سورن مٿي سور!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ نجم الدين ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2011۔

  1. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    کاڻ تباهي جي ڪناري تي!!!
    کاڻ ۽ ڀرپاسي جا سوين ڳوٺ تازين برساتن ۽ سم نالن ۾ پيل گهارن سبب پاڻي هيٺ اچي ويا، هزارن جي تعداد ۾ لڏپلاڻ شروع . ماڻهن ۾ مختلف بيمارين اچي منهن ڪڍيو، چوپايو مال به بک توڻي بيمارين وگهي مرڻ لڳو. سرڪاري امداد اڌوري سو به من پسندن ۾ ورهائجڻ لڳي. هزارين ڦاٿل مجبورن ۽ سوين ڊٺل ڳوٺن جي ڪنهن به سار نه لڌي. عوامي نمائيدا توڻي ڪامورا اڻلڀ. ٻيو ته ٺهيو پر ميڊيا به وساري ڇڏيو. ڏتڙيل غريب ۽ مسڪين اڄ به لاچار ۽ بيوس سرڪاري امداد جو آسرو لاهي الله ۾ آسرو رکي ڪي ته جهريل جهڳين ۾ پيا سور سهن ، ته ڪن ملير وڃي وسايو. جڏهن ٻڌڻ وارا ٻيلي نه ٿيا ته آخر هي بي سهارا ۽ نڌڻڪو عوام ڪنهن کي دانهن ڏي؟ هڪ طرف مڪمل تباهه ٿيو فصل ته ٻئي طرف جهڳا ٿي پيا جهڻ! سوين چوپايي مال جي مرڻ ڪري گندي ٿيندڙ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ انيڪ بيمارين کان هن مرجهايل ماڻهن کي ڪيئن محفوظ بڻائجي؟
    نجم الدين ڪنڀر
    ڳوٺ قائم ڪنڀر،کاڻ
    فون 03013282565
    NIC NO: 44103-5209960-3
    Email: najmudin_mps@yahoo.com
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سورن مٿي سور!!!

    سائين اوهان دوستن لاء نيڪ خواهشون ۽ دعائون ۔۔۔

    سنڌ جي لاڙ واري علائقن ۾ گهني تباهي آئي آهي خاص ڪري اوهان وارا علائقا۔ جيڪڏهن اوهان ڪراچي اچو ته اسان جي اکين تي۔ يا وري ڪنهن ويجهن مٿاهين وارن علائقن تائين پهچو جتي حڪومتي يا انتطاميه به اوهان تائين سولائيء سان پهچي سگهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو