
مائڪروسافٽ ورن جو اعلان آهي ته ونڊوز 8 فيبروري 2012 ۾ رليز ڪئي ويندي۔۔ ان سلسلي جي پهرين ڪڙي طور ونڊوز8 جو هڪ مختصر ورجن جيڪو بيٽا بجاءِ ڊولپر ورجن چورائي ٿو۔۔۔ رليز ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔ جنهن سان گڏ ئي سمورن ڊولپرن کي دعوت ڏني آهي ته ونڊوز جي هن ورجن کي ڏسن ۽ ڪنهن ڪيوري جي نشاندهي ڪن ته جيئن اوريجنل ورجن ۾ مسئلن کي فڪس ڪري سگهجي۔۔۔
پنهنجي آفيشل بلاگ تي ان ڳالهه جي اعلان سان گڏ هن ونڊوز جو metro style پڻ متعارف ڪرايو آهي۔۔
ان طرح هن ورجن اچڻ سان اهي ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ جيڪي نون نون ورجن کي پنهنجي ڊوائيسز ۾ رکڻ جا شوقين آهن پڻ پنهنجو شوق پورو ڪري سگهن ٿا۔۔۔ پر ياد رهي ته ونڊوز جي هن ورجن کي ان پي سي ۾ انسٽال ڪرڻ جي هدايت ٿيل آهي جنهن ۾ ٽچ اسڪرين هجي۔۔
ان باوجود به اهي ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ جيڪي ٽچ اسڪرين جي سهولت نه ٿا رکن هن ونڊوزکي انسٽال ڪري سگهن ٿا۔۔۔ جيتوڻيڪ اهي metro UI مان فائدو نه وٺي سگهندا ۔۔۔ پر ان کي ان انسٽال ڪري ونڊزو8 کي بيٽا ورجن طور مزو وٺي سگهن ٿا۔۔۔
هتي ڪلڪ ڪري ونڊوز 8 جي هن ورجن جون وڌيڪ اسڪرين شاٽس پڻ ڏسي سگهجن ٿيون۔۔۔ ۽ ان کي انسٽال ڪرڻ سان گڏو گڏ مختصر نظاري لاءِ هي وڊيو پڻ حاضر آهي۔۔۔
هن ورجن کي هوئن ته پروفيشنل سائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو پر توهان جي سهولت لاءِ ڊائريڪٽ لنڪ پڻ ڏجي ٿو۔۔۔