ڪافي ڏينهن اڳ ادا زاهد سومرو طرفان سنڌ سلامت سائيٽ بابت آگهي ملي ، سچي ڳالهه ته اها آهي ته جڏهن سائيٽ تي اچي حيران ٿي ويم ته خالص سنڌي ۾ سجايل هي محفل ايتري خوبصورت، معلوماتي ۽ تفريحي به ٿي سگهي ٿي۔ ڪئي دفعا جي ڪوشش کان پوءِ به رجسٽريشن ڪرائي نه سگهيس ادا زاهد سومرو سان رابطو ڪيم جنهن ادا ڦلپوٽو جي تحرير جو لنڪ موڪليو جنهن کان پوءِ رجسٽريشن ته ڪرائي ويٺس پر سنڌي لکڻ ڏاڍي ڏکي لڳي ، پنهنجو تعارف ادا زاهد کان ميل ڪرائي ترميم ڪرايم ۽ اڄ رجسٽريشن 'کان پوءِ لڳايو اٿم مهرباني ڪري منهنجي رهنمائي ڪندا۔ منهنجو نالو محمد عرس ذات پريو ۽ اصل رهائيش ضلع دادو ۽ تعلقي خيرپور ناٿن شاه جو هڪ ننڍو ڳوٺ ”پريا“ آهي پر هاڻي ڪراچي ۾ سرڪاري نوڪري جي ڪري فيملي سميت رهائيش پزير آهيان۔ توهان جي رهنمائي رهي ته سائيٽ تي سنڌي لکڻ جي قابل ٿي ويندس ۽ فعال ميمبر ٿي پنهنجي هڙان به شيئر ڪندو رهندس۔
مٺا سائين عرس پريا صاحب، دادو جا سهڻا دوست ته اڳي ئي هن سٿ ۾ آهن، ۽ انهن ۾ زاهد ته اسانجي ڪچهرين جو مور آهي ۽ سندس جي وڏي مهرباني جو هو اسان سان اوهان جهڙا پيارا دوست متعرف ڪرائي پيو ... سائين پريا صاحب اوهان کي هن سٿ ۾ اچڻ تي دلي ڀلي ڪار چئون ٿا ... اميد ته اوهانکي اسانجي ڪچين، مٺين ۽ ڪڏهن ڪڏهن کلائيندڙ ۽ روئاريندڙ ڳالهين مان مزو ايندو ... ۽ اميد آهي ته اوهين به پنهنجي علمي ۽ شخصي تجربن مان ونڊ ڪندا ۽ اسانجي علم ۽ ڄاڻ ۾ واڌاري جو سبب ٿيندا ... دوست وڌن، ميلا لڳن، ڪچهريون ٿين ته دل باغ باغ ٿئي ... اميد ته اسانجا ڀلوڙ دوست اجهو ڪي اجهو اوهانکي گلن جا تحفا پيش ڪندا بلڪ سائين فقير ته اوهانکي شايد مٺائين ۽ ثمرات جا ٽوڪرا به پيش ڪري ... هڪ دفعو ٻيهر ڀلي ڪري آيا ... bhali kareaya sindhsalamatsaathsal
ادا عرس پريا، اوهان کي هن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔۔ اوهان ڪيترا نه خوشنصيب آهيو جو اوهان کي اسان جي هن سٿ جي محترم سائين نثار ابڙو صاحب المعروف سنڌ سلامت جي سٿ پاران (مڪي پاڪ وارو) جيڪو ڪيڏو نه مهان آهي۔۔۔ جنهن هن ناچيز کي ايترا ته لقب ڏنا اٿس جو اهڙيون ڪي به ڳالهيون مون ۾ موجود ناهن۔۔۔ ادا پريا انهن کي چوندا آهن سالڪ ۽ سٻاجهڙا ماڻهو جيڪي اسان جهڙن سان به اديبن وارو رويو رکن پيا۔۔۔ اوهان ته پاڻ کي سڃاڻو ئي باقي جڏهن سائين نثار ابڙو پاڻ سان ويهي ڪري ملاقات ڪئي نه ته پوءِ منهنجي خيال سائين اسان اهڙا تخلص ڪڏهن به ڪونه ڏيندو۔۔۔۔ ادا عرس سائين نثار ابڙو سان گڏوگڏ هتي کوڙ ساري سنگت موجود آهي۔۔۔ بس سائين جي ڳالهه چواڻي ته اجهو ته اوهان کي افطاري وارا فروٽن جا ٽوڪرا ملن تحفي ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني جو اوهان اسان جي چوڻ تي زور ڀريو ۽ سنڌ سلامت تي ڪهي آيا۔۔۔ مان هڪ ڀيرو وري اوهان جو ٿورائتو آهيان۔۔
سائين پرييءَ صاحب ۽ سائين زاهد صاحب لئه افطاريءَ جو سامان حاضر آهي ... ۽ اهو به بلڪل ڪامپليمنٽري دعائن ۾ گڏ
السلام عليڪم ادا عرس پريا صاحب ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا اميد ته اسان جو ۽ توهان جو ساٿ ڀرپور رهندو . ادا عرس پريا ، ڦلپوٽي فقير کي اوهان جي لکڻين جو بي چيني سان انتظار آهي ادا فروٽ ته اوهان کي ملي چڪو آهي پر وري به ........... هي مٺائي قبول ڪندا sindhsalamatsaathsal
اسلام عليڪم سنڌ سلامت جي محبتن ڀريي اڱڻ تي، مزڪون وکيريندڙ ادي زاهد فقير، جا ساٿي، توهان کي هي ناچيز ڀليڪار ٿو چئي۔ وسلام راجا عبدالوهاب (اسلام آباد)
پيارا محترم مٺا سائين عرس پريا صاحب، شال جُڙيو هُجين۔ توهان اسان جي محبتي اڱڻ تي پيار جا پير ڀري آيا، لکين لائق، ڪروڙين قرب۔ اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي پنهنجي دل جي اٿاهه گهرائين سان توهان کي ڀليڪار ٿا چئون۔