وشنو ڀاٽيا : سنڌي ڪهاڻيءَ کي ڇورو ڇِنو ڪري ويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وشنو ڀاٽيا سنڌي ڪهاڻيءَ کي ڇورو ڇِنو ڪري ويو
    تاج جويو

    [JUSTIFY]
    سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد، وشنو ڀاٽيا، 15- سيپٽمبر 2011ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. ڪافي عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ هن کي پوين ڏينهن ۾ شگر جي شديد تڪليف ٿي پئي هئي، جنهنڪري هن جو هڪ پير پڻ ڪاٽيو ويو هو. وشنو ڀاٽيا، ڪراچي، سنڌ ۾ 28 اپريل 1943ع تي، ٽوپڻداس ڀاٽيا جي گهر ۾ جنم ورتو هو، جڏهن ته سندس اباڻو شهر ٺٽو هو. ورهاڱي کان پوءِ مائٽن سان گڏ لڏي وڃي ممبئيءَ ۾ رهيو، جتي جلا وطنيءَ جا 64 سال گذاري، 70 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي گهر، ملند ڪالوني ممبئيءَ ۾ پساهه پورا ڪري، سنڌي ڪهاڻي کيتر کي ڇورو ڇِنو ڪري پنهنجي پرستارن کي آلين اکين سان اڪيلو ڇڏي ويو.

    وشنو ڀاٽيا، ايڏو ڪو اعليٰ تعليم يافته نه هو، هن انٽر آرٽس مان ڀاڄ کائي ڪنهن چواڻي: ’زندگيءَ جي کليل ڪتاب جو وڃي مطالعو ڪيو‘. ڀڄ ڊوڙ جي زندگيءَ ۾ رتن (هندي) ۽ ڪويد (سنسڪرت) جا امتحان به الائي ڪيئن ڏنائين. پر چوڻ وارا چون ٿا ته دنيا جي فڪشن جو کيس وسيع مشاهدو هو. وشنو ڀاٽيا پنهنجي ادبي جيون جو سفر ترجمن سان شروع ڪيو هو، ۽ ان کان پوءِ طبعزاد ڪهاڻيون لکيائين. وشنو ڀاٽيا بنيادي طور تخليقي، بولڊ ليکڪ ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ميدان جي ٽرينڊ سيٽرن مان هو. هُو سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ بدنام ليکڪ طور به مشهور رهيو آهي، ڇو ته سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ ”جنس“ (Sex) جو کليل اظهار موجود آهي، ان حوالي سان سندس ڪهاڻين تي ڪافي تنقيد ٿيندي رهي، خاص ڪري سندس ڪهاڻي ”اَوشواس جو جنم“ تي وڏي تنقيدي ڏي وٺ ٿي هئي. وشنو ڀاٽيا جي اُن روپ تي قلم آرائي ڪندي، هري موٽواڻيءَ سندس ڀيٽ جڳ مشهور مصور ’وان گوگ‘ سان ڪئي آهي، جيڪو به هن وانگر واسنائن جو ڏنگيل هو. هن لکيو آهي ته، ”جهڙيءَ طرح وان گاگ پنهنجي چترن/ تصويرن ۾ هئڊي رنگ جو استعمال ڪري، پنهنجي بُک ۽ بيوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي، تيئن وشنو ڀاٽيا، پنهنجي ڪهاڻين ۾ سيڪس جو اظهار ڪري، پاڻ کي مڪتي ڏياري آهي.“ (’دي گيم‘ ڪهاڻي- ڪتاب جو مهاڳ). وشنو ڀاٽيا جي اهڙين ڪهاڻين ۾ سندس ڪتاب ”دي گيم“ جون سموريون ڪهاڻيون: ’دي گيم‘، ’پروفيشنلس‘، ’ننگائيءَ جو احساس‘، ’پردن ۽ عڪسن جي وچ مان‘، ’وقت جي وڇوٽي ۽ زندگيءَ جو قيد‘ اچي وڃن ٿيون. هنن ڪهاڻين ۾ وشنو ڀاٽيا سيڪس جو شدت سان اظهار ڪيو آهي، نتيجي طور ڪٿي ڪٿي هو ٻوليءَ ۽ فن جون حدون به اورانگهي ويو آهي. سندس همعصرن اعتراف ڪيو آهي ته مُهانڊي مان اَٻوجهه لڳندڙ وشنو ڀاٽيا، فڪشن ۾ ڪافي سنجيدو ۽ گهرو لهي ويندڙ اديب آهي. اُن جو ڪارڻ سندس زندگيءَ جي محرومين جا اُهي ڏنگ آهن، جيڪي هو سڄي ڄمار کائيندو رهيو.

    وشنو ڀاٽيا نه صرف ڪهاڻيون لکيون آهن، پر ڪيترا ناول به لکيا آهن. هن جتي ناٽڪ تي قلم آرائي ڪئي آهي، اُتي تنقيدي- ادبي مضمون به لکيا آهن. هُو ابتدا کان وٺي ڪيترين اخبارن ۽ مخزنن سان لاڳاپيل رهيو، جن ۾: روزاني اخبار ’هند واسي‘ جو سينئر سب ايڊيٽر، ’هند واسي‘ مخزن جو سب ايڊيٽر، ’شانتي‘ (1944ع کان 1947ع تائين) جو ايڊيٽر، ’فلم فئشن‘ (1949ع کان 1970ع تائين) جو ايڊيٽر ۽ ٻماهي ’ڪونج‘ جو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ڪجهه سال سب ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سندس ڪالم، مضمون ۽ ڪهاڻيون، ’سنڌو سنسار‘، جهولي لال، يُگ ڌارا، سپون، رچنا ۽ ڪونج وغيره ۾ لاڳيتيون ڇپجنديون رهيون آهن. سندس ڪالم ”دنيا رنگ رنگيلي“ ۽ هفتيوار ”پوتاميل“ ڏاڍا مقبول ٿيا. وشنو ڀاٽيا جي شايع ٿيل ادب ۾: (1) دل جي بستي (ڪهاڻيون: 1965ع)، (2) چندر مُکي (ڪهاڻيون: 1965ع)، (3) ڏٺل عڪس جو جوڙ (ڪهاڻيون)، (4) سمرتين جو صبح (ڪهاڻيون)، (5) سج جا ٽُڪرا (ڪهاڻيون: 1972ع)، (6) پيارُ ۽ پڇتاءُ (ڪهاڻيون)، (7) احساسن جي انڊلٺ (ڪهاڻيون)، (8) ديوار ۽ تاس جا پتا (ڪهاڻيون: 1977ع)، (9) دي گيم (ڪهاڻيون: 1982ع)، (10) رشتن جو انت (ڪهاڻيون: 2001ع)، (11) دردن ماري دل (ناول: 1963ع)، (12) زندگيءَ جا ڪنارا (ناول: 1969ع)، (13) راڻي ڊارلنگ (ناول)، (14) سوال (ناول: 1976ع)، (15) پيار جو آئينو (ناول: 1981ع، هن ناول جو ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾، ناري پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع ۾ ڇپايو هو)، (16) نئين ساهت جا سوال (مضمون: 1976ع) ۽ (17) ائڪٽر (رام لهيجا جي جيوني) وغيره ڪتاب اچي وڃن ٿا.

    وشنو ڀاٽيا موسيقيءَ، ڊراما، فلمن، سير سفر ۽ دوستن سان گڏجي گهمڻ جو شوقين هو. هن جا ’بيبو او بيبو‘، ’اک ڦڙڪي، دل ڌڙڪي، ’انعام‘ ۽ ’ننڊ نه ڪر نندن‘ ريڊيو ناٽڪ ڪافي مشهور ٿيا. هو ’نئين سنڌي ليکڪ منچ جو ميمبر به رهي چڪو هو. وشنو ڀاٽيا جون ڪهاڻيون هندي، انگريزي، گجراتي، مرهٽي، مليالم، ڪنڙ ۽ تيليگو ٻولين ۾ ترجمو ٿي، وڏي مقبوليت ماڻي چڪيون آهن. وشنو ڀاٽيا کي 1995ع ۾ ممبئيءَ ۾، سنڌي اديبن جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو هو، جنهن تنظيم جو هو 1974ع کان 1978ع تائين ادبي سيڪريٽري به رهي چڪو هو. ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته وشنو ڀاٽيا جو وڇوڙو، موهن ڪلپنا، گُني سامتاڻي ۽ لعل پشپ جي لاڏاڻي کان پوءِ، سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ وڏو نقصان آهي، جيڪو هڪ وڏي عرصي تائين ڀرجي نه سگهندو.

    [/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو