• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪنهن جو به ڪمپيوٽر Shutdown ڪريو

عامرضياء چارڻ

ٻانهن ٻيلي
انتظامي رڪن
سيڪورٽي انچارج
اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا دوستو،
اميد ڪريان ٿو ته توهان سڀ ٺيڪ ٺاڪ هوندا،
اڄ جيڪا مان شيئرنگ ڪري رهيو آهيان اميد ڪريان ٿو ته توهان سڀني دوستن کي پسند ايندي،
مان هڪ طريقو توهان سان شيئر ٿو ڪريان ٿو جنهن سان توهان ڪنهن جو به ڪمپيوٽر بند ڪري سگهو ٿا۔
ان لاءِ توهان کي ڊيسڪٽاپ تي رائيٽ ڪلڪ ڪري New ٽيب منيو تي اچي Shortcut تي ڪلڪ ڪريو، پوءِ توهان وٽ هڪ ونڊو ايندي جنهن ۾ توهان shutdown -s لکي Next تي ڪلڪ ڪريو،
ياد رهي ته شٽڊائون s- جي وچ ۾ اسپيس ضرور ڏيندا۔
ان کان پوءِ توهان shortcut جو نالو Add ڪندا، پوءِ توهان فنش تي ڪلڪ ڪريو، توهان جي ڊيسڪٽاپ تي هڪ فائل اچي ويندي، ان جو Icon ڪوبه سيليڪٽ ڪري چينج ڪريو۔
مثال طور توهان Shortcut جو نالو My Computer رکيو آهي ۽ Icon به My Computer جو سيليڪٽ ڪيو آهي ته پوءِ ڊيسڪٽاپ تي پهريان My Computer کي هٽائي ڇڏيو۔
هاڻي ڪير به ان کي کوليندو ته ڪمپيوٽر 30 سيڪنڊن ۾ بند ٿي ويندو،
توهان ان کي ڪاپي ڪري ڪنهن به ڪمپيوٽر ۾ رکي ٿا سگهو۔

دعائن ۾ ياد
 
جواب: ڪنهن جو به ڪمپيوٽر Shutdown ڪريو

واهه واههه ۔۔۔۔

سڀني دوستن کي آساني سان مونجهاري ۾ وجهڻ جو سولو طريقو آهي۔

گهڻن ڏينهن کانپوء ادا عامر پاران هڪ بهترين شيئرنگ۔۔۔
 
جواب: ڪنهن جو به ڪمپيوٽر Shutdown ڪريو

ادا اھا ڪا سٺي ڳالھ ڪانھي ته ھرو ڀرو ڪنھن جو ڪمپيوٽر بند ڪجي۔ ڪمپيوٽر جي مطعلق ڪي سٺيون شيون شيئر ڪريو ته جيئن ان مان ڪو فائدو وٺي سگھجي۔
 
Back
Top