تانسين اڪبر بادشاهه کي کاٻي هٿ سان سلام ڪندو هُئو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]برصغير جي تاريخ ۾ مغليه خاندان جي چشم چراغ شهنشاهه جلال الدين اڪبر جي دؤر ۽ سندس حڪومت ۾ نورتن هئا، انهن مان هر هڪ پنهنجي ۾ ڪم مهارت رکندڙ هُئو پر تانسين وڏو راڳي ٿي گذريو آهي. اڪبر بادشاهه جي جنم ڀومي سنڌ هئي اهو هنڌ امرڪوٽ هو سندس ناناڻا به سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ جا هئا.

    سندس نورتن مان تانسين جو نالو ترلوچن داس هو، پاڻ گور برهمڻ گهراڻي سان تعلق رکندو هو. هن جو جنم تقريباَ َ 938هه ڌاري گواليار جي هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو. هُو پنهنجن استادن کان تربيت وٺي پنهنجي فن ۾ وڏي ڪمال تي پهتو.

    شروعات ۾ ٻانڌو (ريوان) جي واليءَ راجارام چندر وٽ ۽ راجا بيربل عرف ويرو مل جيڪو ٻه ٻانڀڻ مهراج امرڪوٽ جي ڀرسان وهار ۾ پيدا ٿيو جنهن کي وهرو شريف سڏجي ٿو. زين خان چرپر تي اڪبر بادشاهه پنهنجي درٻار ۾ گهرائي ورتو. جتي هن موسيقي ۾ وڏا ڪارناما انجام ڏنا.

    ان وقت جڏهن مرزا جاني بيگ تنگ ٿي صلح لاءِ درخواست ڏني. تڏهن هن کي اڪبر جي درٻار ۾ وٺي آيو، خان خانان جي چوڻ تي. بادشاهه پنهنجي ڀرم رکڻ لاءِ مرزا جاني بيگ کي هيٺاهون ڪرڻ ٿي چاهيو نيٺ تانسين کي وٽس موڪليائين ته هي وڃي سندس اڏو ڳائي، ان وقت مرزا جاني بيگ قيدي هو. تنهن ڪري ان کي ڪجهه ڏيئي نه سگهندو هو ته ڏاڍو شرمندو ٿيندو هو ۽ هن جو ڪنڌ هميشه هيٺ ٿي پوندو.

    تانسين هن وٽ وڃي پنهنجي فن جو ڪمال ڏيکارڻ شروع ڪيو. تانسين هميشه اڪبر بادشاهه کي کاٻي هٿ سان سلام ڪندو هو. جا ڳالهه اڪبر بادشاهه کي ڪونه وڻندي هئي. تڏهن به درگذر ڪندو ٿي آيو. تانسين کي ڪجهه به نٿي چيائين. مرزا جاني بيگ جيل ۾ هو، ان جي اڳيان قيدخاني وٽ تانسين ڪمالات سان ڳايو، ان تي جاني بيگ ڏاڍو متاثر ۽ ٿيو هن پنهنجي جاءِ تان اُٿي تانسين جي چوڌاري ست ڦيرا ڏنا ۽ چيائينس ته مون وٽ ڪجهه به نه آهي. جو توکي ڏيان ڇا لاءِ ته مان پاڻ قيدي آهيان ۽ منهنجي بادشاهي نه رهي آهي. هن وقت هي جان باقي آهي. جيڪا تو تان قربان ڪريان.

    تانسين هڪدم اُٿي ساڄو هٿ مٿي ڪري ڏاڍي پيار سان مرزا جاني بيگ کي سلام ڪيو. اڪبر بادشاهه جنهن نموني سان مرزا جاني بيگ کي شرمندو ۽ جهڪو ڪرڻ چاهيو ٿي. هي ڳالهه ان جي بلڪل ابتڙ ثابت ٿي.
    [/JUSTIFY]


    اي بي شيرل ساند
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو