پتي ۾ پٿري جو سبب ۽ علاج پتو جنهن کي انگريزي ۾ gallbadder چئبو آهي ، ناشپاتي جي شڪل وانگر ننڍي ٿيلهي جگر جي هيٺان ۽ کاٻي طرف پٺيان نائين نمبر پسلي جي برابر ۾ واقع آهي. جگر ۾ رطوبت صفرا bile تيار ٿئي ٿي اها جگر ۾ جمع رهندي آهي ۽ ضرورت جي وقت ننڍي آنڊي ۾ ايندي رهندي آهي ، هڪ ئي وقت ۾ 50 تائين صفرا پتي ۾ جمع ٿي سگهندو آهي ، صفرا جو ڪم آهي چڪنائي (سڻڀ) کي هضم ڪرڻ ۽ کاڌل غذا خوراڪ ۾ جيڪا به fat تيار ٿيندي آهي ، صفرا جو معمولي مقدار ۾ شامل ٿي آهي ، جنهن ۾ ڪوليسٽرول به شامل آهي ، صفرا جو معمولي مقدار رت ۾ شامل ٿي رت کي ڇڏو رکي ٿي . صفرا جو باقي حصو ننڍي آنڊي جي مٿين حصي ۾ ڪري هڪ طرف ته سڻڀ کي هضم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو ، ٻئي طرف ان جي تيزابيت آنڊن جي فعل يعني حرڪت کي وڌائي فضلي (پاخاني) خارج ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي .صفرا قدرتي دافع عفونت antiseptic ۽ جراثيم کي مارڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جنهن سبب آنڊن ۾ بدبوءَ وغيره ۽ زخم کان بچاوءُ ٿئي ٿو . نظام هضم معاون ۽ مددگار ٿئي ٿو ، جيڪڏهن صفرا گهٽ خارج ٿئي ٿي ۽ غذا ۾ سڻڀ زياده هجي ته نتيجو بدهضمي ۽ گيس جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو .جڏهن ڪنهن به سبب صفرا ۾ سڻڀ جا جزا وڌي وڃن ته ان صورت ۾ ان ۾ ڄمڻ ۽ سخت ٿيڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي ۽ ذرات جي شڪل ۾ تھه مٿان تھه ڄمي پٿرين جي شڪل پيدا ٿئي ٿي ، اڪثر يتي ۾ پٿريون ڪوليسٽرول سان ئي ٺهن ٿيون ،پتي ۾ پٿرين کي gallstone چئبو آهي ، هڪ طبي تحقيق مطابق پتي ۾ پٿري مردن جي مقابلي ۾ عورتن کي زياده ٿيندي آهي . خاص طور وڌيل وزن وارين انهن عورتن کي جيڪي گهر ۾ ڪم ڪار وغيره نه ڪنديون آهن ۽ کاڌو خوراڪ سڻڀ زياده کائين ٿيون ۽ عمر چاليھن سالن کان مٿي هجي ، ڪڏهن پتي ۾ پٿرين موجود هئڻ جي مريض کي خبر نه هوندي آهي ته ڪنهن مرچ ميالحي ۽ سڻڀ زيداه مقدار کائڻ جي سبب جگر جي جاءِ تي پڻ بار ۽ کچائو محسوس ٿيندو آهي ، غذا کاڌو جلدي هضم نه ٿيندو آهي ۽ الٽي قئي جهڙي ڪيفيت محسوس ٿنيدي آهي ، بدپرهيزي ۽ احتياط نه ڪرڻ جي حالت ۾ پتي ۾ پٿرين جي تعداد وڌڻ سبب يا ورم جي نتيجي ۾ ڪڏهن پتي جي جاءِ تي شديد سور ٿيندو آهي ، پٿرين جي پتي ۾ زياده عرصي تائين رهڻ جي صورت ۾ صفرا جي نالي bile duckt ۾ ڦاسي آنڊن طرف ويندڙ صفرا جي وڃڻ کي روڪڻ سبب رت ۾ صفرا وڌڻ سبب سائي ۽ يرقان پڻ ٿيڻ جو امڪان رهي ٿو . ان کان علاوه به ٻيون پيچيدگيون ممڪن ٿي سگهن ٿيون، پتي ۾ پٿري جي سڃاڻپ لاءِ ايڪسري کان وڌيڪ صحيح طرح ڪرايل الٽراساوئنڊ مان صحيح معلومات ملي سگهي ٿي ، غذا کاڌي خوراڪ جي پرهيز سان گڏ ورزش ۽ پنڌ ڪرڻ ضروري آهي ، سائي پتي واريون ڀاڄيون ڀينڊي ، توري ۽ ساڳ وغيره کائجي هلڪو کاڌو ۽ پيٽ فل ڀري نه کائجي ، ڪڙهائي گوشت۽ تيز مصالحي گهڻي سڻڀ ۽ هر قسم جي نشي کان پرهيز بطور علاج زيتون جو تيل ۾ هڪ چمچي 10_15 ڦڙا ليمي جا ملائي صبح نيراني روزانه پيئڻ مجرب ۽ آزمايل علاج آهي ، هي نسخو ان صورت ۾ فائدو ڪندو جڏهن هڪ ٻه ننڍي اڃان شروعاتي پٿري پتي ۾ هوندي ته ڳڙي وڃي سگهي ٿي ، ڪنهن به حوالي سان پيٽ تي ڀرتي ، بادي ، گيس نه هئڻ گهرجي ، قبض به نه ٿيڻ گهرجي . قبض جي حالت ۾ نذير اسپنگر جي تهي ٻه چمچا رات جو نيم گرم کير ۾ ملائي پيئڻ گهرجي ، دوائن ۽ علاج جي ذريعي پٿرين ختم لاءِ ڪوشش ضرور ڪجي ، جلد فائدي نه ٿيڻ جي صورت ۾ جديد ۽ آسان طريقو ليزر ذريعي پٿري ڪڍرائڻ جو آهي ، جيڪا هر وڏي اسپتال ۾ سهولت موجود آهي ، شرطيه ۽ دعون ڪندڙن جي دعوائن ۽ علاج جي آسري تي لڳي پنهنجو وقت ۽ پئسو ضائع نه ڪجي . بيمارين جا سبب ۽ جديد طبي علاج( حصو پهريون ۽ ٻيون) حڪيم نذير احمد شيخ ڪمپوز ؛ افتخار علي چوهاڻ
جواب: پتي ۾ پٿري جو سبب ۽ علاج۔ سٺو ليک آهي ۔۔ ڪجهه ڏينهن کان اسان جي سنڌ سلامت جو دوست وحيد سمون پڻ ساڳي بيماري جي ور چڙهيل آهي۔ سندس لاء نيڪ خواهشون ۽ دعائون ..................................... سٺو ليک آهي ۔۔ ڪجهه ڏينهن کان اسان جي سنڌ سلامت جو دوست وحيد سمون پڻ ساڳي بيماري جي ور چڙهيل آهي۔ سندس لاء نيڪ خواهشون ۽ دعائون
جواب: پتي ۾ پٿري جو سبب ۽ علاج۔ مهرباني ادا افتخار جن جي جن بهترين طريقي سان سمجهايو ته پتو (Gall Bladder) جو جسم ۾ ڪهڙو ڪم آهي۔۔۔ گڏ انهن اهو به ٻڌايو ته پتي ۾ پٿري جا ڪارڻ ڪهڙا ٿيندا آهن۔۔۔ ادا افتخار جن اهو به ٻڌايو ته هن مرض هئڻ جي صورت ۾ ڪهڙيون احتياطون اختيار ڪجن۔۔۔ مٿين تصوير ۾ واضح آهي ته پتو جيري ۽ آنڊي جي وچ ۾ ٿيندو آهي۔۔ مٿين مضمون کي هن تصوير جي منظر ۾ وڌيڪ آساني سان سمجهي سگهجي ٿو۔۔ ادا افتخار جن اعلاج ۾ لکيو آهي ته: منهنجي خيال ۾ پتي مان ليزر ذريعي پٿري ڪڍڻ جو اعلاج اڃان دريافت نه ٿيو آهي۔۔۔ ها البته مثاني يا گردي مان ليزر ذريعي پٿري کي ٽوڙي سگهجي ٿو جنهن جو پيشاب ذريعي نڪرڻ ممڪن بڻجي سگهجي ٿو ۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ معزز رڪن محترم رحيم بخش جن پڻ هن مرض ۾ رهيا آهن ۔۔۔ پاڻ هوميو پيٿڪ اعلاج ذريعي فائدو وٺي رهيا آهن۔۔ جڏهن ته جستجو باوجود اها خبر ملي آهي ته پتي مان پٿري ڪڍڻ جو اعلاج اڃان تائين دريافت نه ٿيو آهي اهو ئي سبب آهي ته جديد اسپتالن ۾ آپريشن وسيلي مڪمل پتي کي ئي آپريٽ ڪري ڪڍيو وڃي ٿو۔۔۔۔ پر سوال اهو آهي ته الله تعالى طرفان عطا ڪيل جسم جي هن حصي جو ضرور ڪو ڪم هوندو جنهن جو مختصر بيان ادا افتخار جن پڻ ڏنو آهي۔۔ جي ان کي نيڪال ڪيو ويندو ته ان جا ڪاٽو اثر به ٿي سگهن ٿا۔۔ ان سلسلي ۾ جڏهن منهنجي ڊاڪٽرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته انهن سمجهايو ته الله پاڪ طرفان جسم ۾ ڪجهه شيون اضافي طور عطا ڪيل هونديون آهن جنهن ۾ پتو به شامل آهي جيڪو نظامِ هضم کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۾ سٺو ڪردار نڀائيندو آهي ۔۔۔ هن جي نه هئڻ سان ڪي خاص ڪاٽو اثر نه ٿيندا آهن ۔۔ ها البته مريض کي گهربو ته آپريشن ڪرائيڻ کان پوءِ کاڌي پيتي جي غذا ۾ سڻڀ گهٽ ۽ پيٽ ڀري کائڻ کان پرهيز ڪري۔۔۔ (ان سلسلي ۾ دوستن جي وڌيڪ خيالن جو انتظار رهندو)۔۔۔ پتي جي پٿري کي پتي سميت نيڪال ڪرڻ جو جديد طريقو ليپروسڪوپي آهي۔۔۔ جنهن ذريعي جسم ۾ سوراخ ڪري مختلف جديد اوزارن وسيلي اليڪٽرانڪ (ڪمپيوٽرائيزڊ) آپريشن ڪيو ويندو آهي۔۔۔ اهڙي آپريشن کي هن وڊيو ۾ واضح طور ڏيکاريو ويو آهي۔۔
جواب: پتي ۾ پٿري جو سبب ۽ علاج۔ پياري ونڊ۔۔۔ مٿان ادا رشيد لڳايا چار چنڊ۔ ادا چوهاڻ صاحب جي مهرباني جو هنن وقت ڪڍي ان ڪارائتي ليک کي اسان تائين پهچايو۔ ۽ ادا رشيد جا به ٿورا جنهن ان موضوع جو نچوڙ ڪڍي پڌرو ڪيو ۽ ان عمل جو جديد طريقو وڊيو ذريعي پڻ ونڊ ڪيو۔۔۔ مهرباني دوستن جي۔۔۔ ۔
جواب: پتي ۾ پٿري جو سبب ۽ علاج۔ سڀني دوستن جي وڏي مهرباني ، خاص ڪري ادي عبدالرشيد صاحب جن جي جنهن مضمون جو تت کڻي هن مٿان تفصيل ڏني ۽ ويڊيو ونڊ ڪيو جنهن سان هن بيماري بابت کوڙ ساري ڄاڻ ملي ، مهرباني
جواب: پتي ۾ پٿري جو سبب ۽ علاج۔ ادا افتخار ۽ ادا رشيد سمون صاحب اسلام عليڪم۔ڊاڪٽر ۽ حڪيم نه هوندي به توهان ٻنهي مهربانن جهڙي نموني پيتي ۽ ان ۾ پٿري کي تفصيل سان کولي سمجهايو آهي ان جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي۔هر ميڊيڪل جي شعبي کان آڻ ڄاڻ ماڻهو کي به اوهان جي ليکن مان ايتري ته گهڻي معلومات ملي ويئي آهي جو هو پتي جي پٿري واري مريض کي بعير ڪنهن تڪليف جي هينڊل ڪري سگهندو ۔توهان جون وڏيون مهربانيون۔
جواب: پتي ۾ پٿري جو سبب ۽ علاج۔ محترم جناب غلام مصطفي ميمڻ صاحب منهنجي ۽ ادي عبدالرشيد پاران اوهان جي وڏي مهرباني ، اميد آهي ته ساڳي نظر وقت سر اسان جي ٻين ننڌي ننڌي ڪاوشن تي وجهندا رهندا ، مهرباني لک لائق