[JUSTIFY]سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران محب وطن تاريخدان، محقق ۽ صحافي پير حسام الدين راشدي جي 100 ساله جشن ولادت تي کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي۔[/JUSTIFY] مُحب وطن تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ انور ساگر ڪانڌڙو [JUSTIFY]مون ڏٺو ته سنڌ جون جيڪي به قديمي تاريخون لکيون ويون آهن، سي سنڌ جي فاتحن جي ثنا ۽ ساراهه ۾ لکيون ويون آهن ۽ انهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نيچ ۽ ڪمذات ڪوٺيو ويو آهي، سنڌي مورخن ساڳي پراڻي غلطي ڪري فارسي تاريخن جي نقالي ڪئي ۽ سنڌ جي فاتحن کي ”ظلِ الله جي لقب سان سڏيو. منهنجي خدمت اها آهي ته مون سنڌ جي تاريخ جي سمورن مجرمن، سياهڪارن، باغين ۽ خونين کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي، هنن سنڌ ۽ اهل سنڌ جي مٿان جيڪو ظلم ۽ تشدد ڪيو، تنهن کي پنهنجين تصنيفن ۾ آشڪار ڪيو اٿم، ان لحاظ کان مون سنڌ جي تاريخ نويسيءَ کي نئون ،وڙ ڏنو آهي“ هن ليک جي شروعات مڃيل محقق ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي جي مٿين سٽن سان ڪري رهيو آهيان، جيئن نامور تاريخ دان جي تاريخي ڪارنامن جو نقشو توهان جي ذهنن ۾ واضع نموني اچي سگهي، بيحسي ۽ بي مروتي جي انتها اها آهي، جو سرزمين سنڌ وٽ هن وقت تائين ڪا مستند يا مڃيل تاريخ نه آهي، اهو قصو هاڻي پراڻو ٿي ويو آهي، هاڻي اسان مرده پرست به نه رهيا آهيون، ڪير آهي، جيڪو ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي کي ياد ڪري؟ جن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سڃاڻپ اسان سان ڪرائي، نه ته شاهه کي فقط سگهڙ ۽ ڳوٺاڻو شاعر ڪوٺيو ويندو هو. مذڪوره عالمن کي سنڌ جي ادب ۽ تاريخ مان ڪڍي ڇڏيو ته پويان باقي ڇا ٿو بچي. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو قدر دان پير حسام الدين راشدي به هن دنيا مان ڪيترا سال اڳ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن مرحوم دائود پوٽي جي ياد ۾ سنڌ جي جيئري جاڳندي تاريخ، يعني جڳ مشهور ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ لکي ڇڏيو آهي جنهن ڪتاب ۾ پير حسام الدين راشدي سنڌ کي تباهه و برباد ڪندڙ بيمارين جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ انهن جي حل بابت سموريون ڳالهيون چٽي نموني بيان ڪيون آهن. سيد حسام الدين راشدي 20 سيپٽمبر 1911ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي نهايت خوبصورت ڳوٺ ”بهمڻ“ ۾ ڄائو، ان حوالي سان هي سال پير حسام الدين راشدي جي سؤ ساله جشن ولادت جو سال آهي، نامور شاعر فيض احمد فيض جي سو ساله جشن ولادت، حڪومت پاڪستان وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي، دنيا ۾ فيض احمد فيض بابت 940 پروگرام رٿيا ۽ سنڌ حڪومت به سنڌ ۾ باوقار پروگرام ڪرايا؛ پر افسوس جو مقام اهو آهي ته پير حسام الدين راشدي جون سؤ ساله تقريبون ملهائڻ لاءِ اڃا تائين ڪابه تياري نه ڪئي وئي آهي، هن موقعي تي پير صاحب جي سوانح کي سمجهڻ نهايت ضروري آهي، مان گذريل سال آڪٽوبر ۾ اهو ڳوٺ ڏسي آيو آهيان، جتي سيد حسام الدين پنهنجو ننڍپڻ گذاريو، اها حويلي به ڏٺم، جتي سيد صاحب جو جنم ٿيو هو، اهو باغ به ڏٺم، جيڪو راشدي صاحب وڏي شوق سان رکرائيو هو، پر هينئر اهو باغ ڦٽل آهي، مون کي پاڻي ۾ تڙڳندڙ اهو ڳوٺڙو ڏاڍو وڻيو، جتي سيد حسام الدين راشدي جي يادن جا بسيرا هئا، مون اها نصرت ريلوي اسٽيشن به ڏٺي، جتي سندن وڏو ڀاءُ پير علي محمد راشدي ۽ پاڻ گڏجي اسٽيشن جي هڪ بابوءَ کان انگريزي سکڻ ايندا هئا، ڀلا اڄوڪي دور ۾ اها ڳالهه ڪنهن کي مڃڻ ۾ ايندي ته پير علي محمد راشدي ۽ سيد حسام الدين راشدي ڪنهن به اسڪول يا ڪاليج ۾ ڪڏهن به نه پڙهيا هئا، پوءِ به ٻئي ڀائر دنيا جي ڏاهن ۽ اسڪالرن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، پير صاحب جي دور ۾ هڪ عامل پاران سنڌي ماڻهن تي ٿيل ظلم جا داستان بيان ٿيل آهن، پير صاحب کي فخر آهي ته هن تاريخي ڪتاب ۾ سنڌ جي سياسي انتظامي ۽ ملڪي واقعن کان علاوه جغرافيائي ۽ اقتصادي حالتون تفصيل سان بيان ڪيل آهن، هن ڪتاب بابت پير صاحب پاڻ لکي ٿو ته: ”جنهن تاريخي ڪتاب (تاريخ مظهر شاهه جهاني) جو قيمتي نسخو گذريل ٽن سو سالن ۾ ڪنهن کي ملي نه سگهيو، خود سر هينري ايليٽ جهڙو باوسائل مستشرق به ان جي زيارت کان محروم رهيو. جنهن پنهنجي ڪتاب ”تاريخ هند“ کي تالف ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪتابن گڏ ڪرڻ واري مهم ۾ سڄي هندستان ۽ يورپ جا ڪتب خانا تلاش ڪيا هئا.“ اردو ۽ فارسي جا بيشمار اسڪالر لکن ٿا ته سيد صاحب جڏهن پنهنجي وطن سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندو هو. يا وري ڪا راءِ ڏيندو هو، ته سندس اکين ۾ خوشيءَ وچان، خاص قسم جي چمڪ اچي ويندي هئي، فارسيءَ ۾ 25 وڏا ڪتاب ايڊٽ ڪيائين، ڪتاب اهي ايڊٽ ڪيائين، جن جو تعلق سنڌ سان هو، سنڌ جي نالي تي فارسي ۾ ايترو ڪم ڪيائين جو 6 مارچ 1947ع ۾ ايراني سرڪار، دنيا جي ڏهن عالمي اسڪالرن کي تهران يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽريٽ جي اعليٰ ڊگري واري اعزاز سان نوازيو. انهن ڏهن خوش نصيبن ۾ پير حسام الدين جو نالو به شامل هو. 1961ع ۾ ايوب خان، پير صاحب کي ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر پير صاحب هڪ آمر کان اهڙو اعزاز وٺڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن جمهوريت کي يرغمال بڻائي عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪئي هئي، سنڌيءَ ۾ وڏي محنت ۽ ڪٺن جفاڪشي سان ٻارنهن ڪتاب لکيائين، اردوءَ ۾ پنج ڪتاب لکيائين. ان کان سواءِ سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾ سوين مضمون ۽ مقالا تحرير ڪري، پوري هندستان، پاڪستان ۽ عجم کي پنهنجي لکڻين جو محور بڻايائين، زندگي جا آخري پنج سال ڪينسر جي موذي مرض ۾ سڙندي ۽ ڪنجهندي گذاريائين. آخري ڏينهن ۾ سنڌي ادب جي تاريخ لکڻ جي تمنا هئس، انهن آخرين ڏينهن ۾ سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪتاب ”تاريخ رشيدي“ ايڊٽ ڪري رهيا هئا، پر زندگي پنهنجي بيوفائي تي لهي آئي، آخرڪار پهرين اپريل 1982ع ۾ تاريخ جي هن ادنيٰ خادم پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. کيس سندس وصيت موجب قومي قبرستان ”مڪلي“ ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي احاطي ۽ سنڌ جي سپوت شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڀرسان دفنايو ويو، جيترو وقت جيئرو هو، مڪلي جي شهيدن بزرگن ۽ سورمن جي شاندار تاريخ رقم ڪندو رهيو ۽ مرڻ کان پوءِ به پنهنجي جسد خاڪيءَ کي انهن سان گڏ رکرايائين، ايتري وڏي جدوجهد کان پوءِ اهو سوال معنيٰ رکي ٿو ته هاڻي سنڌ جو مٿس ڪهڙو قرض رهيو؟[/JUSTIFY] عوامي آواز ميگزين تان ورتل
جواب: پير حسام الدين راشدي : محقق، صحافي ۽ تاريخدان (100 ساله جشن ولادت تي کيس ڀيٽا) تمام بهترين ونڊ آهي ادا سائين بابت توهان جيڪا قيمتي معلومات ونڊ ڪئي آهي ان تي توهان کي جس هجي سدائين گڏ
جواب: پير حسام الدين راشدي : محقق، صحافي ۽ تاريخدان (100 ساله جشن ولادت تي کيس ڀيٽا) سنڌ جي تاريخ کي سچائي سان پيش ڪندڙن مان پير حسام الدين راشدي جو نالو سر فهرست آهي۔ سنڌ کيس سندس اهڙي لازوال ڪم تي سدائين ڀيٽا پيش ڪندي رهندي۔