استاد گلزار علي خان جي شخصيت ۽ فن

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ورسيءَ جي حوالي سان
    استاد گلزار علي خان جي شخصيت ۽ فن
    ڪمال ڄامڙو

    [JUSTIFY]خان صاحب منظور علي خان جيتري سنڌي موسيقيءَ جي خدمت ڪئي اوتري شايد ئي ٻئي ڪنهن ڪئي هجي، هن کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته وڌ ۾ وڌ سريلا راڳي خان صاحب ئي ٺاهيا، هن جي شاگردن نه رڳو سنڌ ۾ پر سنڌ کان ٻاهر به پنهنجو نالو ڪڍيو ۽ پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو، استاد جي اهڙن شاگردن منجهان استاد گلزار علي خان به هڪ هو. هن راڳ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي، هن جو اصل نالو گلاب هو، سندس مرشد مهدي شاهه مٿس گلزار علي نالو رکيو، ان وقت گلزار علي جي عمر ڏهه سال هئي، گلزار علي خان، محمد مراد خان دائي جي گهر ۾ 1934ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ دهات ۾ ڄائو، هن پرائمري تعليم دهات مان پرائي.

    کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو، ڳائڻ هن کي ورثي ۾ مليو، اٺن سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين، سندس پيءُ محمد مراد خان دايو به ڳائيندو هو، هن راڳ جي سکيا پهريان پنهنجي پيءُ کان پوءِ ماسٽر مهر علي لاڙڪاڻي واري کان ورتي، تڏهن هو پندرنهن سورنهن سالن جو هو، بعد ۾ استاد منظور علي خان کان سکيائين، ان وقت هن جي عمر 25 سال هئي، هو استاد منظور علي خان جي پيارن شاگردن منجهان هڪ هو، هن استاد کان تمام گهڻو پرايو هو ۽ استاد وارو انداز اپنايو هو، جنهن ڪري به هن کي تمام گهڻي موٽ ملي.

    1955ع ۾ ريڊيو حيدرآباد ٺهيو ته گلزار علي خان ان سان لاڳاپجي ويو، ڪيترن سالن تائين هو اتي خدمتون ڪندو رهيو، وري جڏهن مارچ 1983ع ۾ ريڊيو خيرپور شروع ٿيو ته اتي هو هڪ موسيقار جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، ريڊيي تي اچڻ کان پوءِ هو ٽي ويءَ تي ڳائڻ لڳو، ٽي ويءَ تي کيس پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو، سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون به رليز ٿيون، هن ٽيهه پنجٽيهه سال ريڊيي ۽ ٽي ويءَ وسيلي فن جي خدمت ڪئي.

    1985ع کان بيمار رهڻ لڳو، ڊاڪٽرن کيس نه ڳائڻ جي صلاح ڏني پر ان جي باوجود هو ڳائيندو رهيو، مٿس ٻه ڀيرا اڌ رنگ جو حملو به ٿيو، دل ۽ بڪيون متاثر ٿيون. 1990ع کان پوءِ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، مختلف اسپتالن ۾ سندس علاج ڪرايو ويو پر زندگيءَ کان جنگ هارائي ويو. جناح اسپتال ڪراچيءَ جي ڊاڪٽرن کيس لاعلاج ڪري ڇڏيو ته مائٽ کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا، جتي 1992ع ۾ ٻاويهين سيپٽمبر اڱاري جي ڏينهن شام جو ٽين وڳي دم الله سائينءَ حوالي ڪيائين. هو تقريبن سڀ ساز جهڙوڪ، باجو، طبلو، ڍولڪ، بينجو، ستار، تانپورو، وائلن وغيره مهارت سان وڄائي ويندو هو.

    استاد گلزار علي خان لاڙڪاڻي شهر ۾ راڳ سيکارڻ جو اسڪول به کوليو هو، جتي ڪيترن ئي ڳائڻن کي سکيا ڏنائين. هن جي شاگردن ۾ غلام شبير سمون، حنيف لاشاري، عبدالحميد راڄپر، سڄڻ سنڌي، نجم علي مڱڻهار، عبداللطيف مهر، غلام قادر، مختيار علي ۽ عبدالغفور سومرو وغيره شامل آهن.[/JUSTIFY]

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو