[JUSTIFY]مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته چنڊ اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي! اُن ۾ اِهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ مادي فلسفي ۾ اعتبار رکندڙ چون ٿا ته حسن ڪوئي دائمي قدر نه آهي، ان جي تصور ۾ زمان ۽ مڪان جي فاصلي سبب ڪيتروئي اختلاف آهي. پر مان پڇان ٿو ائين ڇو آهي ته دؤر قديم کان وٺي اڄ تائين چنڊ کي حسين سمجھيو ويو آهي؟ اهڙو ڪوئي به دؤر ۽ اهڙي ڪائي به جاءِ نه آهي، جتي انسان چنڊ کي حسين نه سمجھيو هجي. اُن ۾ اهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ ۽ انسان ۾ اهو ڇا آهي جو ان جي حسن کان يڪدم متاثر ٿي وڃي ٿو؟ انهن ٻن سوالن جو جواب مون لاءِ خودشناسيءَ جو درجو رکي ٿو. ڇوته اِن کانپوءِ مان سمجهي سگھندس ته مان شاعر ڇو آهيان. (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي) ــــــــــــ شيخ اياز[/JUSTIFY]
جواب: چنڊ اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي ! تمام پيارو ونڊ۔۔۔۔ ان کانپو مان سامجهي ويندس ته مان شاعر ڇو آهيان۔۔۔۔۔
جواب: چنڊ اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي ! تمام بهترين چونڊ آهي، لفظن جي ننڍڙي مجموعي ۾ وسيع ترين داستان سمايل آهي۔ ونڊڻ جي مهرباني۔۔ دعا ۾ ياد۔ ۔
جواب: چنڊ اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي ! مهرباني ادا حوصلا افزائي جي مهرباني عظيم شخصيتن جا جملا گهري معنى رکندا آهن۔