• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ اديب سائين شمشير الحيدري کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
sbtzpf.jpg

. هن سال اهو پروگرام هيو ته سائين نثار ابڙو جن به پاڪستان ۾ هوندا ته سنڌ سلامت پاران سائين شمشير جي سالگرهه پارٽي رکنداسون۔ پر سائين شمشير جي اسلام آباد هجڻ سبب اهو پروگرام نه ٿي سگهيو پر ساڳي وقت اڄڪلهه جي حالات ۽ بارشن سبب اهو ياد ئي ڪونه رهيو ته سنڌ جي وڏي شاعر ۽ اديب محترم شمشير الحيدري جو جنم ڏينهن آهي۔

سائين شمشير الحيدري جو تعارف ڪهڙن لفظن سان ڪجي، هو دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر، آزاد نظم جو بنيادڪار، منفرد گيتڪار، با شعور ناٽڪ نگار، باوقار اسٽيج سيڪريٽري خود دار انسان، سماجي ورڪر ۽ ان سان گڏ حڪيم پڻ آهي. هو هر فن مولا آهي، هو مست آهي، ملنگ آهي، ڀوڳائي آهي. اين جي وي ۽ نور محمد ھائي اسڪول ۾ داخلا نه ڏيڻ وارن کي ھي خبر نه ھئي ته هي ٻار اڳتي هلي وقت جو وڏو شاعر ٿيندو ۽ سنڌي ادب جو هڪ روشن منارو ثابت ٿيندو.

سندس زندگي ۽ سندس ڪيل ڪم بابت هڪ جامع ليک پڙهڻ لاء سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔

شمشير علي ولد رسول بخش جعفري، 15 سيپٽمبر 1931 ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس پرورش سندس مامي نذير حسين حيدري ڪئي جيڪو بدين جو تمام گهڻو سماجي ۽سياسي حيثيت رکندڙ ماڻهو هو. جنھن کان متاثر ٿي پاڻ حيدري سڏرائڻ لڳو.

سندس شاعري مان ڪجهه چونڊ سٽون پيش آهن:

هن وقت جي پيالي ۾ ، مڌ پنهنجي حياتي جو
باقي ڪو بچيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي
ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو

يا وري

ابليس کي چئي ڇڏيو ، سجدي جي تياري ڪر
دنيا تي “ انا الحق ” جا اسرار کُلن شايد !

سوريء تي سڏڻ وارا ! هڪ ڳاله ته سوچي ڇڏ
مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد !

بلبل جي بيانن تي برهم نه ٿيڻ گهرجي
آئنده بهارن جا پيغام هجن شايد !

’شمشير‘ کي سڏ ڪريو، ’ شمشير‘ ڪٿي آهي؟
محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد

يا وري هي شعر

شب و روز ’شمشير‘ ڳرندو وڃين،
لڳي وئي زماني جي توکي نظر

ڪڏهن ڪڏهن دوستن لاء به ڳاله ڪري ٿو :

جن گهري ورتي هئي دل، ياد جو تحفو ڪري،
سي به اڄ ’شمشير‘ جي خاطر خبر ڀلجي ويا

تنهنجا اي ’شمشير‘ هي نغما،
ڄڻ ته ڇڄي پيئي ڪا تار!


ڪٿي آهي ’شمشير‘، جو چنگ چوري،
زمانو ته ڀلجي ويو ” چارڻ“ جون ڳالهيون.


f41sfn.jpg


179271_1821310610744_1179567033_32245896_3331254_n.jpg

شمشير جي طبيعت خراب هجڻ سبب هو اڄڪلهه سنڌ ڇڏي اسلام آباد ۾ پنهنجي پُٽ وٽ رهائش پذير آهي. دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏات ڌڻي خوش هجي ۽ اسان جي رهنمائي ڪندو رهي۔

شمشير الحيدري جي شاعري ۽ شمن علي ميرالي جو آواز


شمشير الحيدري جي شاعري ۽ مهجبين قزلباش جو آواز

 
جواب: سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ اديب سائين شمشير الحيدري کي جنم ڏينهن جون واڌايون

محترم محمد سليمان وساڻ جي هن انتهائي خوبصورت جنم ڏينهن جي واڌائين جي توسط سان اسان سنڌ جي ڏاهي ، سنڌ جي وهائو تاري، سنڌ جي کاهوڙي شاعر، محترم شمشيرالحيدري کي سندس هن جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون ڏيون ٿا، ۽ کيس دعائون ٿا ڏيون ته سندس سايو اسان جي سر مٿان سدائين قائم رهي ، ڇو جو پاڻ اسان جا ڇپر ۽ ڇانءُ آهن سنڌي شاعري ۾ اسان کي نت نوان رستا ڏيکاريندڙ هڪڙا سُونهان آهن، سائين شمشيرالحيدري جي شاعري مان اسان کي نت نوان دڳ ۽ نئين منزل جا ڏس پتا ملندا آهن، شال سدائين جُڙيا هُجن۔ آمين
هيپي برٿ ڊي ٽو يو سائين شمشيرالحيدري​
ادا محمد سليمان وساڻ جا ٿورا جو اسان کي سائين شمشيرالحيدري جي جنم ڏينهن جي خوشيءَ ۾ شامل ڪيائين۔
 
جواب: سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ اديب سائين شمشير الحيدري کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سائين جن کي لک لک جنم ڏهاڙو مبارڪ۔۔۔۔۔
 
Back
Top