرن به اهڙي خوشي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته لکين ماڻهو برسات ۽ سم نالين جي ڪري ڦاٿل آهن، انهن جي هر حالت ۾ مدد ڪئي ويندي.

    (عوامي آواز)
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو