مستقل قومي مسئلو

[FONT=&quot]
[/FONT]
ڏسان ٿو رت جو طوفان پنهنجي سنڌ جي دل ۾
حياتيون هن اچي ڦاٿيون، مچيو محشر آ محفل ۾

ٿيون ويران جهوليون ۽ ڪريا ڪونڌر، ڌڻي گهر جا
رحم جي رڳ ئي ناهي رکيل آقاءِ قاتل ۾

چون ٿا پاڻ کي پڙهيا لکيا، هٿيار هٿ ۾ هن.
فرق باقي رهيو ڇا تن ۾ ۽ بيڪار جاهل ۾

هي جيڪو سنڌ ۾ هڪ مــــــستقل قــــومي مــــــسئلو آ
رڪاوٽ آبڻيل هي سنڌ جي مارُن جي منزل ۾

[FONT=&quot]دعا ۾ ياد[/FONT]
[FONT=&quot]
[/FONT]​
 
جواب: مستقل قومي مسئلو

دوست عمران درويش به هاڻي بهترين شاعري ڪري رهيو آهي

لاجواب

سنڌ جو درد شل قائم رهي
 
جواب: مستقل قومي مسئلو

هي جيڪو سنڌ ۾ هڪ مــــــستقل قــــومي مــــــسئلو آ
رڪاوٽ آبڻيل هي سنڌ جي مارُن جي منزل ۾

هٿيارن جو مسئلو صرف سنڌ جو ناهي۔ هاني اهو مسئلو سڄي دنيا جو مسئلو آهي۔

پر صوفين جي ڌرتي سنڌ ۾ جڏهن ماڻهو مرندي ڏسندو آهيان ته دل رت جا ڳوڙها روئندي آهي۔

اوهان پنهنجي احساسن کي لفظن ۾ سٺي طرح بيان ڪيو آهي۔
 
پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا سليمان پر شايد اوهان ان مستقل قومي مسئلي کي
سڃاتو نه آهي جيڪو هنن لفظن ۾ لڪيل آهي۔۔۔۔۔ جيڪڏهن انهن ٽنهي لفظن
جي شروعاتي اکر کي الڳ ڪندا ته شعر سمجهه ۾ اڇي ويندو۔۔۔۔۔۔

دعا ۾ ياد۔

۔

.....................................

دوست عمران درويش به هاڻي بهترين شاعري ڪري رهيو آهي

لاجواب

سنڌ جو درد شل قائم رهي

قرب اوهان دوستن جا جو منهنجي ٽٽل ڦٽل شاعري کي ايترو مان ڏيو ٿا۔
مهرباني۔۔۔

.....................................

ادا عمران تمام بهترين ء خوبصورت ونڊ شيئر ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني ۔

توهانجي به وڏي مهرباني ادا پسند ڪرڻ جي ۔
دعا ۾ ياد
 
Back
Top