اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت پرچار سڀا پاران سنڌياڻي بنيتا ناگپال سان رهاڻ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت پرچار سڀا اُلهاس نگر، سيڪريٽري جنرل شري ٽيڪچند مست ۽ سندس ساٿين 83 نيشنل سيمينار، مشهور پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ رائيٽر بنيتا ناگپال تي ر- ڊي نئشنل ڪاليج باندرا ۾ تمام شاندار نموني ٿيو. هن انوکي سيمينار جي شوڀا وڌائڻ لاءِ گهڻي ئي ناليوارا مهمان آيا هئا، جيئن ته گهنشام واسواڻي، ڪوشي راولاڻي، آشا چاند، دادي پشپا، مايا راهي، لاکنڊوا لاسمر ٿي پئنچايت جا ڪاميٽي ميمبرس سنڌي ڪائونسل آف انڊيا جا ڪاميٽي ميمبرس، سنڌي ڪائونسل ممبئي ريجن عورتن جي تنظيم جون ڪاميٽي ميمبرس پڻ هن سڀا جو شان وڌايو. سڄو حال مهمانن سان ڀريل هئو.

    شروع ۾ سيمينار جي روايت موجب سڀا جي سيڪٽري جنرل ٽيڪچند مست، سڀا جي باري۾ تفصيل سان ٻڌائيندي چيو ته هو هڪ مشن کڻي هلي رهيا آهن. سنڌي ساهتيڪارن ۽ ڪلاڪارن جو جيئري ئي سمهان ڪري اُنهن جو شان وڌائي، ان طرح سان سنڌيت جي شيوا ڪري رهيا آهن. اڳتي هن چيو ته جنهن قوم جا ساهتيڪار ۽ ڪلاڪار زنده هوندا آهن يا نه اُنهن جو مان سمان ڪيو ويندو آهي اُها قوم هميشه زنده رهندي آهي.

    هن سيمينار جي اسپانسر Lion Amar Munjad سنڌي سڀا جي ڪم جي گهڻي تعريف ڪئي ۽ اُنهن جا شڪرانا مڃيندي چيو ته شري ٽيڪچند مست هُن کي پنهنجي ڪاريه ۾ شيوا جو موقعو ڏنو ۽ هن اُها اڇا ظاهر ڪئي ته ايندڙ سيمينار ۾ پڻ هن کي اِهو مقصد ڏنو وڃي. تنهن کان پوءِ شري چندر منگهناڻي سڀا جي بانيڪارن جي تعريف ڪندي، پنهنجو رايو ڏنو ته ساهتيڪارن ۽ ڪلاڪارن سان گڏ ڪيترن ٻين شيوا ڌارين پڻ سنڌيت جي واڌاري لاءِ سِرَ ٽوڙ ڪم ڪري رهيا آهن، اُنهن جو پڻ سڀا کي سممان ڪرڻ کپي، اِن ڳالهه جي شري ٽيڪچند مست اُتي ئي پنهنجي رضامندي ڏني ۽ هال آيل موجود مهمانن زرودار تاڙين سان اِن ڳالهه جو سواگت ڪيو.

    مهمانن ۾ پيپر پڙهڻ لاءِ ميڊيا پرسن شري سشيل گجواڻي جيڪي بنيتا سان 20 سالن کان مٿي، گهڻن ئي پراجيڪٽس ۾ جڙيل آهن. بنيتا جي ميڊيا ۾ الڳ ڀاشائن جا پروگرام اُنهن ۾ هندي انگلش، سنڌي، مراٺي، گجراتي ۽ اُردو جيڪي الڳ الڳ چينل تي ڏيکاريا ويندا آهن، اِن ممبئي، مَني ٽي وي، چينل، ئي گهڻي ئي ڪاميابيءَ سان ڏيکاريا ويا آهن. بنيتا جي ساراهه ڪندي شري شيل گجواڻيءَ چيو ته ڪيئن 41 سالن جي عُمر ۾ ميڊيا جو سفر شروع ڪري بنيتا ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي.

    بنيتا پنهنجي تقرير ۾ شري ٽيڪچند مست جي مِشن جي گهڻي تعريف ڪئي ۽ چيو ته واقعي ئي اُهي ڪلاڪارن ۽ ساهتيڪارن جو جيئري ئي سنمان ڪري ساراهه جوڳو ڪم ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته بنيتا Electronic Media سان جڙيل آهي، تنهنڪري هن پنهنجي نجي ۽ پروفيشنل زندگي تي روشني وجهڻ لاءِ هڪ Audio Film ڏيکاري، جنهن جو نالو هئو.

    ”گرو مهر ڪندُءِ، گُرو وڏو ماڻهو ڪَندُءِ“

    هي فلم بنيتا پاڻ کي شوٽ ڪري پاڻ ئي بيان ڪئي. هن فلم سندس پر زندگيءَ تي روشني وڌي. هال ۾ ويٺل هر هڪ ماڻهو Emotional ٿي ويو.

    پڇاڙيءَ جو هن فلم جي ڪلاڪارن يعني بنيتا جي پريوار مان آيل ساهري ۽ پيڪي ڪٽنب جي ڀاتين جو گُلن ۽ تاڙين سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. هن سيمينار Channel ‘Z’ تي ايندڙ مشهور پروگرام ”جينا اسي ڪا نام هي“ جيڪو فاروق شميم پيش ڪندو هئو، هُن جي ياد تازا ڪري ڇڏي، فلم جي ۽ بنيتا جي تمام گهڻي ساراهه ٿي.

    پڇاڙيءَ جو جهولي لعل جو پلئه پائي سيمينار جي پڄاڻي ڪئي وئي.
    [/JUSTIFY]

    ڪرشما ڪالاڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو