ڊينگي وائرس کان بچاو لا احتاطي تدبيرون ۽ نسخا

'صحت سرير جي' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 سيپٽمبر 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڊينگي وائرس کان بچاو لا احتاطي تدبيرون ۽ نسخا
    [​IMG]
    دنيا جي لڳ ڀڳ هڪ سئو ملڪن ۾ ڊينگي وائرس ڦهلائڻ وارا 38 قسم جا مڇر آهن جن مان پاڪستان ۾ رڳو هڪ قسم جو مڇر موجود آهي، دنيا ۾ هر سال هن بيماري جا 5 ڪروڙ ڪيس سامهون اچن ٿا. ڊينگي بخار کي صرف حفاظتي تدبيرن ذريعي ئي روڪي سگهجي ٿو. پاڪستان سميت ايشيا ۾ ڊينگي بخار جو خطرو وڌي رهيو آهي، ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته ايشيا ۾ ڊينگي جي وڌندڙ ڪيسن جو سبب گرمي پد ۾ اضافو، ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتون، ٻوڏ ۽ وڌندڙ آبادي آهي. عالمي صحت واري اداري تنبيهه ڪئي آهي ته جيڪڏهن حڪومتن ضروري قدم نه کنيا ته ڊينگي بخار سان دنيا جي تقريبن اڍائي ارب آبادي کي ان مان خطره پيدا ٿي سگهن ٿا، گڏيل قومن تحت ڪم ڪندڙ هن اداري ايشيا پيسفڪ جي 37 حڪومتن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي پنهنجي ملڪ ۾ اهي هن خطرناڪ بيماري کان بچاءُ لاءِ هڪ علائقائي حڪمت عملي جي توثيق ڪن. پاڪستان ۾ ڊينگي وائرس اڃا تائين رڳو ملڪ جي ڪجهه شهرن تائين محدود آهي پر ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ڊينگي بخار ڦهلجڻ جو شديد خطرو آهي، انهيءَ ڪري هن مرض کان بچاءُ لاءِ وقت تي ۽ موثر قدم کڻڻ سان ئي ان کي وبائي طور ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي ٿو. پنجاب سميت ٻين صوبن ۽ صحت جي وفاقي وزارت کي به ان صورتحال جو سنجيدگي سان هنگامي بنيادن تي فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ڊينگي سرويلنس سيل کي فعال ڪري فوڪل پرسنز نامزد ڪرڻ گهرجن ڇو ته موثر آگاهي مهم ۽ وقت تي قدم کڻڻ سان ئي ان مرض کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هن مرض کان بچاءُ صرف ۽ صرف ڊينگي مڇر جي خاتمي سان ئي ممڪن آهي، اهو مڇر جتي پيدا ٿيندو آهي اتي ان لاءِ مڇر مار دوائون ڪثرت سان استعمال ڪرڻ گهرجن، رات جو مڇرداني لڳائي سمهڻ گهرجي، مارڪيٽ ۾ اهڙا تيل به آهن جيڪي جسم ۽ هٿن جي کليل حصن تي لڳائڻ سان مڇر توهان کي چڪ نه هڻندو، مڇر جي چڪ (ڏنگڻ) سان وائرس به ڪيترن ئي قسمن جا آهن پر هن بيماري جو ڦهلاءُ انسانن ۾ هڪ خاص قسم جي مڇر سبب ٿيندو آهي ۽ هن مڇر جو نالو Aedes Aegypfi آهي، جڏهن ڪو مڇر هڪ ڊينگي بخار ۾ ورتل بيمار ماڻهو کي چڪ هڻي ڪنهن ٻئي ماڻهو کي چڪ هڻندو ته اها بيماري ڦهلجي سگهي ٿي، اها بيماري عام طور تي دنيا جي گرم علائقن ۾ ٿئي ٿي، هن بيماري جو ڦهلاءُ مليريا وانگر آهي، اها بيماري عام طور تي آفريڪا، انڊونيشيا، ٿائي لينڊ ۽ انڊيا ۾ اولهه بنگال جي علائقن ۾ ٿئي ٿي.طب يوناني (اسلامي) يا هربل سسٽم آف ميڊيسن هن مرض جي علاج جي حوالي سان ٻين طريقن سان علاج وانگر خاموش نه پر دنيا جي سمورن معالجن جي رهنمائي ڪري ٿو ۽ جديد طريقي سان علاج ڪندڙ معالج ڊاڪٽر به ان سان متفق آهن ۽ فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. ڪنسلٽنٽ فيملي فزيشن ۽ يوناني ميڊيڪل آفيسر جي پريڪٽس، تحقيق ۽ ڪلينيڪل ٽرائلز مطابق ماکي ڊينگي بخار لاءِ هڪ بهترين علاج آهي، هڪ چمچو ماکي هڪ ڪپ هلڪي گرم پاڻي ۾ ملائي صبح نيراني پيئو ان کان علاوه منجهند جو ۽ رات جو ماني کائڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ هلڪي گرم پاڻي ۾ ماکي استعمال ڪرڻ گهرجي. پروپولس (رائل جيلي) جيڪا ماکي جي مک جي ماناري مان نڪرندي آهي هڪ طاقتور اينٽي انفيڪشن، اينٽي بيڪٽيريل ۽ اينٽي وائرل آهي، يورپ ۾ اها عام طور تي ملي وڃي ٿي پر پاڪستان ۾ اسان ماکي ڪڍڻ کانپوءِ ماناري مان اها جيلي حاصل ڪري سگهون ٿا. هن ماناري جا ٽي ٽي گرام جا پيس ڪٽي وٺو ۽ هڪ ٽڪرو صبح منجهند شام ۽ رات، ڏينهن ۾ چار ڀيرا چٻاڙي رس چوسي وٺو، پروپولس جي گهربل مقدار حاصل ٿي ويندي، ان سان قوت مدافعت ۾ زبردست اضافو ٿيندو آهي، جنهن سان ڊينگي وائرس گهڻو نقصان نٿو پهچائي سگهي. ان کان علاوه پپيتي جا پن به هن مرض جو شافي علاج آهن، پپيتي جا تازا پن يا انهن جو رس صبح شام پيئڻ سان Platelets ڪجهه ڪلاڪن ۾ بهتر ٿي ويندي آهي. ان کان علاوه ڪارا مرچ، ڪلونجي، چرائتو، انسلين هر هڪ ڏهه گرام سنهو پيهي وٺو ۽ هڪ گرام ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا صبح منجهند شام کائي وٺو. ٻيو ته اجوائن ۽ ڦودني جي پنن جو ڪاڙهو (ڪاري چانهه) به ڊينگي بخار جي مريض لاءِ فائديمند آهي. ڊينگي بخار کان متاثر ماڻهو وٽامن، وٽامن بي ۽ وٽامن سي تي مشتمل خوراڪ جو استعمال ڪن. ان کان علاوه چانور، مڱن جي دال، کچڻي، شلجم، چقندر، گجر، بند گوبي، ڪريلو، ڏاڙهون، سنترو، نارنگيون ۽ زيتون جو استعمال به هن مرض ۾ فائديمند غذا آهي. احتياط علاج کان بهتر آهي انهيءَ ڪري احتياطي تدبير جي طور تي سرڪو ۽ بصر جو استعمال ڪري ڊينگي جي وائرس کان بچي سگهجي ٿو، ڪافور گهر ۾ مختلف هنڌن تي رکو، ۽ جيڪڏهن ڪافور ڪنهن تيل يا ڪريم وغيره ۾ شامل ڪري جسم تي لڳائيندا ته مڇر ويجهو نه ايندا، ان کان علاوه ڊينگي مڇرن کان بچاءُ لاءِ ليمن گراس نالي وڻ (ٻوٽو) گهر ۾ رکيو وڃي، اهو ٻوٽو سنگاپور سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڊينگي وائرس کان بچاءُ جي طور تي موثر ثابت ٿيو آهي.

    ڪاوش( نازڪ) جي ٿورن سان

     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊينگي وائرس کان بچاو لا احتاطي تدبيرون ۽ نسخا

    تمام سٺو ۽ معلوماتي مضمون آهي۔

    پر ڳالهه اها آهي ته برسات متاثر علائقا جتي پاڻي اڃان جام بيٺل آهي، ماڻهن کي کاڌ خوراڪ جون سهولتون ناهن، اتي مٿيون شيون نملڻ گهڻو مشڪل آهي۔ باقي اسان شهرن ۾ رهندڙ ته سولائيء سان بچاء ڪري سگهون ٿا۔ هتي سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ٻه ڏينهن اڳ اسپري ڪرائي هئي پوري ڳوٺ ۾ پر پوء به ٻئي ڏينهن مڇرن ۾ ڪا گهٽتائي نظر ڪانه آئي۔

    ان جو سبب مڇرن جي واڌ، پاڻي جو گڏ ٿيڻ ۽ نقلي دوائون پڻ آهي۔
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ڊينگي وائرس کان بچاو لا احتاطي تدبيرون ۽ نسخا

    ادا هِن بيماري جي تشخيص به ڏاڍي ڏکي ٿيندي آهي۔ هِن جي ٽيسٽ بيماري کان 3 ڏينهن کان پوءِ ٿيندي آهي۔ جنهن م خبر پوندي آهي۔ تيستائين رت جا اڇا جُزا مسلسل سڙندا رهن ٿا جنهن جو ڪو به تدارڪ ناهي نه وري بخار لاهڻ جو ڪو طريقو۔ مريض جا اِهي 3 0ڏينهن عذاب ۾ هوندا آهن۔ اڇا جزا (پليٽيليٽ) جن جي نارمل رينج (حد) 150 کان 400 آهي اُهي گهٽ ٿيندا وڃي 30 تي پهچندا آهن۔ بهرهال وري به جي اهي اڇا جُزا پاڻمُرادو وڌڻ لڳن ته پوءِ علاج شروع ٿيندوآ هي نه ته انهن اڇن جُزن جو ٿيلهيون لڳنديون آهن جيڪو خطرناڪ آهي۔

    پر جيڪڏنهن اِهي پاڻ وڌڻ لڳن ته پپيتن جي پنن جو پاڻي ڪڍي پيئارجي ته پليتيليٽ تمام تيزي سان وڌندا آهن۔اهو منهنجو پنهنجو ذاتي تجربو آهي۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڊينگي وائرس کان بچاو لا احتاطي تدبيرون ۽ نسخا

    ادا معلومت ڏيڻ لاء اوهان جي مهرباني ۔
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڊينگي وائرس کان بچاو لا احتاطي تدبيرون ۽ نسخا

    مضمون پسند ڪرڻ لاءِ دوستن جي وڏي مهرباني ،
    باقي ادي عبدالحفيظ جن به سٺا نسخه ٻڌايا آهن ،
    الله تعالى هن بيماري مان ڇپٽڪارو فرمائي ، ڏاڍي خراب بيماري آهي ۔
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڊينگي وائرس کان بچاو لا احتاطي تدبيرون ۽ نسخا

    ادا الله سائين اسان تي رحم فرمائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي حڪومت جو ڪو حال ڪون آهي ماڻهن کي پنهنجي جي لاء خود انتظام ڪرڻ گهرجي پنجاب حڪومت جيترو ڪم ڪري رهي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن اهڙو حال هت ٿي ويو ته اسان وارا ته آهن ئي گهوريا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس الله خير ڪري

    تمام ڪارائتو ونڊ ڪيو اٿو
     
  7. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ڊينگي وائرس کان بچاو لا احتاطي تدبيرون ۽ نسخا

    تمام سٺو ۽ معلوماتي مضمون آهي۔
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڊينگي وائرس کان بچاو لا احتاطي تدبيرون ۽ نسخا

    ادا عرس ۽ ادا عدالواحد مضمون پسند ڪرڻ لا اوهان جا ٿورا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو