• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪمپيوٽر ۾ انسٽال سڀني سافٽويئرن کي لاڪ ڪيو۔۔

Doctor

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم ،
دوستو اڄ جيڪو مان توهان سان سافٽويئر شيئر ڪرڻ وارو آهيان ان جو نالو آهي GiliSoft Exe Lock 1.6 هي بهترين سافٽوئير انهن دوستن جي لا جيڪي چاهين ٿا ته انهن جي ڪمپيوٽر ۾ موجود انسٽال ٿيل سافٽ ويئرَ ٻيو ڪير به نه هلائي يان توهان جو ڪمپيوٽر توهان جا ٻار به استعمال ڪن ٿا ۽ توهان جا ٻار توهان جي انسٽال ٿيل سافٽ ويئرن جي ڪا فائل ڊيليٽ ڪري ڇڏن ٿا ۽ توهان جا اهي ضروري سافٽ ويئر ڪَرپٽ ٿيو وڃن ته پوءِ هن سافٽويئر جي ذريعي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود ڪنهن به سافٽ ويئر کي لاڪ لڳائي سگهو ٿا۔۔۔
لاڪ لڳل سافٽ ويئر پاس ورڊ کان بغير ڪير به نه هلائي سگهندو۔ ۽ نه ئي ان لاڪ لڳل سافٽ ويئر کي ڪير ڊيليٽ ڪري سگهندو۔ لاڪ لڳائڻ جي لاءِ ان سافٽ ويئر جي شارٽ ڪٽ جي اگر ٺهيل آهي ته ان کي پڪڙي هِن سافٽ ويئر جي مينيو ۾ وجهي ڇڏيو پوءِ اوڪي جو بٽڻ پريس ڪيو ان کان پوءِ آٽو ميٽڪ لاڪ لڳي ويندو۔ ۽ ٻيو طريقو هيٺ موجود اسڪرين شاٽ ۾ موجود آهي۔۔۔
نوٽ۔۔۔۔۔۔
هن سافٽ ويئر کي انسٽال ڪرڻ جي دوران هڪ ڳالهه ياد رکڻ تمام ضروري آهي۔ جڏهن توهان هي سافٽ ويئر انسٽال ڪرڻ شروع ڪندو ته شروع ۾ ئي هڪ پاسورڊ آپشن اچي ويندو۔ توهان اتي ڪوئي به پاسورڊ لکي ڇڏيو پر ان پاسورڊ کي ياد رکڻ تمام ضروري آهي۔ ڇو جو ان پاسورڊ کان بغير نه ئي هي سافٽ ويئر ريموو ٿيندو ۽ نه ئي لاڪ ٿيل سافٽويئرس اوپن ٿيندا۔۔ ته ان ڳالهه جو تمام گهڻو خيال رکندا جيڪو به توهان پاسورڊ منتخب ڪيو ان کي هر حال ۾ ياد رکو۔۔ تمام هي زبردست سافٽويئر۔۔
دوستو ان سافٽويئر کي انسٽال ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٻي فائل جيڪا EXELOCK.EXE جي نالي سان آهي ان کي ڪاپي ڪري جتي سافٽ ويئر انسٽال ٿيو آهي جنهن جو پاتهه هوندو
C:\Program Files\GiliSoft\Exe Lock\ExeLock.exe اِتي پيسٽ ڪري ڇڏجو۔۔ ان کان پوءِ سافٽويئر کي اوپن ڪجو۔۔۔۔۔
سو دوستو جي توهان کي هي سافٽويئر پسند آيو آهي ته هيٺ ڏنل لنڪ تان سافٽ ويئر انسٽال ڪيو۔۔

هتي ڪلڪ ڪري سافٽ ويئر انسٽال ڪيو


2e1zivr.jpg


2yweubo.jpg


nvtjsz.jpg


2ynicyv.jpg
 
جواب: ڪمپيوٽر ۾ انسٽال سڀني سافٽويئرن کي لاڪ ڪيو۔۔

ادا ڊاڪٽر صاحب تمام بهترين ونڊ آهي توهان جو

واقعي به ان سافٽ ويئر جي ڪافي ڪمي ٿئي محسوس ٿئي

جاري رکجو
سدائين گڏ
 
جواب: ڪمپيوٽر ۾ انسٽال سڀني سافٽويئرن کي لاڪ ڪيو۔۔

فقير سائين اوهان جي مهرباني
 
Back
Top