سنڌ جي پھرين ڪمشنر آر-ڪي پرنگل جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو تحفظ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY] 1843ع ۾ ميرن کي شڪست ٿي۽ سنڌ جون واڳون سر چارلس نيپئر سنڀاليون. هو برٽش آرميءَ ۾ جنرل هو. چارلس نيپئر سنڌ تي ساڍن چئن سالن کان به وڌيڪ عرصو ملڪ جي گورنر جي حيثيت ۾ ڏنڊي جي حڪمراني ڪئي. انتظامي معاملي ۽ هو نهايت سخت قسم جو ماڻهون هو، پر پوءِ ڏيهي ٻوليءَ جي معاملي ۽ سندس رويو انصاف ڀريو هو. اھو ئي سبب آھي جو ھن چيو ھو تھ:

    "سنڌي ھڪ قديم زبان آھي، زبان سان ھٿ چراند ڪرڻ جي ڪا بھ ڪوشش نھ ڪئي وڃي"

    1847ع ۾سنڌ چارلس نيپئر پنھنجي عھدي تان رٽائر ٿيو ۽ برطانيھ روانو ٿي ويو. ھن جي روانگيءَ سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ملائي ڇڏيو. سنڌ جيڪا آزاد ملڪ ھئي سا ھينئر پنھنجي صوبائي حيثيت بھ وڃائي ويٺي. ھاڻي اھا انتظامي طور بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو ھئي. جنھن جو انتظام ڪمشنر ان سنڌ ھلائڻ لڳو، جنھن سان بمبئيءَ جي گورنر جا ڪيترائي اختيار سنڌ جي ڪمشنر کي ڏنا ويا. جنھن ڪري سنڌ مالي طور بمبئيءَ سان گڏ رھي، پر انتظامي طور تي ان کي نيم مختيار بڻايو ويو.

    رچرڊ ڪينٽ پرنگل کي سنڌ جو پھريون ڪمشنر (1850-1847) مقرر ڪيو ويو. ھن جو ٽن سالن جو عرصو، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪافي بھتر رھيو. سنڌ ۾ فوجي حڪومت قائم ھئي، جڏھن تھ مسٽر پرنگل سول سروسز جو ماڻھون ھو. ھن لاءِ وڏو مسئلو سنڌ ۾ امن امان جي مسئلي کي منھن ڏيڻو ھو ۽ ان کان علاوه روينيو جي اوڳاڙيءَ ۾ به واڌ ڪرڻي ھئي.جيئن تھ آر-ڪي پرنگل سول سروس جو ماڻھو ھو، ان ڪري ھن دفتري معاملن کي سڌارڻ ۾ ڪافي دلچسپي ورتي. سنڌ ۾ جديد سرڪاري نظام شروع ڪيو، جنھن ۾ باقاعده ھر موضوع ۽ مسئلي تي فائيل (File) ٺاھيا ويندا ھئا.

    ا نگريزن جڏھن ملڪ جو نظام سنڀاليو تڏھن ڏٺو تھ عوام جي ٻولي سنڌي، لکت پڙھت فارسيءَ ۾ عجيب نموني سرڪاري نظام ھلندڙ ھو. شروعاتي دؤر ۾ انگريزن بھ ساڳي نظام کي جاري رکيو، جنھن کي به ڪا شڪايت ڪرڻي ھوندي ھئي تھ ھو سنڌيءَ ۾ ٻڌائيندو ھو ، سرڪاري دفترن آڏو ويٺل عامل ان کي فارسيءَ ۾ لکندا ھئا ۽ انگريز آفيسرن کي وري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا ويندا ھئا. نتيجي ۾ وقت جو زيان، انصاف ۾ رنڊڪ، غير منصفاڻھ فيصلا، غلط ترجما وغيره عام ھوندا ھئا. اھڙي طرح تعليمي نظام حصول بھ مشڪل ۽ گھڻي فائديمند نظر نھ پئي آيو،

    جتي پرنگل وٽ وڏو چئلينج اھو ھو تھ سنڌي ماڻھن ۽ انگريز حڪمرانن لاءِ فارسي زبان ۾ نظام ھلي رھيو ھو، جنھن کان ھن بمبئي سرڪار کي آگاھ ڪيو ھو. ٻي طرف خود هندوستان جي انگريز سرڪار مراسلن ذريعي سڄي ملڪ ۾ اعلان ڪري رھي ھئي تھ برصغير ۾ مغربي علم مھيا ڪرڻ لاءِ مقامي زبانن کي استعمال ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪئپٽن آگسٽس ووڊ (1818-1878) تمام گھڻو ڪم ڪيو ھو. سنڌ ۾ ڪلاسيڪل زبانن جي عيوض مقامي زبانن جي استعمال لاءِ اپاءَ شروع ٿي چڪا ھئا. سر جارج رسل ڪلرڪ (1889-1800) برٽش سول سرونٽ هو. ٻه دفعا بمبئيءَ جو گورنر رهيو. هندوستاني ٻولين جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. اپريل 1948ع ۾ بمبئي جي گورنر جارج ڪلرڪ واضح طور تي اعلان ڪيو تھ سنڌ ۾ سرڪاري زبان سنڌي ھوندي، ھن سمورن آفيسرن کي ھدايت ڪئي تھ ھو ارڙھن مھينن ۾ سنڌي سکي وٺن. ھن چيو تھ :

    ”اسان کي گھرجي تھ اسان سرڪاري ڪاروبار لاءِ ملڪي ٻولي (سنڌي) کي متعارف ڪرايون. مونکي سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ اسان جا روينيو ۽ انصاف کاتي جا آفيسر (چاھي سندن کاتن ۽ ڪچھرين جو ڪم ڪھڙي بھ نموني ڇو نھ مقررڪيو وڃي) فارسي يا انگريزيءَ جھڙي ھڪ ڌاري ٻوليءَ ذريعي ڪيئن اثرائتي نموني ڪم ھلائي سگھندا. آفيسرن کي ارڙھن مھينن جو وقت ڏجي ٿو تھ سنڌي زبان جو امتحان پاس ڪري وٺن.“

    مئي 1948ع ۾ بمبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي ٻيو ھدايت نامو موڪليو تھ سرڪاري ڪامورن لاءِ سنڌيءَ ۾ امتحان لاءِ انتظام ڪيو وڃي. ھيءَ پڻ ھدايت ڪئي ويئي تھ سنڌ ۾ جديد تعليم جي ترقيءَ لاءِ ڪيل اپائن کي ڪجھھ وقت لاءِ روڪيو وڃي، جيستائين انگريز ڪامورا سنڌيءَ مان چڱي طرح واقفيت حاصل ڪري وٺن ۽ جيستائن سنڌي زبان جي ذريعي سان تعليم ڏيڻ لاءِ ڪافي استاد موجود نھ ھجن.انھن احڪامات جي روشنيءَ ۾ مسٽر پرنگل ھيٺ ڏنل اطلاع نامو جاري ڪندي ڄاڻايو تھ:

    (الف) آئنده سرڪاري لکپڙھ سنڌيءَ ۾ ٿيندي،

    (ب) يورپي ۽ ٻيا آفيسر سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن،

    (ت) سنڌي اسڪول کوليا وڃن.

    بمبئي سرڪار، سنڌيءَ کي سرڪاري ٻولي تھ نافذ ڪري ڇڏيو پر اھو سڄو سرڪاري سرشتو ھلائڻ لاءِ ڪھڙي رسم الخط ھئڻ گھرجي? اھو مسٽر پرنگل لاءِ وڏو سوال ھو. ڇو جو سنڌيءَ لاءِ ڪو بھ معياري رسم الخط موجود نھ ھو. اھا گھٽ ۾ گھٽ اٺن صورتخطين ٺٽائي، خداوادي، لھاڻڪي، ميمڻڪي، خوجڪي، ديوناگري، گرمکي ۽ عربي فارسي ۾ لکي ويندي ھئي.واپارين وٽ پنھنجو رسم الخط ھو تھ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ٻيو رسم الخط ھلندڙ ھو. وري ھر علائقي جي واپارين جو پنھنجو رسم الخط ھو تھ ھو ٻي مڪتب جي ڪاتب وٽ پنھنجو رسم الخط ھو.

    مسٽر پرنگل پنھنجي زير دست آفيسرن کان راءِ گھري تھ ھو جاچ ڪري ٻڌائين تھ سنڌ ۾ سرڪاري لکپڙھ ۽ ماڻھن کي مقامي زبان ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ ڪھڙي رسم الخط ڪارگر ثابت ٿيندي. ان ڏس ۾ ھن تمام گھڻيون ڪوششون ورتيون.هن دور ۾ڪيترائي عملدار سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ متعين هئا. انهن مان ڪيترائي سنڌي زبان لکي ۽ پڙهي به سگهندا هئا، جڏهن ته سنڌي رسم الخط جي سلسلي ۾ سڀني سنڌي ڄاڻندڙن کان راءِ گهري ويئي. ان ۾اهي عملدار به شامل هئا، جيڪي ماتحت مقامي آفيسرن جي مدد سان سنڌي لکي سگهندا هئا.آخر ۾ مسٽر پرنگل جي نظر ٻن انگريز فوجي آفيسرن تي پئي، جيڪي سنڌيءَ سميت هند جي مختلف ٻولين ۾ تمام گھڻي مھارت حاصل ڪري چڪا ھئا. انھن ۾ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن اسٽئڪ ۽ آبپاشي کاتي ۾ مقرر عملدار ليفٽيننٽ فرانسز برٽن شامل ھئا.ڪئپٽن اسٽيئڪ ھيستائين سنڌي گرامر (1849) ۽ انگريزي-سنڌي ڊڪشنري تيار ڪري چڪو ھو. ٻئي طرف برٽن سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ ۾ شڪار جي سلسلي ۾ ڪافي تحقيق ڪري چڪو ھو. ھي ٻئي اھي محقق ھئا، جيڪي اصولي طور تي فارسيءَ جي استعمال کي ختم ڪرڻ جا حمايتي ھئا. ھنن ٻنھي پنھنجي طرفان رپورٽون تيار ڪري سرڪار وٽ جمع ڪرايون .

    مسٽر پرنگل, جارج اسٽيئڪ ۽ رچرڊ برٽن جي تجويزن جي آڌار تي ڪيس ٺاھيو ۽ 26 اپريل 1949ع ۾ پنھنجي راءِ سميت بمبئي سرڪار کي موڪلي ڏنو. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پنھنجي ڪتاب ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽون ۾ لکي ٿو تھ ”پنھنجي خط ۾ ھن لکيو تھ انھيءَ سوال تي ظاھر ڪيل ويچارن ۾ سڌو سنئون اختلاف فارسي ۽ سنڌي لپيءَ مان ڪنھن ھڪ جي چونڊ تي آھي. پرنگل بھ اسٽيئڪ جي سڌاريل خداوادي ورڻمالا ۾ سنڌي لکڻ لاءِ بمبئي سرڪار کي سفارش ڪئي. ھن سرڪاري ڪاروبار ۾ لکپڙھ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي خداوادي لکاوٽ ۾ اپنائڻ لاءِ سفارش ڪندي اھا رٿ ڏني تھ سڀني يورپي ۽ ڏيھي عملدارن کي ھڪ سال اندر خداوادي اکرن ۾لکيل سنڌي ٻوليءَ ۾امتحان پاس ڪرڻ گھرجي. انھيءَ لاءِ سڀني فريادين ۽ عريضين لکندڙن کي نھ فقط اجازت ڏجي پر ھمٿائجي تھ اھي سنڌي ٻوليءَ ۽ ان سڌاريل لپيءَ ۾ سرڪار سان لک پڙھھ ڪن. پھرين ڇھن مھينن تائين سرڪاري آفيس ۾ لک پڙھ فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ قبول ڪئي ويندي، پر ھڪ سال گذرڻ بعد سنڌيءَ ۾ لکيل ڪاغذ منظور ڪيا ويندا.“

    اڄ تائين تاريخ جي ڪتابن ۾ مسٽر بارٽل فريئر جي ڪردار کي خاص طور تي سنڌي رسم الخط ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري طور نافذ ڪري ساراھيو ويو آھي. جڏھن تھ مسٽر پرنگل جي ڪردار کي نظر انداز ڪيو ويو آھي. درحقيقت ان سڄي ڪم جو اھم ڪردار مسٽر پرنگل ادا ڪيو ھو. مسٽر پرنگل جيڪو ٻوٽو لڳايو ھو، ان جو ميوو فريئر کاڌو. مسٽر پرنگل سنڌيءَ کي سرڪاري طور رائج ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو، ھن اسٽيئڪ ۽ برٽن ۽ ٻين کان رپورٽون ورتيون. ھن پنھنجي وسيع تجربي جي آڌار تي سنڌيءَ لاءِ اسڪول کولرايا، بجٽ منظور ڪرائي، آفيسر مقرر ڪرايا، شروعاتي ڪتاب شايع ڪرايا. اسان کي بارٽل فريئر سان گڏوگڏ ھن کي بھ نظر انداز ڪرڻ نھ گھرجي
    [/JUSTIFY]

    مختيار احمد ملاح
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو