۔۔۔۔۔برسات کي روڪ يا ڪچا گهر نه ڏي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2011۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    دوستو ساٿ سلامت ، سنڌ سلامت
    سڀ کان پهرين مسلسل غيرحاضري لا معذرت، آئون ڳوٺ نڪتل هئس جتي 10 آگسٽ تي برساتن تباهي ڪرڻ شروع ڪئي انهن برساتن جو سڌو سنئون اثر اسانجي ڳوٺ تي معنى ڄڻ مونتي پيو اڃان ان برسات جا ناڪاري اثر ختم به نه ٿيا هئا جو 28 آگسٽ تي برساتن جو ٻيو سلسلو شروع ٿيو جنهن رهيل سهيل ڪسر ڪڍي ڇڏي هن وقت صورتحال اها آهي ته منهنجو ڳوٺ ملڪاڻي شريف 90 سيڪڙو ٻڏي ويو آهي اسان جهڙا ڪجهه نڪ جا ڏاڍا مسجدن، مدرسن ۽ مٿهين گهرن ۾ پناه وٺي ويٺل آهيون باقي پورو علائقو خالي آهي اسان جي يونين ڪائونسل خيرپورگمبو جا 250 ڳوٺ صفا ختم ٿي ويا آهن اڄ ڪجهه دوائون ، کاڌخوراڪ جو سامان وٺڻ لا ڪجهه پيدل ۽ ڪجهه موٽرسائيڪل تي سفر ڪري بدين آيس دير سان پهچڻ سبب ۽ رستي ۾ 2 کان 3 فٽ پاڻي هجڻ سبب رات جو سفر ممڪن نه هو سو رات دوست وٽ بدين ۾ رهي پيس جتي نيٽ جي سهولت ڏسي خيال ڪيم ته اوهان مهربانن سان رابطو ڪجي ، زندگي رهي ته وري ميلا مچائينداسين سڀني دوستن کي دعا جي اپيل آهي۔
    ساٿ سلامت 03002308646، 03332549510
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ۔۔۔۔۔برسات کي روڪ يا ڪچا گهر نه ڏي!

    الله اوهان جي حفاظت ڪندو ۔۔۔

    مان اوهان جي يوفون واري نمبر تي گهڻي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان پر افسوس جو اوهان سان ڳالهه ڪانه ٿي سگهي۔ اوهان جي خبرچار سچل ڳوٺ ۾ ادا حفيظ يا وري چاچو علي نواز ٻڌائيندو رهندو آهي۔ اوهان دوستن لاء دعائون آهن ، مون ته حفيظ کي چيو هو ته اوهان کي چوي ته اوهان به پنهنجي فيمليز ڪراچي وٺي اچو پر اوهان ڪونه آيا۔

    ادا معاف ڪجو جو اسان اوهان جي پرگهور لهڻ ۾ ناڪام ويا آهيون، ان جو سبب نيٽورڪ جو نه هجڻ ۽ وسائل جي ڪمي آهي۔ اهڙي حالات ۾ جڏهن ٺٽي کان ملڪاڻي تائين سمورن روڊن تي احتجاج هجن ۽ ماڻهو حملا ڪري ڏين اهڙي صورتحال ۾ اسان جهڙن ڏٻرن جو پهچڻ ڪجهه ڏکيو آهي۔

    پوء به اوهان لاء ۽ اتي رهندڙ دوستن لاء کوڙ ساريون دعائون پيا ڪيون۔
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ۔۔۔۔۔برسات کي روڪ يا ڪچا گهر نه ڏي!

    دوست واقعي برساتن ڏاڍي تباهي مچائي ڇڏي آهي ، اوهان جهڙن دوستن جي غير حاضري پڻ هن ڳالھ ڏي ڏس پئي ڏي ته اوهان جي علائقن ۾ حالتون ڏاڍيون خراب آهن ، الله تعالى کان دعا ڪريون ٿا ته سنڌ مٿان پنهنجي خاص رحمت نازل فرما ۽ هن ڏکي حالتن مان اسان سڀنن کي ڪڍي ،
    (آمين)
     
  4. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: ۔۔۔۔۔برسات کي روڪ يا ڪچا گهر نه ڏي!

    ادا يونس اوهان جي مهرباني جو اوهان پنهنجي حال کان واقف ڪيو باقي پاڻ بدين وارن جي لا ته هميشه ڏکن کان سوا ٻي ڳالهه نه آهي هتي جا چونڊيل نمائيندا به هيڙي ڏکي گهڙي ۾ عيد جا چنڊ بنجو وڃن ٿا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو