سورن مٿي سور!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ نجم الدين ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2011۔

  1. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    کاڻ تباهي جي ڪناري تي!!!
    کاڻ ۽ ڀرپاسي جا سوين ڳوٺ تازين برساتن ۽ سم نالن ۾ پيل گهارن سبب پاڻي هيٺ اچي ويا، هزارن جي تعداد ۾ لڏپلاڻ شروع . ماڻهن ۾ مختلف بيمارين اچي منهن ڪڍيو، چوپايو مال به بک توڻي بيمارين وگهي مرڻ لڳو. سرڪاري امداد اڌوري سو به من پسندن ۾ ورهائجڻ لڳي. هزارين ڦاٿل مجبورن ۽ سوين ڊٺل ڳوٺن جي ڪنهن به سار نه لڌي. عوامي نمائيدا توڻي ڪامورا اڻلڀ. ٻيو ته ٺهيو پر ميڊيا به وساري ڇڏيو. ڏتڙيل غريب ۽ مسڪين اڄ به لاچار ۽ بيوس سرڪاري امداد جو آسرو لاهي الله ۾ آسرو رکي ڪي ته جهريل جهڳين ۾ پيا سور سهن ، ته ڪن ملير وڃي وسايو. جڏهن ٻڌڻ وارا ٻيلي نه ٿيا ته آخر هي بي سهارا ۽ نڌڻڪو عوام ڪنهن کي دانهن ڏي؟ هڪ طرف مڪمل تباهه ٿيو فصل ته ٻئي طرف جهڳا ٿي پيا جهڻ! سوين چوپايي مال جي مرڻ ڪري گندي ٿيندڙ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ انيڪ بيمارين کان هن مرجهايل ماڻهن کي ڪيئن محفوظ بڻائجي؟
    نجم الدين ڪنڀر
    ڳوٺ قائم ڪنڀر،کاڻ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو