ڊينگي وائرس اپ ڊيٽس

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 سيپٽمبر 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سبب 50 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون

    حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڊينگي وائرس جا انگ اکر مليا آهن. هڪ سروي مطابق ڊينگي وائرس سبب تازو هن وقت تائين 50 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. پنجاب صوبي ۾ هڪ ڏينهن ۾ 10 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ڊينگي خاص مڇر آهي. جنهن ۾ ايڊز نالي سان هڪ وائرس موجود هوندو آهي. جنهن جي ڏنگڻ سان مريضن کي مليريا جيان بخار اچي وڃي ٿو، مناسب وقت تي علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ موت ٿي سگهي ٿي. 2010 ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا هئا، هن سال پنجاب ۾ اهي وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن. 50 سال جو اهو پراڻو ڪيس 2003ع ۾ هڪ ڪيس پاڪستان ۾ ٿيڻ سان پکڙيو هو. 2008 ۾ عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ مطابق ته دنيا جا 37 اهڙا ملڪ آهن، جتي ڊينگي جي ڪري 2 ارب تائين جي آبادي متاثر ٿي سگهي ٿي. رپورٽ مطابق 2009 ۾ سريلنڪا ۾ ڊينگي وائرس سبب 35 سئو انساني جانيون ضايع ٿيون هيون. سنڌ ۾ هن وقت تائين 250 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جن ۾ 11 ڪراچي جا ڪيس آهن. باقي ڪيس خيرپور، نوشهروفيروز، نوابشاهه، عمرڪوٽ، سکر، حيدرآباد ۾ ظاهر ٿيا آهن.
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پنجاب ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت، مريضن جو انگ ساڍا 7 هزار ٿي ويو

    لاهور/اسلام آباد(بيورو رپورٽ/آن لائن) پنجاب ۾ ڊينگي جو شڪار وڌيڪ چار مريض فوت، صرف لاهور ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 40 ٿي ويو، جڏهن ته ڊينگي بخار ۾ مبتلا مريضن جو انگ ساڍا ست هزار کان ٽپي ويو آهي جن ۾ 6 هزار جي لڳ ڀڳ مريض لاهور جا آهن . ڪالهه لاهور ۾ ڊينگي سبب موت جو کاڄ بڻيلن ۾ ٻه عورتون، هڪ نوجوان ۽ هڪ پيرسن شهري شامل هئا. هوڏانهن وڏي وزير شهباز شريف ڊينگي بخار ۾ مبتلا مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ لاهور ۾ وڌيڪ هڪ هزار نرسون ڀرتي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي . جڏهن ته صوبائي حڪومت جي فيصلي تي عمل نه ڪندي مريضن کان رت جي چڪاس جي في 90 رپين کان وڌيڪ وصول ڪندڙ ليبارٽرين خلاف ڪارروائي ڪندي لاهور ۾ 47 ليبارٽرين کي سيل ڪيو ويو آهي . جڏهن ته سڄي شهر ۾ گاڏيون ڌوئڻ واريون سروس اسٽيشنون پڻ اڻڄاتل مدي تائين بند ڪرايون ويون آهن . لاهور بعد ڊينگي بخار جو گهڻو زور صوبي جي ٻئي نمبر وڏي شهر فيصل آباد تي آهي جتي ڪالهه تائين مريضن جو انگ 300 ٿي ويو هو، اهڙي ريت ملتان ۾ ڪالهه وڌيڪ 3 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ 69 ٿي ويو آهي، هوڏانهن پنجاب کانپوءِ ڊينگو وائرس وفاقي دارالحڪومت ۾ به تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ ڊينگي جي شڪ ۾ 4 ٻارڙن سميت 43 ماڻهن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جن مان 9 ڄڻن کي ڊينگو وائرس هئڻ جي تصديق ٿي، پمز اسپتال ۾ ڊينگي ايمرجنسي سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر روبينا ٻڌايو ته ڊينگي متاثرن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن جي ٽيسٽن جون رپورٽون اڃا رهيل آهن، اهڙي صورتحال کانپوءِ خوف ۾ رت ٽيسٽ ڪرائڻ وارن ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
    ڪاوش جي ٿورن سان
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڊينگي ڦوهاري سان ختم نٿو ٿئي،ان جا آنا 2 سال محفوظ رهن ٿا:ڊاڪٽر

    لاهور(بيورو رپورٽ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ڊينگي وائرس جا خطرا 15 هين نومبر کان گهٽجڻ شروع ٿيندا ، ان وقت تائين سمورا عملدار ۽ ماهر هن بيماري کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا رهن . هو لاهور ۾ ڊينگي بابت سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو . سيمينار ۾ سريلنڪا مان آيل ماهرن پڻ ڊينگي جي پيدائش ۽ پلجڻ جي حوالي سان آگاهي ڏني . شهباز شريف چيو ته حڪومت اڪيلي سر ڊينگي جي وائرس جو خاتمو نه ٿي ڪري سگهي، ان لاءِ عوام کي ماحول صاف رکڻو پوندو ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻو پوندو جنهن ۾ ڊينگي پيدا ٿي پلجي ٿو . ان ڪري عوام کي هن بيماري کان بچڻ لاءِ تجويز ڪيل احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻا پوندا، ٻي صورت ۾ ڊينگي جو خاتمو ممڪن نه ٿي سگهندو پر هاڻي ڊينگي جي خاتمي لاءِ ماڻهن کي حڪومت سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪرڻو پوندو ، حڪومت هن چئلينج کي اڪيلي سر منهن نه ٿي ڏئي سگهي. هن ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته اهي سريلنڪا جي ماهرن مان فائدو حاصل ڪندي ڊينگي متاثر مريضن جي علاج تي ڌيان ڏين . سريلنڪا جي ماهرن ڊينگي جي بچاءُ ۽ علاج تي ليڪچر ڏنو ۽ چيو ته پليٽ ليٽس ڊاڪٽر مريضن کي پليٽ ليٽس هڻڻ کان جيترو پاسو ڪن اوترو بهتر آهي ۽ مرض جو علاج دوائن سان ڪيو وڃي . هنن اهو به ٻڌايو ته اسپري سان ڊينگي جا آنا ختم نه ٿيندا، هنن آنن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي ٻيا طريقا استعمال ڪرڻا پوندا. ڇاڪاڻ ته هنن آنن مان هڪ خاص گرمي پد ۾ ڊينگي پيدا ٿئي ٿو ۽ سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ڊينگي جا آنا ٻن سالن تائين محفوظ رهن ٿا ۽ ٻن سالن بعد هو خاص گرمي پد ۽ گهميل فضا ۾ ان مان ڊينگي نڪرن ٿا . هنن پنجاب جي حڪومت ۽ عوام کي خبردار ڪيو ته اهي ڊينگي کان بچاءُ لاءِ پنهنجي پنهنجي طور تي هر ممڪن ڪوشش ڪن ، ڇاڪاڻ ته هنن لاهور جي پارڪن ، نالن ، ڪئنالن ، اسپتالن ، اسڪولن ۽ مختلف پاڙن ۾ جيڪي نمونا حاصل ڪيا آهن اتي ڊينگي جا آنا موجود آهن، ان ڪري ان جي خاتمي جا اپاءُ نه ورتا ويا ته ايندڙ ڏينهن ۽ ايندڙ سال ڊينگي جو مڇر وڌيڪ پکڙجي ويندو . انهن جو چوڻ هو ته مڇيون مڇرن جو خاتمو آڻين ٿيون، ان ڪري سرڪاري سطح تي مڇي فارم لڳايا وڃن، ڳورهارين عورتن کي ڊينگي جو مرض هئڻ سان ٻار تي فرق نٿو پوي.
    ڪاوش جي ٿورن سان
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڊينگي سنڌ ۾ به پکڙجڻ لڳو، حڪومت ڪا به هنگامي حڪمت عملي نه جوڙي

    ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچيءَ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊينگي بخار جا 269 ڪيس رپورٽ ٿيڻ باوجود صحت کاتي پاران ڪابه هنگامي حڪمت عملي ناهي جوڙي وئي، جنهن ڪري برسات متاثر علائقن ۾ ڊينگي وائرس وڌڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، 18 سيپٽمبر تائين صحت کاتي جي ڊينگي سرويلينس سيل پاران سڄي سنڌ ۾ ڊينگي جا 269 ڪيس ظاهر ڪيا ويا آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ 251 ڪراچي شهر ۾ رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، نوشهروفيروز ۽ ٽنڊو الهيار ضلعن ۾ ٻه-ٻه ۽ نوابشاهه، خيرپور، سانگهڙ ۽ سکر ۾ هڪ هڪ ڊينگي جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي، ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ 18 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، ڪالهه به ڪراچي شهر جي مختلف اسپتالن ۾ بخار ۾ ورتل ڪيترن مريضن جي رت جا جزا ورتا ويا آهن، جن جي رپورٽ اڄ جاري ڪئي ويندي، واضح رهي ته سنڌ ۾ هن وقت تائين ڊينگي سبب 3 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن ۽ اهي ٽئي ڪيس ڪراچيءَ ۾ رپورٽ ٿيا آهن، برسات کانپوءِ بيٺل پاڻي خراب ٿيڻ ۽ اتي مڇرن جي پيدا ٿيڻ وارن خدشن باوجود صحت کاتي اڃا تائين اسپري وغيره جو ڪوبه جوڳو بندوبست ناهي ڪيو، جنهن ڪري ڊينگي وائرس وڌڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، هوڏانهن ڪراچيءَ ۾ شهري حڪومت جي نگرانيءَ ۾ مختلف مارڪيٽن بازارن ۽ رهائشي علائقن ۾ مڇر مار اسپري جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ جا اڃا ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتان برساتي پاڻي نيڪال ٿي ناهي سگهيو، هوڏانهن ڊينگي سرويلينس سيل جي انچارج ڊاڪٽر شڪيل ملڪ بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ڊينگي ٽيسٽنگ ڪٽس فراهم ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ مڇر مار اسپري به ڪيو پيو وڃي، جنهن هوندي به حڪومت اڪيلي ڪجهه به نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته ڊينگي جو علاج ممڪن آهي پر اهو سٺي ڊاڪٽر کان باقاعدگي سان ڪرايو وڃي.
    ڪاوش جي ٿورن سان
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    دوستن کي گذارش آهي ته وقت سر هن موذي بيماري جا رپورٽ هتي شامل ڪندا رهن جئين هن بيمار بابت ڄاڻ ملندي رهي ۔ مهرباني
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊينگي وائرس اپ ڊيٽس

    ڪجهه ڏينهن اڳ مان به ڊينگي بابت اهڙي ئي قسم جي پريشاني جي چنتا ڏني هئي۔

    سنڌ ۾ موجود برساتن جي پاڻي جو ڪٺو هجڻ اسان لاء ضرور پريشاني پيدا ڪندو۔ تنهنڪري هيليڪاپٽر ذريعي جي اسپري ڪيا وڃن ته بهتر نتيجا نڪري سگهن ٿا۔ باقي هٿ سان ڪيل اسپري ذريعي هيڏي وڏن علائقن کي سنڀالڻ ممڪن ناهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو